سال 1978ع
محترم سيد علي بخش شاھہ (چيئرمين)
محترم سائين محمد نوح ميمڻ (ميمبر)
محترم صلاح الدين پنھور (ميمبر)
چونڊون:
10 جولاءِ 1978ع تي شام جو 6 وڳي، ”مھراڻ ڪي جي اسڪول“ موري ۾، ”سگا“ موري شاخ جون ساليانا چونڊون اليڪشن ڪاميٽيءَ جي زير نگراني ٿي گذريون ۽ هيٺيان عھديدار متفق راءِ سان چونڊيا ويا.
صدر: ڊاڪٽر ڪئپٽن بشير الدين ميمڻ
نائب صدر: رب پرتو انصاري
جنرل سيڪريٽري: عظيم سنڌي
جوائنٽ سيڪريٽري: سليم جمال ميمڻ
اطلاعات سيڪريٽري: محمد صديق دلبر ميمڻ
خزانچي: رحيم بخش ميمڻ
ڪاروباري ڪاميٽي:
قاضي محمد علي ”اختر مورائي“، صلاح الدين پنھور، عبدالقيوم صديقي، پروفيسر نذير احمد قاضي، محمد نوح ميمڻ، وڪيل رسول بخش ٻگهيو، پروفيسر سيد علي بخش شاھہ.
ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي:
”سگا“ موري شاخ جي پھرين ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ڊاڪٽر ڪئپٽن بشير الدين ميمڻ جي صدارت هيٺ ”مھراڻ ڪي. جي. اسڪول“ موري ۾، 13 جولاءِ 1978ع تي شام جو ٿي گذري جنھن ۾ اهم فيصلن سان گڏ هيٺيون سب ڪاميٽيون پڻ ٺاهيون ويون.
روزگار سب ڪاميٽي (امپلائمينٽ بيورو):
محترم محمد نوح ميمڻ (چيئرمين)
محترم رحيم بخش ميمڻ (ميمبر)
محترم سليم جمال ميمڻ (ميمبر)
محترم صلاح لدين پنھور (ميمبر)
محترم رب پرتو انصاري (ميمبر)
محترم سيد علي بخش شاھہ (ميمبر)
يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو تہ بيروزگار گريجوئيٽس ۽ نان گريجوئيٽس دوستن جي موري ليول تي هڪ مڪمل لسٽ تيار ڪئي وڃي، ان لاءِ هيءَ ڪاميٽي ٺاهي وئي جنھن ذمي اها ڳالھ هوندي تہ جلد کان جلد انگ اکر (ڊيٽا) گڏ ڪندا تہ جيئن ”سگا“ مورو انھن جي روزگار لاءِ ڪوشش وٺي سگهي.
تعليمي سب ڪاميٽي:
محترم سيد علي بخش شاھہ (چيئرمين)
محترم واحد بخش شيخ (ميمبر)
محترم حاجي خان ڪمالاڻي (ميمبر)
محترم محمد نوح ميمڻ (ميمبر)
محترم قاضي محمد علي ”اختر مورائي“ (ميمبر)
محترم عبدالفتاح ميمڻ (ميمبر)
ثقافتي سب ڪاميٽي:
محترم نذير احمد قاضي (چيئرمين)
محترم قاضي محمد علي ”اختر مورائي“ (ميمبر)
محترم عظيم سنڌي (ميمبر)
محترم عبدﷲ جيسر (ميمبر)
محترم صلاح الدين پنھور (ميمبر)
مالياتي سب ڪاميٽي:
محترم محمد خان سومرو (چيئرمين)
محترم رحيم بخش ميمڻ (ميمبر)
محترم علي گوهر شيخ (ميمبر)
محترم فتح علي شاھہ (ميمبر)
محترم عبدالقيوم صديقي (ميمبر)
عيد ملن پارٽي:
”سگا“ موري شاخ پاران 6 سپٽمبر 1978ع تي، ”مھراڻ ڪي. جي. اسڪول موري“ ۾ عيد ملن پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو، جنھن جي صدارت موري شاخ جي صدر ڪئپٽن ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ ڪئي. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جنھن جي سعادت ڊاڪٽر عبدالرزاق سومري حاصل ڪئي. هن تقريب کي پروفيسر نذير احمد قاضي، خان محمد پنھور، محمد حنيف سولنگي، پروفيسر مظھرالدين ميمڻ، پروفيسر واحد بخش شيخ، محمد صالح لانگاھہ، سائين رستم خان خميساڻي، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو ۽ ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ خطاب ڪيو. پروگرام جي ڪاروائي عظيم سنڌيءَ هلائي. هن تقريب ۾ مٿين مقررن کان علاوہ سليم جمال ميمڻ، رحيم بخش ميمڻ، سائين محمد نوح ميمڻ، رسول بخش ميمڻ ديناڻي، قمرالزمان ميمڻ ”قمر مورائي“، غلام قادر جوکيو، غلام حيدر ڪانڌڙو، علي اڪبر ميمڻ، محمد رمضان ميمڻ، رحمت ﷲ سولنگي ۽ ٻين شھر جي مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ساٿين شرڪت ڪئي.
