ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمان شيخ
حفيظ الرحمان شيخ، پرائمري تعليم احمد شاھہ پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن تہ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1979ع ۾ ڏنائين. انٽرميڊئيٽ 1981ع ڌاري مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان پاس ڪيائين، بي اي جو امتحان پرائيويٽ ڪينڊيڊيٽ طور، 1983ع ۾ ۽ ايم. اي اڪنامڪس 1985ع ۾ پاس ڪيائين. 1985ع ۾ قانون جي ڊگري (ايل ايل بي) ريگيولر، ”حيدرآباد لا ڪاليج“ مان حاصل ڪيائين. حفيظ الرحمان، 1988ع ۾ پاڻ کي وڪيل طور انرولڊ ڪرايو ۽ حيدرآباد ۾ سينئر قانون دان سيد قربان علي شاھہ لڪياري وٽ پرئڪٽس شروع ڪئي. 1990ع ۾ موري جي سينيئر وڪيل محترم عبدالجبار سومري وٽ پڻ وڪالت جي سکيا حاصل ڪيائين. حفيظ الرحمان 2001ع ۾ مورو ميونسپل ڪاميٽي جو نائب ناظم چونڊيو ويو.
حفيظ الرحمان شيخ، 1990ع ۾ ”سگا“ موري شاخ جو ميمبر بڻيو. سندس ”سگا“ موري شاخ سان گهري وابستگي رهي آهي ۽ هو ڪيترن ٽينوئرس ۾ مختلف عھدن تي رهيو آهي. 95-1994ع، 04-2002ع، 09-2006ع ۽ 21-2018ع ۾ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو مبمبر ۽ 99-1998ع شاخ جو صدر، 04-2002ع ۾ نائب صدر، 06-2004ع ۾ ۽ 15-2012ع جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 18-2015ع ۾ کيس شاخ جو جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو. سندس صدر رهڻ واري ٽينوئر ۾ موري شاخ بھترين سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون. صحت ۽ تعليم جي سيڪٽر ۾ پڻ سٺو ڪم ٿيو. حفيظ الرحمان شيخ کي سندن سماجي خدمتن عيوض مڃتا طور ”سگا“ مرڪز پاران 1997ع ۾ سلور ميڊل ڏنو ويو. هن وقت پاڻ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.
