سال 1980ع
محترم ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
محترم پروفيسر شفيع محمد ميمڻ
محترم قاضي قمرالدين
جنرل باڊي جو ميڙ ۽ نئين سال جون چونڊون:
17 جنوري 1980ع تي، شام جو 6 وڳي ”روشن تارا ڪي. جي. اسڪول“ موري ۾، ”سگا“ موري شاخ جي جنرل باڊي جو ميڙ ٿي گذريو جنھن ۾ سال 1980ع جي چونڊ، چونڊ ڪاميٽيءَ جي نگراني هيٺ ٿي گذري جنھن ۾ هيٺيان عھديدار چونڊجي آيا.
صدر: ڊاڪٽر ڪئپٽن بشير الدين ميمڻ
نائب صدر: قاضي محمد علي ”اختر مورائي“
جنرل سيڪريٽري: عظيم سنڌي
جوائنٽ سيڪريٽري: عبدﷲ ڪورائي
اطلاعات سيڪريٽري: رب پرتو انصاري
خزانچي: غلام النبي سمون
ڪاروباري ڪاميٽي:
ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، محمد زمان پنھور، جمال الدين ”مومن“ خاصخيلي، جان محمد ايم عطار، صلاح الدين پنھور، محمد هارون ٻلال.
تقريب رسم حلف برداري ۽ قرآن شريف جي ڪلاسز جو افتتاح:
”سگا“ موري شاخ پاران روشن تارا اسڪول ۾ نون چونڊجي آيل عھديدارن جي رسم حلف برادريءَ جي تقريب 29 فيبروري 1980ع تي ”سگا“ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي صدارت هيٺ ٿي گذري، هن تقريب جو مھمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محترم رشيد عالم هو. پروگرام/ حلف برادري تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. جيڪا محترم غلام قادر ميمڻ ڪئي، ان بعد شاخ جي چونديل عھديدارن کا مرڪزي صدر ڊاڪٽر سليمان شيخ قسم کڻايو. جنھن بعد موري شاخ جي چوندجي آيل صدر ڪئپٽن ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، آيل مھمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو، ان سان گڏوگڏ ايسوسيئيشن جي ڪمن تي تفصيل سان روشني وڌي. ان کان پوءِ مرڪزي صدر سامعين کي خطاب ڪيو، تقريب جي ڪارروائي محترم صلاح الدين پنھور هلائي.
تقريب جي ٻي بيٺڪ ۾ ”قرآن شريف جي ڪلاسز جو افتتاح“ ڪيو ويو، افتتاحي رسم جا فرائض محترم قاري محمد دائود لاکي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محترم رشيد عالم سر انجام ڏنا. قاري صاحب ٻڌايو تہ کيڙا مسجد موري ۾ باقاعدگيءَ سان شاگردن خواھہ عام ماڻھن کي قرآن شريف جي تعليم ڏني ويندي، هن تقريب ۾ معزز شھرين ۽ ”سگا“ جي ميمبر دوستن گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
گرلس پرائمري اسڪول جي بلڊنگ:
گرلس پرائمري اسڪول اسان جي شھر موري جو اهم ترين مسئلو هو. ”سگا“ جي پليٽ فارم تان واسطيدار اعليٰ حڪام کي درخواستون،ٽيليگرام ۽ روبرو بار بار ياداشت ڏياري وئي پر آخرڪار حڪام پاران اهو ڪم ”سگا“ تي رکيو ويو تہ مذڪوره اسڪول لاءِ پلاٽ وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪري. 10 فيبروري 1980ع تي مذڪوره اسڪول واسطي 12000 فوٽ پلاٽ حاصل ڪري اهڙو اطلاع SDEO ايجوڪيشن کي ڏنو ويو ۽ هن وقت اسڪول جي تمام خوبصورت ۽ شاندار بلڊنگ موجودہ امام بارگاھہ لڳ تعمير ٿيل آهي ۽ ڪئمپس جو درجو رکي ٿو.
واٽر پمپ مشين گرلس هاءِ اسڪول کي لڳرائي ڏيڻ:
”سگا“ موري شاخ کي، گرلس هاءِ اسڪول موري پاران اپيل ڪئي وئي تہ اسان کي اسڪول ۾ واٽر پمپ مشين لڳائي ڏيڻ ۾ مدد ڪري ڇاڪاڻ تہ پاڻي نہ هئڻ سبب لان ۽ گل ٻوٽا وغيرہ سڙي رهيا آهن. ”سگا“ موري شاخ هٿ پير هلائي مخير حضرات کان -/1500 روپيہ حاصل ڪري مذڪوره هاءِ اسڪول ۾ واٽر پمپ مشين لڳرائي ڏني.
