غلام رضا ميمڻ
غلام رضا ميمڻ، ”سگا“ موري شاخ جو تمام گهڻو ايڪٽو ميمبر ۽ عھديدار رهيو آهي. هن ”سگا“ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ هن جو ”سگا“ سان عشق هو. غلام رضا، ”سگا“ جي مرڪزي ايونٽس جھڙوڪ: ڪنوينشن، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس يا مختلف ڪانفرنسون ۽ فنڪشن جيڪي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٿيندا هئا ۾ شريڪ ٿيندو هو. غلام رضا، موري شاخ جو 1985ع ڌاري ميمبر ٿيو ۽ 1985ع ۾ شاخ جي ”ڪاروباري ڪاميٽيءَ“ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان علاوہ 99-1998ع، 02-2000ع ۽ 04-2002ع ۾ پڻ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ميمبر، 91-1990ع ۽ 97-1996ع ۾ برانچ جو نائب صدر، 06-2004ع ۾ شاخ جو صدر پڻ رهيو آهي. غلام رضا ميمڻ 91-1990ع ۾ صحت ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر پڻ رهيو، ان دؤر ۾ مورو اسپتال ۾ شاخ پاران بلڊ بئنڪ قائم ڪئي وئي، جنھن ۾ غلام رضا جون تمام گهڻيون ڪاوشون هيون. ان بلڊ بئنڪ جو انچارج ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو. انھيءَ بلڊ بئنڪ جي شاندار افتتاحي تقريب 14 آگسٽ 1991ع، تي مورو اسپتال جي پارڪ ۾ منعقد ڪئي وئي. افتتاح تڏهوڪي آبپاشي وزير محترم مسرور احمد جتوئي ڪيو، جڏهن تہ تقريب ۾ ڊي سي نوشھرو فيروز محترم ايوب شيخ، ان وقت جو ايم پي اي ڄام قرار الدين کان علاوہ موري شھر جا معززين، سرڪاري ڪامورا، ”سگا“ ساٿي، تعلميدان، ڊاڪٽر ۽ سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هن بلڊ بئنڪ جي قيام ۾ غلام رضا بھترين رول ادا ڪيو. پاڻ 91-1990ع، 93-1992ع ۽ 95-1994ع ۾ موري شاخ جي صحت ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ ڪنوينر پڻ رهيو آهي. موري شاخ پاران ڳوٺ مناهيءَ ۾ هلندڙ ’جمعا ڪلينڪ‘ ۾ پڻ سندس خدمتون ڪڏهن بہ وساري نہ ٿيون سگهجن. ”سگا“ موري شاخ پاران لڳندڙ ’چمڙيءَ جي بيمارين‘ ۽ ’مفت ميڊيڪل ڪئمپن‘ ۾ پڻ غلام رضا جي ايڪٽو رول کي ڪڏهن بہ وساري نٿو سگهجي. موري ۾ ’حاجي الھندو سرهيو مفت اکين جي ڪئمپ‘، جيڪا هرسال محترم غلام اصغر سرهيو، شادي هال ۾ لڳرائيندو هو، ان جو پاڻ ڪئمپ انچارج هوندو هو ۽ ڪئمپ جا ٽئي ڏينھن پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو هو. غلام رضا ميمڻ موري شاخ جو 06-2004ع پيرڊ لاءِ صدر چونڊجي آيو. ان دوران سندس طبيعت شگر جي ڪري بگڙڻ لڳي پر هن ان جي پرواھہ نہ ڪندي سماجي ڪمن ۾ اهم رول ادا ڪندو رهيو. سندس صدارت واري پيرڊ دوران، 2005ع ۾، مين اسڪول موري ۾ هن مفت اسڪن ڪئمپ هڻائي. ڊاڪٽرن جي منع باوجود هن انھيءَ ڪئمپ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ ان کانپوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي تہ کيس اسپتال داخل ڪيو ويو. پاڻ 03 مئي 2005ع تي وفات ڪيائين ۽ کيس هالا شھر ۾ پنھنجي آبائي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
”سگا“ مرڪز پاران سندس خدمتن جي عيوض 2005ع ۾ کيس ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو آهي.
