موري جو کاهوڙي، قومي ادبي ۽ سماجي ڪارڪن محترم عظيم سنڌي
عظيم سنڌي، پنھنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان ڪئي ۽ 1972ع ۾ مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جي اسٽوڊنٽس يونين (شاگرد يونين) جو ”لٽرري سيڪريٽري“ ۽ 74-1973ع ۾ شاگرد يونين جو ”صدر“ چونڊيو ويو. ”عظيم سنڌي“، شاگرد يونين ۾ گهڻو سرگرم رهيو ۽ يونين پاران ڪاليج اندر ڪيترائي فنڪشن ڪرايائين، جنھن ۾ ان وقت جي قوم پرست ليڊر شپ ۽ نالي وارن اديبن سميت مشھور عالم ۽ اسڪالر شريڪ ٿيا. شھيد عبدالرزاق سومري جي شھادت کان پوءِ هن ”شھيد عبدالرزاق ادبي سنگت“ جو بنياد وڌو ۽ ان جي پليٽ فارم تان شھيد جي چاليھي تي ڀرپور سياسي پروگرام ڪرايو. هن سنگت پاران شھيد جون 1973ع کان 1976ع تائين ورسيون، قومي ڪارڪنن سان گڏ ڀرپور ۽ شاندار نموني سان ملھايون، جنھن ۾ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻ بسون ڀري شرڪت ڪئي. شھيد عبدالرزاق جي ورسين ۾ سائين امداد محمد شاھہ، قاضي محمد بخش ڌامراھہ، چاچو عبدالحفيظ قريشي، سيد ظفر علي شاھہ ۽ ٻيا اڳواڻ ڀرپور شرڪت ڪندا هئا. شھيد عبدالرزاق ادبي سنگت پاران سنڌ جي اديبن سان رهاڻيون ۽ ادبي پروگرام ڪيا ويا، جن ۾ عبدالحڪيم ”ارشد“، تاج جويو، خاڪي جويو، حافظ محمد بخش خاصخيلي، اختر مورائي، پروفيسر نذير قاضي اچي وڃن ٿا. ان کان علاوہ 4 مارچ ۽ ٻيا قومي ڏهاڙا پڻ ملھايا ويندا هئا. هن سنگت جا سيڪريٽري عظيم سنڌي (بنياد وجهندڙ سيڪريٽري) ڪامريڊ عبدالخالق سومرو، غلام ﷲ سومرو، پروفيسر شمشاد سومرو ۽ ٻيا رهيا آهن.
عظيم سنڌي، سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جي بنياد وجهندڙ ساٿين مان هڪ آهي ۽ ان جو پھريون سيڪريٽري پڻ رهيو آهي، جنھن جو بنياد 1976ع ۾ سائين راشد مورائي جي اوطاق تي وڌو ويو. سندس دؤر ۾ ڪيترن شاعرن، اديبن سان شامون ۽ رهاڻيون رچايون ويون جن مان سرفھرست فتاح ملڪ، خاڪي جويو، استاد بخاري، راشد مورائي، خان محمد پنھور اچي وڃن ٿا. عظيم سنڌيءَ جو سنڌي ادبي سنگت سان 1976ع کان اڄ تائين گهرو تعلق رهيو آهي.
عظيم سنڌيءَ جي اوطاق/ ماڙيءَ تي سدائين سنڌ جي اديبن جا ميڙا متل هوندا هئا، اڪثر سنڌي اديب، قومي ۽ سماجي ڪارڪن هن وٽ ايندا هئا. سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي شاعر استاد بخاريءَ ۽ عظيم سنڌيءَ جي دوستي پڻ مثالي هئي. استاد، اڪثر موري ايندو هو ۽ عظيم وٽ اچي روح رهاڻ ڪندو هو. ”عظيم“ کي استاد بخاريءَ جي تمام گهڻي شاعري ياد آهي جيڪو هر تقرير دوران موقعي ۽ مناسبت سان پڙهندو آهي ۽ محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن. عظيم سنڌيءَ وٽ اسٽيج هلائڻ جو فن پڻ اُتم آهي. ”روشن تارا ڪي جي اسڪول“ (جيڪو مھراڻ ڪي جي اسڪول جي نالي سان شروع ٿيو اڳتي هلي روشن تارا جي نالي سان سڏيو ويو) مورو، جيڪو 1977ع ۾ ”مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽيءَ“ پاران قائم ڪيو ويو، ان سوسائٽيءَ جو عظيم سنڌي بنيادي ميمبر ۽ روشن تارا جو بنياد وجهندڙ ميمبر ۽ ”فنانس سيڪريٽري“ پڻ رهيو آهي. پاڻ ان سوسائٽيءَ جو بعد ۾ ”انفارميشن سيڪريٽري“ ۽ ”جنرل سيڪريٽري“پڻ اٺ سال رهيو ۽ اڄ ڏينھن تائين سوسائٽيءَ جو سرگرم ميمبر آهي.
