پروفيسر شمشاد احمد سومرو
شمشاد سومرو بھترين نثرنگار آهي، سندس گهڻو تـڻو ڌيان تحقيق جي پاسي آهي. سندس ڪيترائي تخليقي ۽ تحقيقي مضمون، مقالا، ڪالم ۽ خاڪا مختلف تحقيقي جرنلَ، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. شمشاد سومرو گهڻ پڙھيو ماڻھو آھي. ھُو ٽرپل (Triple) ايم. اي. آهي، جيڪو سندس لاءِ وڏو تعليمي اعزاز آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي علمي ادبي ماحول مليو.
شمشاد احمد سومري لکڻ جي شروعات 1982ع کان ڪئي. لکڻ جي حوالي سان سندس رهنمائي سندس والد صاحب ڪئي. ھُو خانداني ليکڪ آھي، سندس والد صاحب فتح الدين سومرو ”بيدار“ مورائي پڻ تمام وڏو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ھو.
شمشاد احمد سومرو سُٺي ليکڪ سان گڏ، سُٺو محقق، سُٺو استاد ۽ سُٺو سماج سڌارڪ پڻ رھيو آھي.
پروفيسر شمشاد احمد ولد فتح الدين سومرو، 06 سيپمٽبر 1963ع تي موري، تعلقي موري ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. هُن پرائمري تعليم سنڌي پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول دل چنڊ ۽ احمد شاھہ منجهان پاس ڪيا. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول موري مان 1978ع ۾ ۽ انٽر مھراڻ ڪاليج موري 1980ع ۾ پاس ڪيائين. بي. اي. 1984ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پاس ڪيائين. شمشاد سومرو ٽرپل (Triple) ايم. اي. آهي. ايم. اي. پولٽيڪل سائنس 1986ع ۾ ۽ ايم. اي. اڪنامڪس 1988ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پاس ڪئي اٿائين. جڏھن تہ ايم. اي. سنڌي ادب 1990ع ۾ شاھہ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڏنائين. بي. ايڊ. 1990ع علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪيائين. پاڻ ايم. فل پڻ ڪئي اٿائين، سندس موضوع ”شاھہ نصير نوشھرائي ۽ ان سلسلي جي شاعرن جو تحقيقي جائزو“ آهي.
پروفيسر شمشاد احمد سومرو، جون 1987ع ۾ جي. ايس. ٽي ٿيو سندس پھرين مقرري/ فرسٽ پوسٽنگ گورنمينٽ مڊل اسڪول ماکنڊ ۾ ٿي، جتان سندس بدلي گورنمينٽ مڊل اسڪول منھڙو ۾ ٿي، جتي 1989ع کان 1990ع تائين رھيو. ان بعد 1990ع ۾ سندس ترقي/ پروموشن ايڇ. ايس. ٽي طور ٿيو ۽ سندس مقرري گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مبارڪ ٻُرڙو ٿي. ھو 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، سنڌي جو ليڪچرار ٿيو، ۽ 8 اپريل 1993ع تي گورنمينٽ ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ جوائن ڪيائين، جتي 31 ڊسمبر 1996ع تائين رھيو۰ پھرين جنوري 1997ع تي استاد بخاري گورنمينٽ ڪاليج دادو ۾ جوائن ڪيائين، جتي مارچ 2006ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جو پروموشن ٿيس ۽ پوسٽنگ ساڳئي ڪاليج دادو ۾ ٿيس. 2018ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پروموشن ٿيس ۽ 26 جون 2018ع تي گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج موري ۾ جوائن ڪيائين، جتان 5 سيپٽمبر 2023ع تي رٽائر ڪيو اٿائين.
