ڳالھيون هن ڪتاب جون
پروفيسر شمشاد سومرو صاحب جو شمار اهڙن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جن ٿورو لکيو آهي، پر دل سان لکيو آهي. ان ڪري هن کان اڳ لکيل سندس هر مضمون مھربان پڙهندڙن وٽ چڱي مقبوليت ۽ مڃتا ماڻي ورتي آهي.
بقول رهبر لطيف جي تہ:
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
ٽن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.
پروفيسر صاحب هن ڪتاب تي چڱي خاصي محنت ڪئي آهي. مختلف شخصيتن سان ملي انٽرويو ڪيا آهن ۽ نور نچوئي مختلف ڪتابن مان مواد حاصل ڪري، حوالا گڏ ڪيا آهن ۽ ’سگا‘ برانچ مورو جي گڏجاڻين جون ڪارروايون اٿلائي متعلقہ ڄاڻ گڏ ڪئي آهي، جنھن ڪري هي ڪتاب ’سگا‘ متعلق هڪ تحقيقي مقالو بڻجي پيو آهي ۽ ’سگا‘ جي گلدستي ۾ هڪ نئين گل جو اضافو ٿيو آهي.
ڪتاب کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ ’سگا‘ برانچ مورو، سنڌ جي انھن شروعاتي شاخن مان هڪ آهي، جيڪا سنڌ جي مورائي سڄڻن شروعاتي دؤر ۾ ئي سماجي مفڪر ۽ ’سگا‘ سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جي سماجي فڪر کان متاثر ٿي 1976ع ۾ قائم ڪئي.
’سگا‘ شاخ مورو پنھنجي شروعاتي دؤر کان ئي تمام گهڻي سرگرم رهي ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جي هر حڪم کي لبيڪ چيو ۽ مسڪين ماروئڙن جي خدمت م اڳ کان اڳرا رهيا ۽ اهڙو سھپ ۽ برابريءَ وارو سماج اڏڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جنھن جو خواب ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ سندس ساٿين ڏٺو هو.
مورو لاءِ هڪ چوڻي مشھور آهي تہ ”مورو ناهي ٿورو“ ۽ اهو سچ بہ آهي. ڇاڪاڻ تہ مورو سنڌ کي شھيد عبدالرزاق سومرو جھڙا ٻوليءَ جا شھيد بہ ڏنا، تہ ’سگا‘ کي پروفيسر مظھرالدين ميمڻ، پروفيسر نذير احمد قاضي، ڪئپٽن محمد سليمان سولنگي ۽ عظيم سنڌيءَ جھڙا سٺا ورڪر بہ ڏنا، جن ’سگا‘ جي قافلي کي منزل طرف روان دوان رکڻ ۾ پنھنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو.
هاڻي اچون ٿا ڪتاب ڏانھن تہ هيءُ ڪتاب پروفيسر شمشاد صاحب جي سالن جو پورهيو ۽ هڪ خوبصورت خواب آهي، جيڪو اڄ ساڀيان جو روپ وٺي، تاريخي ادب جي دنيا ۾ نروار ٿي چڪو آهي. هيءُ ضخيم ڪتاب چار سئو کان وڌيڪ صفحن تي مشتمل آهي، جنھن جي شروعات مورو جي تاريخ کان ٿئي ٿي، جنھن ۾ 10 تاريخي ڪتابن جا حوالا ڏئي، مورو جي تاريخي حيثيت ۽ قدامت تي سھڻي انداز ۾ روشني وڌي ويئي آهي.
ٻين بابن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جو مختصر تعارف واري باب ۾ پڻ برانچ جي قيام ۽ ان جي پس منظر ۾ ٿيندڙ ڪچھرين ۽ گڏجاڻين کان وٺي سال وائيز برانچ جو ڪم ڪار پڻ تفصيل سان بيان ڪيو آهي، جنھن سان ٻين نين برانچن کي پڻ اتساھہ ملندو ۽ منجهن ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندوم جنھن سان ڪارڪردگيءَ جا نوان رنگ نکري نروار ٿيندا.
اهڙيءَ طرح سان هڪ باب ۾ برانچ جي قائم ٿيڻ کان 2024ع تائين ٿيل چونڊن ۽ ڪامياب ٿيندڙ عھديدارن جو تفصيل بيان ڪيل آهي، ان کان اڳئين باب ۾ وري برانچ جي قيام 1976ع کان 2025ع تائين شاخ جي تفصيلي ڪارڪردگي بيان ڪئي وئي آهي. هن باب ۾ گڏجاڻين جو تفصيل، گڏجاڻين جو مقصد، مفت منعقد ٿيندڙ ڪئمپن جو حال احوال، ڪھڙو پروگرام ڪٿي ٿيو، ڪڏهن ٿيو ۽ ڪيئن ممڪن ٿيو ـــ سان گڏ مختلف ذيلي ڪاميٽين توڙي سب ڪاميٽين ۽ انھن جي ڪم ڪار جو تفصيل پڻ سال وائيز ڪتاب ۾ موجود آهي.
اڳيون باب پڻ تمام گهڻو اهم آهي. هن باب ۾ ’سگا‘ برانچ مورو سان تعلق رکندڙ 39 سماج سڌارڪن جا پروفائيل اثرائتي انداز ۾ لکيل آهن، جنھن مان ساٿين جي ’سگا‘ ۽ سنڌ سان محبت توڙي سندن عملي ڪم ڪرڻ جي جذبي جي خبر پوي ٿي ۽ مرڪز پاران ساٿين کي جيڪي ڪارڪردگي ايوارڊ ملي چڪا آهن، انھن جي پڻ تاريخ محفوظ ٿي وئي آهي.
ان کان سواءِ ”آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾“ جي عنوان واري آخري باب ۾ ’سگا‘ جي وزيٽرز نوٽ بوڪ تان ’سگا‘ جي مرڪزي اڳواڻن توڙي مشھور شخصيتن جا ’سگا‘ مورو ۽ ’سگا‘ جي عام ڀلائيءَ وارن ڪمن متعلق تاثراتي نوٽ پڻ شامل اشاعت ڪيا ويا آهن. جنھن ڪري هيءُ ڪتاب هڪ ضخيم تاريخي دستاويز بڻجي پيو آهي.
هيءُ ڪتاب جڏهن ڇپجي ’سگا‘ سٿ جي ساٿين جي هٿن تائين پھچندو تہ يقين آهي تہ ڪتاب جي پڙهندڙن لاءِ نئين اتساھہ جو باعث ثابت ٿيندو. سماجي ڪمن جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيندي ۽ ٻيا ليکڪ دوست بہ پنھنجي پنھنجي شاخن جي تاريخ کي مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، جنھن سان صحتمند سرگرمين کي هٿي ملندي ۽ ’سگا‘ جو مجموعي ڪردار قوم جي سامھون ايندو.
آخر ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ ۽ محقق پروفيسر شمشاد سومرو صاحب جي محنتن کي ڏسندي، اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته، 400 کان بہ وڌيڪ صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ’سگا‘ جي اندروني حلقن توڙي عام پڙهندڙن ۾ سٺي مڃتا ماڻيندو.
پروفيسر ”بيوس“ بخش علي چانڊيو
ڊپٽي سيڪريٽري جنرل
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
