متحرڪ سماجي اڳواڻ نثار احمد ميمڻ
نثار احمد ميمڻ، پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان 1976ع ۾ موري هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو. جڏهن تہ انٽر سائنس (P.E) مھراڻ ڪاليج موري مان 1978ع ۾ ڏنائين. نثار احمد دوستن سان گڏ 1980ع ۾ ”مورو اسٽوڊنٽس ويلفيئر سوسائٽي“ جي نالي سان تنظيم جو بنياد وڌو جنھن پاران هڪ ڊرامو ٽڪيٽ ۽ ڪارڊ تي ڪرايو، جيڪو موري شھر جي ٻاهران مال پڙي تي ٿيو، ان تنظيم جو نثار احمد جنرل سيڪريٽري هو.
نثار احمد ميمڻ، سائين پروفيسر نذير احمدقاضي کان متاثر ٿي، سندن صدر واري دؤر 1983ع ۾ ”سگا“ موري جو ميمبر بڻيو ۽ 1983ع جي اپريل ۾ موري ۾ منعقد ٿيندڙ ستين مرڪزي ڪنوينشن ۾ ورڪر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. نثار احمد ”سگا“ موري ۾ سڀ کا وڌيڪ ٽينوئر ”سگا“ شاخ موري جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. پاڻ 87-1986ع، 89-1988ع، 91-1990ع، 95-1994ع ۾ شاخ جو جنرل سيڪريٽري، 93-1992ع ۾ نائب صدر ۽ 1985ع، 18-2015ع، 24-2021ع ۽ 27 ـــ 2024ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. نثار احمد ميمڻ موري شاخ ۾ سماجي سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندو رهي ٿو. اڄ تائين سندس سڃاڻپ ”سگا“ جي حوالي سان آهي. نثار احمد ميمڻ، ”سگا“ پاران ڪوشش وٺي ميونسپل ڪاميٽيءَ کان ”سگا“ آفيس لڳ هڪ پلاٽ حاصل ڪري اتي بيڊمنٽن ٽورنامينٽ شروع ڪرايون جيڪي شروع ۾ سٽيزن ڪلب ۾ ٿينديون هيون بعد ۾ 1992ع ۾ ”سگا“ آفيس جي سامھون ان پلاٽ تي بئڊمنٽن گرائونڊ ٺھرايائين پوءِ اتي ٽورنامينٽ ڪرايائين.
نثار احمد ميمڻ کي 1990ع ۾ مرڪز پاران سندس خدمتن جي مڃتا طور ”چاندي جو ميڊل“ڏنو ويو، جيڪو موري برانچ لاءِ پھريون اعزاز هو، اهو ميڊل کيس شڪارپور ڪنوينشن ۾ محترم مظھرالحق صديقيءَ جي هٿان ڏياريو ويو. پاڻ ”سگا“ کان علاوہ موري جي ٻين ڪيترين ئي تنيظمن سان لاڳاپيل رهندو اچي ٿو. يونائيٽيڊ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ موري شھر جي علمي ادبي، سماجي، ثقافتي تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل آهي. هن وقت پڻ نثار احمد موري شاخ ۾ سرگرم آهي.
