مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

موري جو متحرڪ سماجي ڪردار ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ

خوش اخلاق، ايماندار، نھايت ملنسار ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار محبوب شخصيت ڀٽائي سائينءَ جو کاهوڙي ڪردار، جنھن پنھنجي زندگي جو مقصد، ”خدا جي خلق جي خدمت، حقيقت ۾ عبادت آ“ بڻائي، خالق جي مخلوق جي خدمت لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪندڙ، موري جي مردم خيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، ”سگا“ موري جو هر وقت متحرڪ سماج سڌارڪ ساٿي، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، بھترين پرائمري استاد سائين قادر بخش ميمڻ جي گهر، ”ڪوري محله موري“ ۾ مارچ 1964ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم مين اسڪول موري مان حاصل ڪري، مئٽرڪ هاءِ اسڪول موري مان 1978ع پاس ڪيائين. کيس تعليم دوران بھترين استادن جي شفقت، رهبري ۽ رهنمائي حاصل ٿي، جن سندس شخصيت ۽ ذهانت کي نروار ڪيو. پاڻ 1980ع ۾ انٽر سائنس پري ميڊيڪل فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ ڊاڪٽريءَ لاءِ سليڪٽ ٿيو، جتان 1988ع ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. 1989ع ۾ هڪ سال LMC ۾ هائوس جاب ڪرڻ کان پوءِ 21 مارچ 1990ع تي نوشھرو فيروز ضلعي جي ’ڳوٺ هوت خان جلباڻي‘ ۾ ”اسڪول هيلٿ ڪلينڪ“ ۾ ايڊهاڪ تي ميڊيڪل آفيسر طور جوائن ڪيائين. ان بعد ڊيپوٽيشن تي LMC ڄام شورو هاسپيٽل جي سرجيڪل وارڊ ۾ آرڊر ڪرايائين جتي نومبر 1990ع تائين رهيو. سندن جو شوق هو تہ سرجري ۾ اسپيلائيزيشن ڪري سرجن بنجڻ جو ليڪن ڊاڪٽر صاحب جي اها آرزو اڌوري رهجي وئي. ان بعد ڊاڪٽر وجه الدين جو، نومبر 1990ع ۾ تعلقہ اسپتال موري ۾ آرڊر ٿيو. موري اسپتال ۾ خدمتون سرانجام ڏيئڻ بعد بيسڪ رورل هيلٿ سينٽر پورڻ، گچيرو، رسول آباد ۽ ملڪ ۾ رهيو. ڊاڪٽر صاحب پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان 1993ع ۾ پاس ڪيو. پاڻ 2011ع ۾ ارڙهين اسڪيل ۾ ۽ 2018ع ۾ اڻوهين اسڪيل ۾ پروموٽ ٿيو. ڊاڪٽر صاحب ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ضلعو نوشھرو فيروز جي عھدي تي فائز رهيا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن (ضلعو نوشھرو فيروز) پوليو پروگرام پڻ رهيا آهن. جتان مارچ 2024ع تي رٽائر ٿيا.
ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، سماجي ڪمن جي شروعات، موري جي مسيحا شخصيت ۽ بي لوث سماجي ڪارڪن سائين عبدالحق مرحوم جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ هيٺ، ”سنڌ فلاحي ڪاميٽيءَ“ جي پليٽ فارم تان ڪئي، جنھن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري هو. ڊاڪٽر صاحب هن فلاحي تنظيم ۾ اهم رول پلي ڪيو. ان تنظيم جي مکيہ ڪارڪن اسلم عباسي، شفيق الرحمان ميمڻ، حفيظ ميمڻ، صفدر سعيد ميمڻ ۽ مسعود احمد سومرو سان گڏ جنھن جي سرواڻي عبدالحق ميمڻ مرحوم ڪري رهيو هو، سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪيا. ٻوليءَ جي لساني فسادن دوران ”سنڌ فلاحي ڪاميٽيءَ“، ”سنڌ قومي اتحاد“ سان الحاق ڪيو ۽ موري مان اضحيٰ دوران کلون گڏ ڪري ”16000 روپيا“ پروفيسر محمد عمر (جيڪو ان وقت ڪونينر سنڌ قومي اتحاد هو) کي حيدرآباد ڏئي آيا. ان کان علاوہ موري ۾ ٻوڏ دوران ٻوڏ متاثرين جي بہ ڊاڪٽر صاحب ڀرپور خدمت ڪئي.
ڊاڪٽر وجه الدين، LMC ۾ پڙهڻ دوران مورائي ڊاڪٽرن سان گڏجي ”مورائي ميڊيڪوز“ ٺاهي جنھن جي طرفان LMC ۾ بي پھچ، لاچار، بي سھارا مريضن جي مدد ڪئي وئي. هن تنظيم ۾ مرحوم ڊاڪٽر حميد مورائي (عبدالحميد ميمڻ) جو اهم رول هو. ڊاڪٽر وجه الدين صاحب موري ۾ نوڪري دوران (نومبر 1990ع ۾ لڳ ڀڳ) تعلقہ اسپتال موري اندر بلڊ بئنڪ قائم ڪئي جنھن مان سرجري جي مريضن کي متبادل ۽ ٿيلسيميا جي مريضن کي مفت بلڊ ڏنو ويندو هو. اها ’بلڊ بئنڪ‘، 1993ع تائين لڳاتار هلندي رهي ان ڪري انھيءَ خدمتن تي ”سگا“ مرڪز پاران ڊاڪٽر صاحب کي ”سگا نشان ايوارڊ“ ڏنو ويو.
ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، ”سگا“ موري ۾ 91-1990ع کان ميمبر ٿيو. پاڻ ”سگا“ موري ۾ 93-1992ع، 18 ــ 2015ع ۽ 27 ــ 2024ع ۾ ”ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر“ رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ 95 ــ 1994ع ۾ شاخ موري جو نائب صدر پڻ رهيو آهي.
”سگا“ موري جي طرفان موري تعلقي جي مختلف ڳوٺن جھڙوڪ ”لغاري بجراڻي“، ”سومر ماڇي“ (گڻنڀ)، ”الھداد عالماڻي“، ”ملڪ، جو ڻالو“ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ لڳندڙ مفت ميڊيڪل ڪئمپن ۾ ٻين ڊاڪٽرن سان گڏ ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ جون خدمتون ڳڻائڻ جوڳيون آهن.
لاهوت ۾ ”سگا“ موري پاران ”مفت ميڊيڪل ڪئمپ“، سال 1991ع کان 2006ع تائين لڳاتار هر سال هنيون ويون جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڪاوشون ۽ خدمتون، دوائون ڪليڪٽ ڪرڻ کان وٺي ميلي ۾ ڪئمپ اندر مريضن کي ڏسڻ ۽ دائون لکي ڏيڻ تائين تمام اهم رهيون آهن. ان کان علاوہ ڊاڪٽر وجهه الدين صاحب ”اکين جي مفت ڪئمپ“ جيڪي جتوئي صاحبان پاران گرلس هاءِ اسڪول موري ۾ لڳرائيندا هئا ان ۾ سروسز پڻ ڏيندا هئا.
ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ موري شھر ۾ ٽائفائيڊ جي بچاءُ لاءِ ويڪسين هڻڻ جون ڪئمپون، شھر جي مختلف علائقن امام بارگاھہ محلي سميت لڳرايون. مناهي ڳوٺ (تعلقي موري) ۾ ”سگا“ موري پاران ”مفت جمعا ڪلينڪ“ هلندي هئي جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪافي سال خدمتون سر انجام ڏنيون. سندن سان گڏ ڪمپائونڊر طور فهد ميمڻ، مسعود ميمڻ ۽ منور ميمڻ پنھنجون خدمتون سر انجام ڏنيون.
ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، ”سگا“ کان علاوہ مختلف سماجي، ديني، تعليمي تنظيمن ۽ سول سوسائٽين جو ميمبر ۽ عھديدار رهيو آهي، جن مان ڪجهہ اهم جو تذڪرو ڪجي ٿو. ”يونائيٽيڊ ايجوڪيشن ويلفيئر سوسائٽي“ جو باني ميمبر، صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي 1999ع کان 2014ع تائين رهيو. ”مھراڻ سٽيزن ڪلب“ جو ميمبر کان وٺي هن وقت 2021ع ۾ ان جو چونڊيل جنرل سيڪريٽري آهي. ”مھراڻ ويلفيئر سوسائٽي مورو“ جو 2005ع ۾ خزانچي رهيو، جنھن جو صدر ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، جنرل سيڪريٽري راشد مورائي هو جڏهن تہ تنظيم جو سرپرست غلام النبي مورائي هو. ڊاڪٽر صاحب اسٽوڊنٽ لائيف ۾ 1978ع کان 1980ع تائين روحاني طلبہ جماعت، جو ميمبر ۽ عھديدار رهيو. ڊاڪٽر صاحب 1980ع کان 1981ع تائين LMC ۾ روحاني طلبہ جماعت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ صاحب، جي سياسي وابستگي ڊاڪٽرقادر مگسيءَ سان رهي آهي. ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، مھراڻ سٽيزن ڪلب موري جو متحرڪ جنرل سيڪريٽري آهي. هن ڪلب ۾ دوستن جي ساٿ سان بھترين ڪنسٽرڪشن جو ڪم ڪرايو آهي ۽ ڪلب ۾ هڪ بھترين هال تعمير ڪرايو آهي جنھن ۾ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڪرسيون پڻ پيل آهن ان کان علاوہ ان ۾ بئٽري سسٽم پڻ لڳرايو آهي جنھن ڪري هينئر موري جي علمي، ادبي، سماجي تنظيمن کي پنھنجا پروگرام ڪرڻ ۾تمام گهڻي آساني ٿي پئي آهي. ڊاڪٽر صاحب جي تعاون ڪرڻ ڪري ڪلب ۾ بھترين علمي ادبي محفلون مچنديون رهن ٿيون. ڊاڪٽر وجهه الدين جي ڪوششن سان هن سال مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ ريڊنگ لائبريري شروع ڪئي وئي آهي، جنھن سان موري جي نوجوانن کي بھترين فائدو پيو آهي. ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ، ”سگا“ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو هن ٽينوئر 27-2024ع ۾ پڻ ميمبر آهي.