عظيم سنڌي، ”سگا“ موري جي بنياد وجهندڙ ميمبرن مان هڪ آهي، سندس ”سگا“ ۾ ميمبرشپ نمبر 10 آهي ۽ ميمبر ٿيڻ جي تاريخ 02 جنوري 1976ع اٿس. عظيم، ”سگا“ موري جي بنيادي باڊي 1976ع جو ”اطلاعات سيڪريٽري“ پڻ رهيو آهي ۽ اڄ تائين ”سگا“ سان نباهيندو اچي ٿو. عظيم سنڌي 1977ع ۾ ”سگا“ موري جو ”اطلاعات سيڪريٽري“ چونڊجي آيو ۽ 1978ع کان 1980ع تائين ٽي سال ”جنرل سيڪريٽري“ پڻ رهيو آهي. هن پيرڊ ۾ موري شاخ جو صدر، ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ هو. هنن سالن ۾ صحت ۽ ايجوڪيشن تي پڻ خاص ڪري وڏو ڪم ٿيو. عظيم صاحب 82-1981ع ۾ ”ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي“، 83-1984ع ۾ ”اطلاعات سيڪريٽري“، 87-1986ع، 88-1989ع، 93-1992ع ۾ ”ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي“، 97-1996ع ۾ ”صدر“ ۽ 98-1999ع ۾ بہ ”ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي“ رهيو آهي. ”عظيم صاحب“ ان کان علاوہ ”سگا“ مرڪز جو سکر ڊويزن مان 99-1998ع، ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. 06-2004ع، 09-2006ع، ۽ 18-2015ع ۾ موري شاخ جي ”ڪاروباري ڪاميٽيءَ“ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. عظيم سنڌي پنھنجي زندگيءَ جون سونھري بھارون ”سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ جي نانءُ ڪري ڇڏيون ۽ نيڪ نيتي سان خدمت جي جذبي تحت پنھنجن ماروئڙن جي سيوا ڪئي. سندن دؤر جو وڏو ڪارنامو، ’روشن تارا ڪي. جي. اسڪول‘ مورو آهي.
محترم عظيم سنڌي، بھترين سماج سڌارڪ سان گڏوگڏ هڪ بھترين ليکڪ ۽ خوبصورت شاعر آهي. سندس هڪ آزاد نظمن تي مشتمل ڪتاب ”مٽيءَ جي مھڪ“ شايع ٿيل آهي. جڏهن تہ هيٺيان ڪتاب اڻ ڇپيل اٿس. ”رچي نڪتا رنگ“ (بيتن تي مشتمل ڪتاب)، ”عظيم جا غزل“ (غزلن جو ڪتاب)، آزد نظمن تي آڌاريل ڪتاب ”تنھن عشق کي شاباش“ (موري جي شخيصتن تي ڪتاب)، ”دل جو دفتر“ (ڪالمن تي مشتمل جيڪي خادم وطن، عوامي آواز ۾ ڇپيل اٿس) ”سنڌ جا مشھور ملھه پھلوان“، (ملھن تي)، ”استاد بخاري جون يادگيريون“. ان کان علاوہ عظيم سنڌي سڄي سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندڙ آهي. عظيم صاحب ”ساڃاھہ ڪلچر فورم“ ۽ ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو آهي. عظيم سنڌي، ”وليج ڪميونٽي اسڪولس“ جو 1996ع ۾ ”نواب شاھہ ضلعي جو ڪو آرڊينيٽر“ ۽ 1997ع ۾ ”ڪوآرڊينيٽر ضلعي رابطہ ڪاميٽي وليج ڪميونٽي اسڪولس“ نوشھرو فيروز ۽ نواب شاھہ پڻ رهيو آهي.
