مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ

موري جي سماجي شخصيت، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، 16 ڊسمبر 1935ع تي نوشھرو فيروز جي ڀرسان ڳوٺ کاهي ممن ۾، محمد موريل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
ڊاڪٽر محمد بچل جا وڏا پراڻي کاهي ممن ۾ رهندا هئا، جيڪا مين روڊ تي واقع هئي. انگريزن جي دؤر ۾ 1920ع ڌاري اُهي اتان لڏي موجودہ ڪُنڊا کاهيءَ، (تعلقي ڀريا) ۾ اچي ويٺا جتان پوءِ سندس والد صاحب محمد موريل لڏي اچي موري ۾ دڙي واري مسجد ڀرسان لوهر/ ميمڻ محلا ۾ ويٺو ۽ رهائش اختيار ڪئي.
ڊاڪٽر محمد بچل صاحب، پرائمري تعليم کاهي راهوءَ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول نواب شاھہ مان 1951ع ۾ ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاھہ مان 1953ع ۾ پاس ڪيو. ان بعد B.Sc گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان ڏني. ڊاڪٽر صاحب B.Sc ڪرڻ کان پوءِ ڪجهہ وقت موري هاءِ اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان پڙهايو. ان بعد B.Sc جي بنياد تي ايل ايم سي ڄام شورو ۾ MBBS ۾ داخلا ٿين ۽ 1963ع ۾ LMC ڄام شوري مان MBBS جي ڊگري حاصل ڪيائين، جنھن بعد ڊاڪٽر صاحب هڪ سال LMC ۾ هائوس جاب ڪري اتي ئي CMO ٿيو. 1965ع ۾ LMC ڄام شورو هاسپيٽل ۾ ”ڊپٽي ميڊيڪل سپريڊنٽ“ (DMS) ٿيو جتي 1967ع تائين رهيو. جتان 1967ع ۾ استعفيٰ ڏئي موري اچي پنھنجي ڪلينڪ کوليائين. اها ڪلينڪ سندن گهرن ڀرسان (دڙي واري مسجد لڳ لوهر محله/ميمڻ محله) ۾ هئي ۽ سندن ڪمپائونڊر غلام عباس ميمڻ کاهي ممن وارو هو. اتي 1967ع کان 1974ع تائين ڪلينڪ هلايائون، جنھن بعد پنھنجي نئين هاسپيٽل جيڪا جوکين جي گهرن ڀرسان (موجودہ V.P.S اسڪول ميمڻ محله لڳ) شفٽ ٿيا. هن اسپتال ۾ تقريباً 12 ڪمرا هئا، جن ۾ ڊاڪٽرس روم، نرسنگ روم، OT ۽ وارڊ اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر محمد بچل صاحب اتي مائنر سرجري پڻ ڪندو هو. ان کان علاوہ آرٿو پيڊڪ جھڙوڪ ٻانھن، ٽنگ جو فريڪچر وغيرہ کي پڻ ٺيڪ ڪيو ويندو هو. ڊاڪٽر محمد بچل صاحب وفات تائين پنھنجي ڪلينڪ هلائي ۽ انھيءَ اسپتال ۾ مريض پڻ ايڊمٽ ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب جن ڪجهہ عرصو النور شگر مل ۾ پڻ ڊاڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.
ڊاڪٽر محمد بچل، 1958ع ۾، کاهي ممن جي وڏيري الھڏني فقير ميمڻ (جيڪو فولاد فقير جو طالب هو) جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي جنھن مان کين ڇھہ فرزند ۽ ڇھہ ڌيئر اولاد آهي.
ڊاڪٽر محمد بچل صاحب، ”سگا“ موري شاخ جو بنيادي ميمبر هو ۽ پاڻ ”سگا“ ۾ تمام گهڻو ايڪٽو رهيو ڊاڪٽر صاحب، 1976ع ۾ موري شاخ جي ”صحت سب ڪاميٽيءَ“ ۽ ”مالي سب ڪاميٽيءَ“ جو ميمبر پڻ هو. جڏهن تہ سال 1977ع ۾ ”صحت سب ڪاميٽيءَ جو چيئرمين“ رهيو. 1980ع ۾ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ هو. 82-1981ع ۾ پڻ ڊاڪٽر صاحب سرگرم رهيو، انھي دوران مفت طبي ڪئمپ ۾ سندس ڪوشش سان ميڊيڪل اسٽورن تان ڪافي دوائون حاصل ڪيون ويون جيڪي ڪئمپ ۾ آيل مريضن کي مفت ڏنيون ويون. ڊاڪٽر صاحب 1985ع ۾ ”سگا“ موري جي ”صحت سب ڪاميٽيءَ جو چيئرمين“ پڻ رهيو آهي. ان کان علاوہ پاڻ موري شاخ پاران ٿيندڙ سرگرمين ۽ پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو.
ڊاڪٽر محمد بچل، بئڊمينٽن راند جو بھترين رانديگر هو پاڻ سٽيزن ڪلب موري (اڳوڻي آفيسرس ڪلب) جو 28 سال جنرل سيڪريٽري رهيو ان دوران هن ڪلب ۾ ايڪٽوٽيز ۽ رانديون ڪرايون. ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، 03 اپريل 2009ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي ۽ موري ۾ خليفي صاحب جي مقام ۾ مدفن آهي.