مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي

”سگا“ مرڪز ۾ ٻہ ٽينوئر سيڪريٽري هيلٿ رهندڙ، بھترين اديب ۽ شاعر، سماج سڌارڪ، نقاد، گهڻ پاڙهو شخصيت، ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي، موري شھر جي اولھندي پاسي دادواھہ کان ٿورو مٿڀرو ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگيءَ ۾، 4 فيبروري 1952ع تي محترم جمعي خان جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر صاحب جا وڏا (ابا ڏاڏا) ڏيپارجا جا رهواسي هئا ۽ ڏيپارجا جي بزرگن بخاري سائين ۽ نظر محمد جيلاني جا مجاور هئا. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ مطابق منھنجو ڏاڏو ميون مينھون (بن سليمان بن سينڌن) ٻنھي مزارن جو مجاور هو جنھن جي قبر ڏيپارجا ۾ بخاري سائينءَ جي مزار جي ويجهو آهي، جتان ڊاڪٽر صاحب جو والد لڏي اچي پنھنجن عزيزن وٽ موري ويجهو ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگيءَ ۾ اچي رهيو.
ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي، پرائمري پنج درجا پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول حافظ خان محمد سولنگيءَ مان پاس ڪيا. مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول موري مان 1971ع ۾ پاس ڪري، سروري اسلاميہ گورنمينٽ ڪاليج هالا نوان ۾ پڙهڻ ويو. جتان انٽر سائنس (PM)1974ع ۾ ڏنائين ۽ ان بعد لياقت ميڊيڪل ڪاليج هاڻي يونيورسٽي ڄام شورو ۾ داخلا ورتائين. MBBS جي ڊگري 17 ڊسمبر 1980ع ۾ حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر سليمان صاحب هائوس جاب PMC هاسپيٽل نواب شاھہ ۾ 1981ع ۾ ڪيو. پاڻ نوڪري جي شروعات پاڪ آرمي ۾ ڪئپٽن جي GDMO (جنرل ڊيوٽي ميڊيڪل آفيسر) کان ڪيائين، جتي جنوري 1982ع کان مئي 1984ع تائين رهيو. ان بعد ڊاڪٽر صاحب موري ۾ جولائي 1984ع کان پرائيويٽ ڪلينڪ کولي جيڪا 2004ع تائين هلايائين. فيبروري 1990ع ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان کي هليٿ ڊپارٽمينٽ، ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ۽ سندن پھرين پوسٽگ RHC نوان جتوئي ۾ ٿي. ان بعد RHC سونھري فارم ۾ پڻ رهيو جتي کيس ايڊيشنل چارج، ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر NID پوليو اريڊيڪشن پڻ ملي.
ڊاڪٽر محمد سليمان 96-1995ع ۾ ”ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر“ نيشنل پروگرام آف PHC ۽ FP (ليڊي هيلٿ ورڪر) ڊسٽرڪٽ نوشھرو فيروز پڻ رهيو ۽ اڳتي هلي کيس پرانونشل پروگرام آفيسر سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ ڪري رکيو ويو جتي 1996ع کان جون 1999ع تائين رهيو. اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب جو 18 گريڊ ۾ مارچ 2003ع ۾ پروموشن ٿيو ۽ کيس SMO (سينيئر ميڊيڪل آفيسر) سول هاسپيٽل نوشھرو فيروز مقرر ڪيو ويو. جتان پاڻ بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي مان PMH ماسٽرس ان پبلڪ هيلٿ ڪميونٽي ميڊيسن ۾ ڪرڻ لاءِ 2004ع کان 2005ع تائين ڊيپوٽيشن تي فار اسٽيڊيز لاءِ آيو ۽ ان بعد 06-2005ع ۾ سندس پوسٽنگ SMO اسڪول هيلٿ سروسز ڪراچي طور ڪئي وئي. ڊاڪٽر صاحب PMH جي ڊگري 2006ع ۾ حاصل ڪئي. ڊاڪٽر سليمان سولنگي 2007ع کان سندن رٽائرمينٽ يعني 2012-02-03 تائين SMO ٿي رهيا. ليڪن ”سنڌ گورنمينٽ هاسپيٽل نيو ڪراچي“ ۾ CMO ۽ فوڪل پرسن طور پڻ رهيا. ڊاڪٽر صاحب هن وقت ڪراچي ۾ سچل ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي.
ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي، 1985ع ۾ ”سگا“ موري شاخ جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. ان کان علاوہ 87-1986ع، 91-1990ع ۽ 93-1992ع ۾ ”سگا“ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ”سگا“ مرڪز جو ٻہ ٽينوئر 87-1986ع ۽ 89-1988ع ۾ سيڪريٽري صحت پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ بھترين متحرڪ سماجي اڳواڻ رهيو آهي سندن دؤر ۾ جيڪي بہ ميڊيڪل ڪئمپون لڳيون ان ۾ ڊاڪٽر صاحب ڀرپور حصو ورتو ۽ پاڻ شاخ پاران ٿيندڙ فنڪشن ۽ پروگرامن ۾ پڻ ايڪٽو رول ادا ڪندو هو.

تخليقي سفر جي شروعات:
ڊاڪٽر سليمان، ڇھين درجي کان اٺين درجي جي پڙهڻ دوران يعني 1966ع کان 1968ع تائين جي عرصي دوران روايتي مولود ۽ ڪافيءَ جي شاعري ڪئي، جيڪا تر ۾ ڪجهہ ڳائي بہ وئي. جڏهن ڊاڪٽر مئٽرڪ کان پوءِ انٽر سائنس لاءِ هالا ۾ وڃي رهيو هو تہ پوئتي گهر ۾ سندس ڪافي ادبي مواد اڏوهيءَ جي ور چڙهي تباھہ ٿي ويو.
ڊاڪٽر سليمان جي شروعاتي شاعري، موري جي ادبي تنظيم ”ادارہ آئينہ ادب“ موري جي پبليڪيشن ”ڪانڌي ڪنگ ٿيـاس“ (1969ع) ۽ ”ڪريو قھر جو ڪوٽ“ (1971ع) ۾ شايع ٿي. ”ڪريو ڪوٽ قھر جو“، ون يونٽ جي ٽُٽڻ ۽ سنڌ جي صوبائي آزاد حيثيت بحال ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ڇپيو هو، جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحب جو لکيل ون يونٽ جي ٽُٽڻ تي يادگار نظم ڇپيل آهي. ”ادارہ آئينہ ادب“ مورو پاران ٽي ڪتاب شايع آهن. مٿين ٻن ڪتابن کان علاوہ ٽيون ڪتاب ”لھرون لک لباس“ هو. هن اداري جي آخري دؤر جا عھديدار صدر: سيد عطا حسين شاھہ المعروف نھرو شاھہ، نائب صدر: غلام رسول سومرو (پروفيسر)، جنرل سيڪريٽري: علي گُل ڪلھوڙو، خزانچي: محمد مٺل ڪمالاڻي، لائبريرين: مظھر سنڌي (ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي) هئا.
شروعات ۾ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي ادبي نالي/ تخلص ”مظھر سنڌي“ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ 74-1973ع تائين انھيءَ نالي سان لکندو رهيو. ان بعد پنھنجي اصلي نالي سليمان سولنگيءَ سان لکڻ شروع ڪيو. ڪجهہ اخبارن ۽ رسالن جھڙوڪ: نئين زندگي ۾ سندس ادبي مواد ۽ شاعري ”مظھر سنڌي“ جي نالي سان پڻ ڇپيل آهي.
جديد قومپرستي/ ترقي پسندي خيالن وارو نثر ۽ شاعري 1968ع کان 1970ع ۾ شروع ڪئي. 70-1969ع واري ڊاڪٽر صاحب جي جديد قومپرستي فڪر واري شاعري ”ادارہ آئينہ ادب“ جي پبليڪيشن وغيرہ ۾ ڇپي. ڊاڪٽر سليمان، شروع شروع ۾ (1967ع کان 1970ع تائين) مخدوم طالب الموليٰ ۽ عبدالحڪيم ”ارشد“ کان متاثر ٿيو پر ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو اثر سانوڻيءَ جي مينھن جيئن هن تي جهم ٻڌي بيھي رهيو. هن 1970ع کان 1972ع تائين شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر وڏي توجھہه ۽ غور و فڪر سان پڙهيو ۽ اڄ تائين شاھہ ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي ڪاڪٽيل جو اثر ڊاڪٽر صاحب جو حوصلو آهي.
