ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“ ھڪ تاريخي دستاويز
قادر پنھنجي قدرت سين قائم آهِ قديم،
والي واحد وحدہ رازق رب رحيم،
سو ساراھجي سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جھان جون.
سڀ ساراھہ رب ڪريم جي جنھن ”سگا“ جي بي ثمر ساٿ کي 54 سالن جي حياتي بخشي.
رب سائين جا ڪروڙين ڪرم آهن، جن پُرخلوص ساٿين جي ميڙاڪي کي همٿ بخشي ۽ خدمت ڪرڻ جو جذبو عطا ڪيو. ڪيترائي ماڻڪ موتي زندگيءَ جو سفر پورو ڪري لاڏاڻو ڪري ويا. ﷲ سائين انھن کي مرهي ۽ اجر عطا فرمائي. (آمين)
”سگا منھنجي ساھہ ۾“ موري جي ساٿي پروفيسر شمشاد احمد سومري جي تحقيق جو ثمر آهي، جيڪو يقيناً هڪ تاريخي دستاويز آهي. ”سگا“ جي موري جي سٿ جي ڪارگذارين تي مشتمل آهي ۽ ساٿين جي ڄاڻ سڃاڻ پڻ ڪرائي وئي آهي. هن طرح جون ڪوششون ”سگا“ جي سموري سٿ جي هڪ مڪمل تاريخ بنجي سگهي ٿي. ساٿي ڪوششون ڪن پيا ۽ ان سلسلي ۾ ڪافي دستاويز ڇپجي چڪا آهن.
سماجي سھائتا جو ڪارج بيحد ڏکيو آهي ۽ بي لاڀ آهي. هن جو لاڀ حياتيءَ ۾ ماڻي نہ ٿو سگهجي پر يقين اٿم تہ ايندڙ حياتيءَ ۾ اهو ضرور حاصل ٿيندو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کي پنھنجي ڪم ڪار ۾ ڪجهہ تبديليون ڪرڻ جو ويچار ڪرڻ کپي. پھرين اسان تعليم جي واڌاري جي ڳالھ ڪئي هئي، هاڻي اسان وٽ روزگار جو مسئلو آهي؛ اُن لاءِ نئين دؤر ۾ هنرن جي ڄاڻ بنيادي ضرورت بنجي وئي آهي. بھتر ٿيندو تہ اسان پنھنجي جوانن کي هنر جي سکيا ڏيون، جيئن بدلجندڙ دؤر ۾ ضرورتون پوريون ٿي سگهن ۽ معاشري مان بيروزگاريءَ جو بہ خاتمو ٿئي. ساڳئي وقت تعليم جي اهميت کي بہ گهٽائي نہ ٿو سگهجي، پر هاڻي تعليم کي وڌيڪ لاڀائتو ۽ طاقتور ڪرڻو پوندو.
صحت جي ميدان ۾ اسان ڪافي پٺتي آهيون. صحت جي سنڀال جو مربوط نظام جوڙڻو پوندو، جنھن ۾ هر فرد کي لاڳو ڪيو ويندو؛ جيئن ان جي صحت جو پوتاميل هڪ هنڌ تي گڏ ٿيل هجي.
اسان لاءِ ٻوليءَ جو مسئلو گنڀير آهي. اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي جي بھتر تعليم جو انتظام ڪونھي، ان کي ڪيئن بھتر بنائي سگهجي ٿو، ان لاءِ بہ ساٿ کي سوچڻو پوندو.
رب ڪريم اسان کي همٿ، احساس، ايمانداري، اورچائيءَ سان نوازيندو، اسين انشاءُ ﷲ منزلن مان پار ٿينداسين.
ﷲ نگھبان
ڊاڪٽر سليمان شيخ
11 مارچ 2026ع
