سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سگا مورو شاخ جي 50 سالا ڪارڪردگي تي پروفيسر شمشاد احمد سومرو جو لکيل ڪتاب ”سگا منھنجي ساهہ ۾“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.
ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. هن ڪتاب جو سڀ کان اهم حصو کاھوڙي ساٿي آهن، جن پنھنجي رت ۽ پگهر سان ”سگا“ جي ٻوٽي جي آبياري ڪئي.
ھي ڪتاب 2026ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جي مرڪزي اطلاعات شعبي ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ ائنڊ ڊولپمينٽ سينٽر پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
ڪتاب جو مطالعو ڪريو
پبلشر نوٽ: ڪتاب: سگا منھنجي ساھہ ۾
پنھنجي پاران: مون جي رنڍا روڙيا!!!
ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“ ھڪ تاريخي دستاويز
”سگا منھنجي ساھہ ۾“ هڪ مفصل ۽ منفرد تاريخي دستاويز
”سگا“ مورو شاخ جي اڌ صديءَ جي جدوجھد جو سفر
ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“ جيئن ڏٺو آ مون
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جو مختصر تعارف
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) موري شاخ جا بنيادي ميمبر
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) موري جا ساٿي مرڪز ۾
”سگا“ سٿ ڪراچيءَ ۾ شامل موري واسي
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ موري جي بيباڪ ميمبرن جي لسٽ سال 84-1983ع
سال 1976ع کان 27-2024ع تائين ”سگا“ موري شاخ جا عھديدار
سال 25 ـــ 2024ع جي ڪارڪردگي
”سگا“ موري شاخ جو پھريون صدر ايڊووڪيٽ محمد ايوب وينجهر
”سگا“ موري شاخ جو ڪنوينر ۽ پھريون جنرل سيڪريٽري محترم محمد خان سومرو
موري جو خاموش خدمت گذار، تعليمدان، سماج سڌارڪ پروفيسر سيد علي بخش شاھہ
سماج سڌارڪ، اديب، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار پروفيسر نذير احمد قاضي
تعليمدان، سماج سڌارڪ، عالم ۽ شاعر قاضي محمد علي ”اختر مورائي“
قانون دان، علمي، سماجي شخصيت ۽ موري جو مثالي چيئرمين جان محمد سرهيو ايڊووڪيٽ
مثالي سماج سڌارڪ، بھترين منتظم ۽ باوقار شخصيت ڊاڪٽر ڪئپٽن بشير الدين ميمڻ
ناميارو تعليمي ماهر، برجستو منتظم، مثالي استاد ۽ بھترين سماج سڌارڪ سائين محمد نوح ميمڻ
”سگا“ موري شاخ جو متحرڪ ساٿي صلاح الدين پنھور
موري جو کاهوڙي، قومي ادبي ۽ سماجي ڪارڪن محترم عظيم سنڌي
متحرڪ سماجي اڳواڻ نثار احمد ميمڻ
موري جو متحرڪ سماجي ڪردار ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ
بھترين ورڪر، متحرڪ سماجي اڳواڻ محمد اياز ”راڻو“ ميمڻ
ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمان شيخ
”سگا“ مرڪز پاران ”سگا“ مورو جي ساٿين کي مليل مڃتا/ ايوارڊ
”سگا“ جي وزيٽرس نوٽ بوڪن تان
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.