ڊاڪٽر سليمان صاحب جي سوچ، ادبي شعور ۽ لکڻ جو ٽيون دؤر سروري اسلاميہ ڪاليج ۾ انٽرميڊئيٽ کان شروع ٿيو، جيڪو LMC ڄام شوري ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ دوران جوڀن تي پھتو. هالا جي دؤر واري شاعري ۽ نثر (بيت، واين ۽ نثر) بقول ڊاڪٽر سليمان جي 1973ع جي ٻوڏ دوران هن کان هيٺ مٿي ٿي ويون (گم ٿي ويون). ان ٻوڏ سندس ڪافي ادبي نقصان ڪيو، سندس وٽ ان وقت هڪ سٺي لائبريري هئي، جنھن ۾ اهم ڪتاب، ناياب رسالا ۽ اخبارن جا فائيل هئا، جيڪي ٻوڏ ۾ تباھہ ٿي ويا. سندن باقي حيدرآباد/ ڄام شوري واري دؤر جو جديد مابعد جديديت واري شاعري ۽ ڪجهہ نثر مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ ڪري محفوظ رهيو، پر اڃا تائين ٽڙيل پکڙيل آهي. ان وقت جي مشھور ادبي رسالي ”سھڻي“ ۾ سندن مواد جهجهو شايع ٿيل آهي. ان دؤر جي شايع ٿيندڙ ٻين رسالن جھڙوڪ: ”نئين زندگي“ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شاعري، نثر ۽ خط بہ شايع ٿيندا هئا.
ڊاڪٽر سليمان سولنگي ۽ سندن دوستن جي ڪوشش سان ايل. ايم. سي ڄام شوري ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کُلي جنھن جو پھريون سيڪريٽري ڊاڪٽر غلام حسين ”خليل قاضي“ هو. ڊاڪٽر صاحب جي ڪجهہ شاعري 1978ع کان 1981ع ڌاري هندوستان جي ادبي رسالن، مئگزينن ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر سليمان، 80-1979ع ۾ ايل. ايم. سي مان نڪرندڙ ”لطيف مخزن“ جي سنڌي حصي جو ايڊيٽر هو. مئگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڊاڪٽر شيرين کيڙو (اسسٽنٽ ايڊيٽر)، ڊاڪٽر محمد هاشم لانگاھہ (ميمبر)، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر (ميمبر)، ڊاڪٽر نندلال (ميمبر)، ڊاڪٽر شھيد بندہ علي ٻرڙو (ميمبر)، سھڪاري/ ميمبر هئا. ”لطيف مئگزين“ جي انگريزي ڀاڱي جي ايڊيٽر ڊاڪٽر قاضي فھميدہ عابد عباسي (هن وقت ڊاڪٽر فھميدہ مرزا) هئي. ان مئگزين جو ڊاڪٽر صاحب هڪ پرچي جي سنڌي ڀاڱي جو ايڊيٽر رهيو، ڇاڪاڻ جو ٻئي سال ڊاڪٽر سليمان جن ايم. بي. بي. ايس پاس ڪري چڪا هئا.
ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”چنڊ، سمنڊ ۽ پٿر اکيون“ 2008ع ۾ ڇپيو آهي، جنھن جو مھاڳ احمد سولنگيءَ جو لکيل آهي ۽ بئڪ ٽائيٽل ادل سومري صاحب جو لکيل آهي. سندن ٻي شاعري ڊاڪٽر صاحب وٽ موجود آهي، بقول سندن جي تہ مون وٽ هڪ مجموعي کان وڌيڪ شاعري پيل آهي. پاڻ هن وقت سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.