جنرل باڊي جو اجلاس:
24 جولاءِ 1978ع تي، ”سگا“ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري محترم ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي موري آمد جي موقعي تي ”روشن تارا اسڪول“ ۾ موري شاخ جي جنرل باڊيءَ جو اجلاس سڏايو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ (صدر شاخ مورو) معزز مھمانن کي موري اچڻ تي ڀليڪار ڪندي، موري شاخ پاران ٿورا مڃيندي چيو تہ ڊاڪٽر شيخ صاحب جن جي مھرباني جو اسان برانچن کي اڃا بہ وڌيڪ سجاڳ ڪرڻ واسطي تڪليف ڪري پھتا آهن. ڊاڪٽر صاحب هن ڏکئي وقت ۾ بہ سنڌ جي بنا ڊپ ڊاءُ جي بھادريءَ سان خدمت ڪري رهيا آهن. اسين کين يقين ٿا ڏياريون تہ اسين سندن جي جذبن جو قدر ڪريون ٿا ۽ ساڻن گڏ آهيون. ان بعد ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ ”سگا“ مورو پنجن سالن کان محنت ۽ جفاڪشي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي. مورو خوشنصيب شاخ آهي، جنھن جو 1976ع جي پھرين مھيني ۾ بنياد پيو. ان جذبي تحت آئون پنھنجي اوچتي دوري جو آغاز موري کان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪريان ٿو. سنڌ مسئلن سان ڀري پئي آهي ان ڪري اسان باشعور ماڻھن تي فرض عائد ٿو ٿئي تہ اسين انھيءَ ماحول ۽ حالتن کي منھن ڏيون.
عيد ملن پارٽي:
13 نومبر 1978ع تي شام جو 6 وڳي، ”مھراڻ ڪي جي اسڪول“ (روشن تارا ڪي جي اسڪول) ۾ عيد ملن گڏجاڻيءَ جو اهتمام ڪيو ويو. جنھن جي صدارت شاخ جي صدر ڪئپٽن ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ ڪئي. پروگرام جي شروعات ﷲ پاڪ جي بابرڪت نالي سان ڪئي وئي، اها سعادت محترم غلام النبي سمي حاصل ڪئي. هن موقعي تي قاضي محمد علي ”اختر مورائي“، پروفيسر واحد بخش شيخ، صلاح الدين پنھور ۽ ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ ”سگا“ جي مقصدن ۽ سماجي ڪمن تي روشني وڌي ۽ آيل معزز مھمانن جو شڪريو بجا آندو ۽ کين اچڻ تي ڀليڪار چيو. ڪاروائي شاخ جي سيڪريٽري عظيم سنڌيءَ هلائي.
هن گڏجاڻيءَ ۾ شھر جي مختلف مڪتبِہ فڪر سان تعلق رکندڙ دوستن ۽ ”سگا“ ساٿين حاجي محمد عاقل سولنگي، لياقت علي ميمڻ، امانت مغل، رحيم بخش ميمڻ، سليم جمال ميمڻ، محمد بخش سيھڙ، محمد حنيف سولنگي، غلام النبي ڪورائي، رب پرتو انصاري، محمد خان چنڊ، حاجي محمد يونس سولنگي، خليل الرحمان قاضي، سائين محمد نوح ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
مرڪزي ڪنوينشن ۾ شرڪت:
24 نومبر 1978ع تي، دادو ۾ ٽيون مرڪزي ڪنوينشن ٿيو، جنھن ۾ موري شاخ جي عھديدارن شرڪت ڪئي. هن ڪنوينشن ۾ مرڪزي صدر ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ ۽ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ چونڊيا ويا. ثقافتي ڪاميٽيءَ تي ميمبر طور پروفيسر نذير احمد قاضي جن کي پڻ کنيو ويو جڏهن تہ امپلائمينٽ بيورو ۾ موري شاخ جي صدر ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ صاحب کي ميمبر طور کنيو ويو.
اسڪولن ۾ پنکا ورهائڻ واري تقريب:
”سگا“ موري شاخ پاران پرائمري اسڪولن ۾ ڇت جا پنکا ورهائڻ جي تقريب، 21 جولاءِ 1978ع تي جمعي ڏينھن شام جو 6 وڳي، ”ڪي. جي. اسڪول مورو“ ۾ ٿي گذري. جنھن ۾ هيٺين پرائمري سڪولن ۾ پنکا ورهايا ويا جيڪي انھن اسڪولن جي هيڊ ماستر صاحبان وصول ڪيا.
پرائمري اسڪول شادي خان ڍلو 4 پنکا
پرائمري اسڪول الھه يار سيال 2 پنکا
پرائمري اسڪول سڪندريہ 2 پنکا
پرائمري اسڪول احمد شاھہ 2 پنکا
هيڊ مسٽريس گرلس پرائمري اردو اسڪول 2 پنکا
”سگا“ جي غير رسمي گڏجاڻي:
24 جولاءِ 1978ع، تي ”مھراڻ شائيننگ اسٽارس نرسري ڪي. جي. اسڪول“، موري ۾ ”سگا“ جي هڪ غير رسمي گڏجاڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري محترم ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنھن ۾ برانچ جي عھديدارن ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ ”سگا“ شاخ سڪرنڊ جو جنرل سيڪريٽري محترم تاج جويو پڻ مھمان طور شريڪ ٿيو.
GPS شادي خان ڍلو لاءِ ”سگا“ موري پاران ٻہ ڪمرا تعمير ڪرايا ويا:
1978ع ۾ موري شاخ پاران، پرائمري اسڪول شادي خان ڍلو ۾ ٻہ ڪمرا 16’x12’ جا تعمير ڪرايا ويا. اسڪول ۾ پاڻي ٿڌي رکڻ واسطي مقامي برف جي ڪارخانيدارن کان کين برف مفت ۾ مھيا ڪري ڏني وئي.
