موري جو خاموش خدمت گذار، تعليمدان، سماج سڌارڪ پروفيسر سيد علي بخش شاھہ
سائين علي بخش شاھہ جن، موري جي مشھور شخصيت ۽ مٽياروي سادات خاندان جي فرد حاجي سيد امام بخش شاھہ جي حويلي ۾، 15 اپريل 1938ع تي اک کولي. پاڻ پرائمري تعليم برانچ اسڪول احمد شاھہ مين پرائمري اسڪول موري مان حاصل ڪري، مئٽرڪ جو امتحان 1955ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڏنو. انٽر هالا ڪاليج مان 1957ع ۾ پاس ڪيائين.، جڏهن تہ بيچلر جي ڊگري گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد (ڪاري موري) مان 1959ع ۾ ورتائين. ماسٽرس انٽرنيشنل رليشن ۾ 1961ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ۽ ايل ايل بي جي ڊگري 1963ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. سائين علي بخش شاھہ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ موري اچي وڪالت شروع ڪئي، پاڻ مرحوم عطا محمد لاڙڪ ۽ حاجي دوست ميمڻ وٽ نوشھرو فيروز ۾ پرئڪٽس شروع ڪئي. سندن وڪالت واري آفيس موري ۾ اڳوڻي سومرا ميڊيڪل اسٽور مين روڊ موري (موجودہ نثار ميڊيڪل اسٽور) جي مٿان ماڙي تي هئي.
آگسٽ 1964ع جي هڪ شام جو، سائين علي بخش شاھہ جن پنھنجي دوستن، پروفيسر نذير احمد قاضي، محمد صديق ”دلبر“ ميمڻ، نور محمد شيخ ۽ محمد عرس جبيراڻي سان چانھه گڏ پيئندي ڳالھ ڪئي تہ نوشھرو فيروز ۾ عطا محمد لاڙڪ ۽ غلام محمد عباسي وڪيل وارن ڪاليج کوليو آهي، پاڻ بہ ڇو نہ هتي موري ۾ ڪاليج کوليون. سڀئي دوست انھيءَ ڳالھ تي متفق ٿيا ۽ شھرين جي هڪ ميٽنگ مين پرائمري اسڪول موري ۾ انھيءَ سلسلي ۾ رکي وئي، جنھن ۾ محمد ايوب وينجهر ايڊووڪيٽ، قاضي انور احمد ايڊووڪيٽ، حاجي جان محمد عطار سرهيو ايڊووڪيٽ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ ان گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ڪاليج شروع ڪبو. ڪاليج کي هلائڻ لاءِ ”ايجوڪيشنل سوسائٽي مورو“ نالي هڪ تنظيم ٺاهي وئي جنھن جو صدر حاجي جان محمد سرهيو هو، جڏهن تہ نائب صدر انور احمد قاضي وڪيل ۽ جنرل سيڪريٽري سائين علي بخش شاھہ کي چونڊيو ويو. سوسائٽيءَ جي بنيادي ميمبرن ۾ سائين پروفيسر نذير احمد قاضي، محمد صديق دلبر ميمڻ، محمد عرس جبيراڻي، نور محمد شيخ، امان ﷲ ٻگهيو وڪيل، رسول بخش ميمڻ ديناڻي شامل هئا. ڪاليج جو پھريون پرنسپال محترم محمد ايوب وينجهر ۽ وائيس پرنسپال سيد علي بخش شاھہ کي مقرر ڪيو ويو. ڪاليج جا ڪلاس پھرين سيپٽمبر 1964ع تي مين پرائمري اسڪول موري ۾ شام جو شروع ڪيا ويا. 1967ع ۾ محمد ايوب وينجهر ڪم ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري تہ سائين علي بخش شاھہ کي فل فليج پرنسپال ڪري رکيو ويو. سائين علي بخش شاھہ، ڪاليج ۾ 12 سيپٽمبر 1967ع تي جوائن ڪيو ۽ 11 نومبر 1973ع تائين رهيو. ۽ وري 20 نومبر 1973ع کان 09 جنوري 1985ع تائين، مھراڻ ڪاليج موري ۾ پرنسپال رهيا جتان سيوهڻ ڪاليج بدلي ٿي ويا جتي 10 جنوري 1985ع کان 06 جنوري 1985ع تائين سيوهڻ ڪاليج جا پرنسپال رهيا. جنھن کان پوءِ وري مھراڻ ڪاليج بدلي ٿي آيا ۽ هتي 7 اپريل 1996ع کان 3 اپريل 1998ع تائين رهيا ۽ 3 اپريل 1998ع تي رٽائرمينٽ ورتائون.
