مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

عبدالحميد ميمڻ

عبدالحميد ميمڻ جو جنم، ميمڻ محله موري ۾ محمد ابراهيم ميمڻ جي گهر اندر، 05 سيپٽمبر 1962ع تي ٿيو. سندس والد صاحب ان وقت روينيو ڊپارٽمينٽ نواب شاھہ ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار هو. سندس ڏاڏو ڊاڪٽر عمر مرحوم (متوفي 1966ع) موري جي ڄاتل سڃاتل شخصيت هئي. عبدالحميد جو والد صاحب ان وقت هائر جو امتحان پاس ڪري هيڊ منشي سڪينڊ ڪلاس مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. مرحوم محمد ابراهيم 1968ع ۾دل جي دوري پوڻ سبب نواب شاھہ ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندي انتقال ڪري ويو.
عبدالحميد ميمڻ، پرائمري تعليم احمد شاھہ پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري مئٽرڪ 1978ع ۾ موري هاءِ اسڪول مان پاس ڪئي. انٽر سائنس جو امتحان 1980ع ۾، مھراڻ ڊگري ڪاليج موري مان پاس ڪرڻ بعد بي. اي 1982ع ۾ ۽ ايم. اي اڪنامڪس 1984ع ۾( پرائيويٽ ڪينڊيڊيٽ طور) شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪيائين. قانون جي سَندَ 1985ع ۾”سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد“ مان ورتائين.
عبدالحميد ميمڻ، هڪ بھترين ڊبيٽر پڻ رهيو آهي. هاءِ اسڪول موري ۾ پڙهڻ دوران هن ڪيترن تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو، جن مان هن ڪيترن ڊبيٽن ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. هن ڪانٽريڪٽر جي حيثيت سان پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. پاڻ ٻہ سال مارڪيٽ ڪاميٽي موري ۾ انسپيڪٽر طور پڻ ڪم ڪيائين ان بعد اريگيشن، روڊس، بلڊنگ، ايجوڪيشن ۽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ٺيڪيداري ڪيائين. ڪجهہ عرصي بعد موري جي سينئر وڪيل محترم عبدالڪريم ميمڻ وٽ وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪيائين. ڪجهہ وقت کان پوءِ هن بلڊرس جو ڪم شروع ڪيو ۽ 1999ع ۾ هن ”علي بلڊرز اينڊ ڊولپرز“ جي نالي سان هڪ فورم جوڙيو، جنھن جو پاڻ ايم ڊي آهي. 1999ع ۾ هن باءِ پاس مورو ٽائون شروع ڪئي جنھن جو باقاعدہ افتتاح بہ ساڳي سال ٿيو ۽ اهو خوبصورت ۽ منفرد وڏو رهائشي منصوبو هو، جيڪو پاءِ تڪميل تي پھچايائين. ان کان پوءِ ”گارڊن سٽي“، ”هيون سٽي“ ۽ ”بزم سٽي“ جھڙا رهائشي منصوبا شروع ڪيا ۽ نوشھري فيروز ۾ پڻ هن ”بزم اوينيو“ جھڙي اسڪيم شروع ڪئي.
عبدالحميد ميمڻ، 2006ع ۾ ايڊووڪيٽ طور سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڻ کي انرول ڪرايو. سندس شادي 31 ڊسمبر 1994ع تي ٿي، کيس ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي. عبدالحميد ميمڻ، ”سگا“ موري شاخ جو 1988ع ۾ ميمبر ٿيو. 89-1988ع ۾ موري شاخ جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 91-1990ع ۾ پاڻ موري شاخ جو صدر چونڊجي آيو. سندس صدارت واري دؤر ۾ ”سگا“ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، ساڻس گڏ جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ هو، جيڪو پڻ برانچ ۾ تمام گهڻو ايڪٽو رهيو. عبدالحميد ۽ نثار احمد گڏجي بھترين ڪم ڪرايا، انھيءَ دؤر ۾ ”لطيف لائبريريءَ“ جي مرمت جو ڪم ٿيو ۽ ”لطيف لائبريري“ ۽ آفيس جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز محترم نثار احمد صديقي، 15 جون 1990ع تي ڪيو. انھيءَ ٽينوئر ۾ موري جي مھراڻ ڪلب ۾، ’مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ‘ جو اجلاس ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي صدارت هيٺ پڻ ٿيو. قومي سماجي ڪارڪن عبدالحق مرحوم جي زندگيءَ تي سندن دؤر ۾ ڪتاب پڻ ڇپايو ويو.
عبدالحميد ميمڻ، ”سگا“ موري کان علاوہ چيئرمين آف SAHARA، 15 ــ 2014ع کان اڄ تائين سلھاڙيل آهي. ان کان علاوہ ”يونائيٽيڊ ميمڻ ايجويڪشنل اينڊ سوشل ويلفيئر سوسائٽي“ جو چيئرمين رهيو آهي ۽ مھراڻ سٽيزن ڪلب موري جو لائيف ٽائيم ميمبر پڻ آهي.
عبدالحميد ميمڻ، پنھنجي آتم ڪٿا لکي آهي جيڪا 2008ع ۾ ”گهاريل گهڙيون“ جي نالي سان خوبصورت پيپرتي، خوبصورت گيٽ اپ، سيٽ اپ سان شايع ٿيل آهي. هن وقت پاڻ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.