شمشاد احمد سومري لکڻ جي شروعات 1982ع کان ڪئي. لکڻ جي حوالي سان سندس رهنمائي سندس والد صاحب ڪئي. شمشاد احمد سومرو نثرنگار ۽ محقق آهي، سندس 100 کان مٿي تحقيقي ۽ تخليقي مضمون، مقالا، ڪالم ۽ خاڪا لکيل آھن، جيڪي مختلف تحقيقي جرنلن ۽ رسالن، ٽماھي ”مھراڻ“، ماھوار ”امرتا“، ماھوار ”ڪينجهر“، ماھوار ”سوجهرو“، ماھوار ”نئين زندگي“ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
شمشاد احمد سومرو 1982ع ڌاري، سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جو ميمبر ٿيو. پاڻ ٻہ ڀيرا ان جو سيڪريٽري بہ رهي چُڪو آهي. ھُو خليق مورائي اڪيڊميءَ جو چيئرمين/ سيڪريٽري پڻ رھيو آهي. پاڻ 1990ع ۾ ”سگا“ شاخ موري جو ميمبر ٿيو، ان جي مختلف ڪاميٽين تي رھيو آهي.
پروفيسر شمشاد احمد سومري جا مرتب ۽ تحقيق ڪيل ٻہ ڪتاب ”سامي سفر ھليا“، ”پير نعمت ﷲ قريشي جي سوانح حيات ۽ تعليمات“، مرتب ڪيل. ۽ ٻيو تحقيقي ڪتاب ”ڪيئن ريجهايان توکي“ (فقير سليمان شاھ بودلائيءَ جو ڪلام) مارچ 2013ع ۾ ساهتي ادبي اڪيڊمي نواب شاھہ پاران شايع ٿي چُڪا آھن. جڏنھن تہ ھيٺيان ڪتاب اڻ ڇپيل اٿس: (1) ”جوڳيئڙا جھان ۾“ (موري جي قاضي خاندان جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتن جو تحقيقي جائزو)، (2) ”موري جا مور“ (موري جي سؤ کان مٿي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو تذڪرو) (3) ”نينھن ڪيم نروار“ (موري جي جيّد عالم، اديب، شاعر مولوي قاضي محمد صادق مورائي جي سوانح حيات ۽ شاعري) (4) ”ساهتيءَ جا ساهتڪار“ (ساھتي جا ھندستان لڏي ويل شاعرن، اديبن، ناول نگارن ۽ ناٽڪ نويسن جو تذڪرو) (5) ”ساهتي جا ماڳ مڪان“، (6) ”ساهتيءَ جا سرجڻھار“ (ساھتي جا اديب، شاعر، ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ محقق) (7) ”ساهتي جا صوفي بزرگ، ۽ شاعر“ (8) ”ساهتيءَ جون وستون ۽ واهڻ“، (9) ”ريلائي بزرگن جو تاريخي تحقيقي تذڪرو“، (10) ”ڪوٽڙي ڪبير: تاريخي قديمي مقبرا، مسجدون، آثار قديمہ“، (11) ”درٻيلي جا مخدوم بزرگ“ شامل آهن.
پروفيسر شمشاد احمد سومرو، ”سگا“ موري شاخ جو 1990ع ۾ ميمبر ٿيو. 04 ــ 2002ع ۾ شاخ جو نائب صدر چونڊيو ويو. 06 ــ 2004ع ۾ پريس سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. 09 ــ 2006ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر، 21 ــ 2018ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 24 ــ 2021ع ۾ جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. پاڻ هن وقت 27 ــ 2024ع ۾ موري شاخ جو صدر آهي. 2023ع ۾ کيس ”سگا“ مرڪز پاران بھترين اسڪن ڪئمپ هڻائڻ جو ايوارڊ ڏنو ويو.
پروفيسر شمشاد احمد سومري کي سندس علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي عيوض ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آھن، جن ۾ ”ريکائون“ پاران ادبي تحقيقي ايوارڊ، خدا آباد ۾ ڪلھوڙا سيمينار ۾ تحقيقي مقالي تي ايوارڊ، شھيد مخدوم عبدالرحمان ادبي ڪانفرنس ۾ تحقيقي مقالي تي ادبي ايوارڊ، پروفيسر مظھر ميمڻ فائونڊيشن ڪراچي سنڌ پاران بيسٽ سماجي اڳواڻ ايوارڊ، ”سگا“ مرڪز پاران بيسٽ اسڪن ڪيمپ ايوارڊ ذڪر جوڳا آھن. کيس ٽن پٽن محمد جواد، محمد حامد ۽ محمد جلال جو اولاد آھي. وٽس بھترين ذاتي ڪتب خانو/ لائبريري پڻ آهي، جنھن ۾ لڳ ڀڳ اٺ ھزار ڪتاب موجود آھن.
