مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

زاھد حسين ڏيپر

زاھد حسين ڏيپر ولد جمعو خان ڏيپر جو جنم 01,03,1989 تي ڳوٺ وڏپاڳيا تعلقو مورو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ وڏپاڳيا مان، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سڌوجا مان 2004ع ۾ ڏنائين. گريجوئيشن شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2008ع ۾ ڪيائين. ڊپلوما ايسوسيئيٽ انجنيئر سول، پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج دادو مان سن 2011ع ۾ پاس ڪيائين. زاھد حسين پڙھائي سان گڏوگڏ پرائيوٽ ڪلينڪن تي پڻ ڪم ڪيو آھي. ھن مختلف علائقن ۾ صحت کاتي طرفان لڳندڙ مفت ميڊيڪل ڪيمپن ۾ بطور والنٽيئر ڪم ڪيو ۽ 2006ع ۾ موري ۾ ميڊيڪل اسٽور کوليو. 2012ع ۾ ايريگيشن کاتي ۾ بطور سب انجنيئر سول نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو جتي ھينئر بہ ڪم ڪري رھيو آھي.
زاھد حسين ڏيپر، ”سگا“ موري شاخ جو سال 2014ع ۾ ميمبر بڻيو.پاڻ موري شاخ ۾ 2017ع کان 2023ع تائين خزانچي ۽ 2027_2024ع ۾ جنرل سيڪريٽري آھي. زاھد ڏيپر ھڪ بھترين ورڪر رھيو آھي ان ڪري موري شاخ طرفان کيس بھترين ڪارڪردگيءَ تي بھترين ورڪر جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آھي.
”سگا“ مرڪز پاران پڻ کيس ”بھترين سماجي ورڪر ايوارڊ“ 2023ع ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ ۾ سالياني ڪنوينشن ۾ ڏنو ويو آھي.