مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

”سگا“ موري شاخ جو ڪنوينر ۽ پھريون جنرل سيڪريٽري محترم محمد خان سومرو

”سگا“ موري شاخ جو ڪنوينر ۽ پھريون جنرل سيڪريٽري محترم محمد خان سومرو، 14 اپريل 1947ع تي سومرا محله (نزد شاهي بازار، سومرا مسجد) موري ۾ غازي خان سومري جي ويڙهي ۾، حاجي قادر بخش بن محمد ٻڍل سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد 1962ع ۾ موري جي پراڻي هاءِ اسڪول (نزد سرهيه محلا) مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. انٽر ڪامرس جو امتحان سچل ڪاليج نواب شاھہ مان 1967ع ۾ پاس ڪيائين. جڏهن تہ بيچلر آف آرٽس (بي.اي) جي ڊگري گورنمينٽ بوائز ڪاليج دادو مان 82-1981ع ۾ حاصل ڪيائين.
محترم محمد خان سومري پنھنجي ڪيريئر جي شروعات، نومبر 1964ع کان نيشنل بئنڪ آف پاڪستان برانچ دادو ۾ ”ڪيشر“ جي حيثيت سان ڪئي، ان بعد سانگهڙ، دادو ۽ موري ۾ رهيو. سومري صاحب نوڪريءَ دوران بئڪنگ ۾ ڊپلوما جو ڪورس پڻ ڪيو. ان کان پوءِ 1973ع ۾Grade III Officer جي پوسٽ تي MCB نواب شاھہ برانچ ۾ جوائن ڪيو ۽ 1975ع ۾ وري UBL مورو برانچ ۾Grade II Officer طور اچي چارج سنڀاليائين. 1994ع ۾ جڏهن پاڻ UBL ۾ زونل چيف هئا تہ سندن نوڪري جا 24 سال پورا ٿيا تہ کين زوري گولڊن هينڊ شيڪ پروگرام تحت گهر ڀيڙو ڪيو ويو. اڳتي هلي 2003ع ۾ ”فيصل بئنڪ“ نئين کلي تہ محمد خان سومري کي حيدرآباد برانچ جو مئنيجر ڪري کنيو، جتي 2006ع تائين رهيو ۽ ان بعد ”عسڪري بئنڪ“ وارن کين بھتر پئڪيج ڏئي نئين برانچ نواب شاھہ ۾ کولي مئنيجر رکيو، جتان 2009ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين.
سائين خان محمد پنھور، محترم محمد خان سومري، جو بھترين دوست هو، تنھن سندس سان موري ۾ ”سگا“ برانچ کولڻ جي حوالي سان ڪچھري ڪئي ۽ کيس ”سگا“ موري جي شاخ جو ڪنوينر ٿيڻ تي راضي ڪيو. محترم خان محمد پنھور، موري برانچ کولڻ ۽ محمد خان سومري کي ڪنوينر بنائڻ لاءِ ”سگا“ جي سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سان ڳالھايو. ”سگا“ مرڪز پاران هڪ خط 21 مارچ 1976ع تي ”سگا“ PECH سوسائٽي ڪراچي آفيس مان ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب جي صحيح سان موڪليو ويو، جنھن ۾ سومري صاحب کي ڪنوينر مقرر ڪري، موري شاخ کي رجسٽرڊ ڪوڊ 05 جاري ڪيو ويو، جنھن ۾ کيس گذارش ڪيل هئي تہ مھرباني ڪري اوهان ميمبر سازي ڪري مرڪز جون جيڪي گهرجون آهن، اهي پوريون ڪري شاخ جون چونڊون ڪرايون. محترم محمد خان کي خان محمد پنھور صاحب پڻ گذارش ڪئي تہ مھرباني ڪري اوهان ميمبر سازي ڪري مرڪز جون جيڪي بہ گهرجون آهن اهي پوريون ڪري شاخ جون چونڊون ڪرايو. ان وچ ۾ سومري صاحب سان ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب پڻ مسلسل رابطي ۾ رهيو. ڊاڪٽر صاحب هڪ ٻہ دفعو سندس وٽ آيو. سومري صاحب پنھنجي محنت ۽ جفاڪشي سان ميمبر شپ شروع ڪئي. سندن ڪوششن سان 60 کان مٿي ميمبر ٿيا جن ۾ اڪثريت سرڪاري ملازمن جي هئي، جن ۾ بئنڪرس پڻ جهجهي تعداد ۾ هئا. پاڻ پنھنجي زونل چيف AVP, UBL محترم نصرﷲ کوکر کي پڻ ”سگا“ موري شاخ جو ميمبر ڪيائين.
1976ع ۾ پاڻ ”سگا“ شاخ موري جا پھريان (بنيادي) جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا. ان کان علاوہ محترم محمد خان سومرو 1977ع ۾ نائب صدر، 1978ع ۾ ”مالي سب ڪاميٽيءَ“ جو چيئرمين، 1979ع ۾ شاخ جو نائب صدر پڻ رهيو آهي. چاچي محمد خان کي اولاد ۾ پنج نياڻيون ۽ ٻہ فرزند آهن عبدالحميد جيڪو اليڪٽريڪل انجنيئر آهي جڏهن تہ ٻيو نمبر فرزند محمد وسيم پراپرٽي ڊيلر آهي پاڻ حيدرآباد جي علائقي نسيم ننگر ۾ رهندو هو، جتان ڪجهہ سال اڳ گلستان جوهر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي 7 آڪٽوبر 2024ع تي شام جو وفات ڪيائين ۽ ڪراچي ۾ ڪنٽومينٽ بورڊ، فيصل قبرستان بلاڪ 19، گلستان جوهر ڪراچيءَ ۾ مدفن آهي.