محترم سائين علي بخش شاھہ کي قدرت وڏي صلاحيت سان نوازيو هو، پاڻ همٿ ڀريو ۽ باصلاحيت هو. سائينءَ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کان اجازت ۽ منظوري وٺي مھراڻ ڪاليج موري ۾ بي ايس سي ۽ بي ڪام جا ڪلاس شروع ڪرايا، جنھن ڪري موري جي ڇوڪرن ۽ نياڻين کي تمام گهڻو فائدو ٿيو ۽ نوشھرو فيروز ۽ دادو وڃڻ کان بچي ويا.
محترم سائين علي بخش شاھہ، ”مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي“ جي بنياد وجهندڙن مان پڻ هڪ هو جنھن پليٽ فارم تان موري ۾ ”ڪي جي اسڪول“ قائم ڪيو ويو. سائين علي بخش شاھہ صاحب، ”سگا“ موري شاخ جي بنياد وجهندڙ ميمبرن مان هڪ آهي. 1976ع ۾ سندن ميمبر شپ نمبرهڪ آهي ۽ ميمبر ٿيڻ جي تاريخ 02 جنوري 1976ع آهي. سائين علي بخش شاھہ 1976ع ۾ موري شاخ جي ”تعليمي سب ڪاميٽي“ جو ميمبر، 1977ع ۾ ”شاخ جي چونڊ ڪاميٽيءَ“ جو چيئرمين ۽ ”تعليمي سب ڪاميٽيءَ جو چيئرمين“ 1978ع ۾ ”سگا جي چونڊ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين“، ”ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر“، ”تعليمي سب ڪاميٽيءَ جو چيئرمين“ ۽ ”روزگار سب ڪاميٽيءَ جو ميمبر“ پڻ رهيو آهي. جڏهن تہ سال 1979ع ۽ 82-1981ع ۾ شاخ جي ”ڪاروباري ڪاميٽيءَ“ جو ميمبر ۽ تعليمي ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر پڻ رهيو آهي. اپريل 1983ع ۾ موري ۾ ٿيندڙ ”سگا“ جي ستين مرڪزي ڪنوينشن ۾ سائين علي بخش شاھہ جو مرڪزي ڪردار ۽ رول هو، سندن ئي ڪاوشن ۽ ڪوششن سان ڪنوينشن شاندار ۽ ڪامياب رهيو.
سائين علي بخش شاھہ، رٽائرمينٽ بعد موري جي عزادريءَ جي تاريخ تي هڪ ڪتاب لکيو جيڪو ”طلوع آفتاب“ نالي سان ڇپيو. سائين علي بخش شاھہ وٽ هزارن جي تعداد واري هڪ بھترين تاريخي لائبريري هئي جيڪا پڇاڙيءَ ۾ امام بارگاھہ جي ’ابو تراب لائبريري‘ ۾ ضم ڪيائون. سائينءَ علي بخش شاھہ کي چئن پٽن ۽ ڇھن نياڻين جو اولاد آهي. پاڻ 03 مئي 2011ع تي هن فاني جھان کي ڇڏيائون ۽ موري جي سخي باقر شاھہ اول جي مقام (لڳ امام بارگاھہ) ۾ مدفن آهن.