محترم عظيم سنڌي صاحب، سرڪاري نوڪر ٿيڻ بجاءِ پورهيو ڪري هر فيلڊ ۾ ويندي اولاد ۽ گهرتائين پاڻ عزت ۽ فضيلت سان پاڻ ملھايو اٿس. ٻين تي ڀاڙي ويھڻ بجاءِ هميشہ پاڻ سُڃاڻي ڪنھن آڏو هٿ ڪين ٽنگيو اٿائين. سندس تاريخ، علم ادب، سُر سنگيت، ڪوڏي ڪوڏي، ملھه ايسوسيئيشن ۽ ملھه پھلوانن خاص طور تي غلام سرور جتوئي سان سندس دوستي جو گهرو تعلق رهيو آهي. هن ايم اي هوندي بہ سرڪاري نوڪري ڪونہ ڪئي.
عظيم سنڌيءَ جي لکيل مضمونن جو چڱو خاصو تعداد مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل نظر اچي ٿو. عظيم جا ڪجهہ مضمون مختلف سووينئرن ۽ ڪتابن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. جيڪي هن سيمينارن ۾ پڙهيا آهن، جيئن ”سانگهڙ ضلعي جا ملھه ميلا ۽ درگاهون“، جيڪو سانگهڙ ثقافتي ميلي ۾ منعقد ٿيندڙ سيمينار ۾ هن پڙهيو ۽ سووينيئر ۾ شايع ٿيو. ان موقعي تي کيس ڏھہ هزار رپيا انعام ۽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. جيڪب آباد هارس ۽ ڪيٽل شو جي موقعي تي جيڪب آباد ضلعي تي سيمينار ڪوٺايو ويو، جنھن جي صدارت سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ”شام“ ڪئي هئي، ان ۾ عظيم سنڌيءَ، ”جيڪب آباد ضلعي جا ملھه“ جي عنوان تي پيپر پڙهيو، جيڪو بہ سيمينار ڪاميٽيءَ پاران ڇپيل ڪتاب ۾ شايع ٿيو. بلاول انسٽيٽوٽ پاران شايع ٿيندڙ جنرل ”بلاول“ ۾ سندس هڪ آرٽيڪل ”نواب شاھہ ضلعي جا ملھه ۽ ملاکڙا“ ڇپيل اٿس. جڏهن تہ ”ضلعو نوشھرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾“، ڪتاب اندر عظيم جو هڪ مضمون ”ضلعي نوشھرو فيروز جا مشھور ملھه پھلوان“ پڻ شايع ٿيل آهي. ان کان علاوہ شڪارپور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل طرفان ٿيل سيمينار ۾ ”ملھه ۽ ملاکڙا“ جي عنوان هيٺ پيپر پڙهيائين.
”سگا“ خدا آباد شاخ پاران سائين نظير احمد ڀنڊ صاحب ۽ سندس ساٿين خدا آباد هاءِ اسڪول ۾ منڇر ڍنڍ تي هڪ سيمينار ڪرايو هو جنھن ۾ عظيم سنڌيءَ ”منڇر ڍنڍ“ تي مقالو پڻ پڙهيو هيو. عظيم سنڌي اڄ بہ علمي، ادبي، سماجي محفلن ۾ بيماريءَ باوجود شرڪت ڪندو رهي ٿو. سندس سڄيءَ سنڌ ۾ دوستيءَ جو وسيع حلقو آهي. عظيم سنڌي، نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڪجهہ وقت داخل رهڻ بعد 29 سيپٽمبر 2025ع تي وفات ڪئي، کيس 30 سيپٽمبر تي موري ۾ مخدوم جعفر درس جي مقام ۾ دفنايو ويو.
