مورو تاريخ جي روشنيءَ ۾
موري جو شھر (26-4) اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ (68-2) اڀرندي ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي ۽ هن جي آبھوا خشڪ ۽ صحت بخش آهي.
تاريخي قدامت جي لحاظ کان موري جو شھر تمام قديم آهي. موري جي آباد ٿيڻ ۽ نالي پوڻ متعلق ڪوبہ مُستَند تاريخي احوال موجود نہ آهي. هن شھر جي قديم هئڻ، آباد ٿيڻ ۽ نالي پوڻ متعلق مختلف روايتون مختلف ڪتابن ۾ ملن ٿيون، جن مان ڪي ڏندڪٿائون پڻ معلوم ٿين ٿيون، هيٺ انھن جو تذڪرو ڪجي ٿو: ”نوشھرو سب ڊويزن گزيٽئر“ ۾ ميمڻ عبدالحسين، ”نوشھرو فيروز هڪ نظر ۾“ مضمون اندر لکي ٿو تہ: ”موريه خاندان جي بزرگ موري شھر جو بنياد رکيو، سن 792ھہ ڌاري هو ملتان کان سنڌ ۾ آيو ۽ اچي هي شھر ٻڌايائين، انھيءَ بزرگ جو نالو ”مورو“ فقير هو. ان بزرگ جي مزار مورو شھر جي الھندي کان موجود آهي. هن درويش 872ھہ ۾ 150 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. ”مورو“ ان درويش جو نالو هو، ان ڪري شھر تي اهو نالو پيو.“
مسٽر هيوز ”سنڌ گزيٽيئر“ ۾ لکي ٿو تہ:
”اٽڪل ٻہ سؤ ورهيہ کن اڳ هن شھر جو بنياد بازيد فقير نالي ”مورو“ قبيلي جي هڪ ماڻھو رکيو هو.“
”نواب شاھہ ضلعي جي گزيٽئر“ ۾ مسٽر سمٿ راقمطراز آهي تہ:
”چوڻ ۾ اچي ٿو تہ 280 ورهيہ اڳ هي شھر ”مورو“ قبيلي جي بذير فقير ٻڌايو هو.“
مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم شھر ۽ ماڻھو“ اندر موري متعلق لکي ٿو تہ:
”مورو شھر ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي ڏينھن ۾ ”فريد ڀاڳت“ ٻڌايو، ڪن جو چوڻ آهي تہ اهو شھر بذير فقير جو ٻڌايل آهي، جو ذات جو مورو هو، جنھن کي اٽڪل ٽي سؤ ورهيہ ٿيندا.“
مير علي شير ”قانع“، ”تحفة الڪرام“ ۾ لکي ٿو تہ:
”بنو اُميه ۽ عباسي دؤر حڪومت ۾ ڪجهہ قبيلا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، جن کي 417ھہ ۾ محمود غزنويءَ جي وزير عبدالرزاق هڪالي ڪڍيو، باقي انھن جا ارڙهن قبيلا سنڌ ۾ پکڙجي ويا، جن مان آل مغيره بہ هڪ هو، جو بعد ۾ موريه سڏجڻ ۾ آيو.“ مير علي شير ”قانع“، موري جو تذڪرو بيان ڪندي لکي ٿو تہ:
”سيوستان جي مغلن کان ميان نصير محمد ڪلھوڙي لاکاٽ جو پرڳڻو اُجاري تي حاصل ڪيو. هوڏانھن فريد ڀاڳت جي ڪوشش سان ”مسڪن موري“ تي قبضو ڪيائون. ساهتي پرڳڻو پڻ سندس تصرف هيٺ آيو.“ مير ”قانع“ جي انھيءَ بيان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ هيءُ شھر ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي دؤر ۾ ”مسڪن موري“ جي نالي سان سڏبو هو، ان وقت هي شايد ننڍڙو ڳوٺ هو. (ميان نصير جو دؤر 1657ع کان 1669ع تائين رهيو).
موري جي قدامت جي باري ۾ بعض تاريخي ۽ حقيقي حقائق هن طرح بہ آهن تہ: ”مورو شھر هند ۽ سنڌ ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ ”موريا خاندان“ جي اشوڪا جي دؤر جو آباد ڪيل آهي، ان لاءِ وڏو مضبوط دليل اهو ٻڌايو وڃي ٿو تہ هو ٻڌ ڌرم جو عظيم پرچارڪ هو ۽ مھاتما ٻُڌ جي ياد ۾ هن جيڪي ٺُل ٺھرايا هئا، انھن مان هڪ موري کان 16 ميل پري دولتپور ۽ سن ساوڙي جي ڀرسان ٺُل مير رُڪڻ جي نالي سان موجود آهي.“
”تاريخ ڪلھوڙا“ جو ليکڪ مرحوم غلام الرسول مھر، ”مرآت دولت عباسيه“ ۽ ”جواهر عباسيه“ جي حوالي سان لکي ٿو تہ:
”بھاءُ ﷲ خان اصل ۾ هڪ سھتو سردار هو، کيس ڀلو بہ ڪري چوندا هئا. هن بزرگ جا دين محمد سھتي ڌاريجي ۽ مکڻ خان سھتي سان گهاٽا تعلقات هئا. محمد چينو، سنڌ جي ڪلھوڙن جو جدامجد ان بھاءُ ﷲ خان جو پٽ هو. دين محمد سھتي جو اولاد روتياڻي قبيلو آهي ۽ مکڻ خان سھتي جي نالي تي ’منڪن موري‘ نالي ڳوٺ اڄ تائين موجود آهي.“
مسٽر لوڪرام ڏوڏيجا ”منھنجو وطن منھنجا ماڻھو“ ۾ موري متعلق لکي ٿو تہ ”نواب شاھہ ضلعي جو جهونو نالو ساهتي پڻ رائج هو، اهو نالو تڏهن کان پيو، جڏهن جوڌپور رياست جي تخت تاج لاءِ ٻن راجڪمارن جو تڪرار ٿي پيو، انھن مان مُوڙا سنگ گادي تان هٿ کنيو ۽ لشڪر وٺي سنڌ جي ان ڀاڱي تي قبضو ڪيو، جيڪو جوڌپور سان لاڳيتو هو. ان کان ٿورو اڳ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي هئي پر هن کان پوءِ عرب حاڪم، راجپوتن جي حملي کان پاڻ بچائي نہ سگهيا. مُوڙا سنگ جي چوٿين نمبر پراڪرمي پٽ سھتا سنگ سنڌ جي وچ وارو پرڳڻو بہ هٿ ڪيو، تڏهن کان ان تي ساهتي نالو پيو ۽ ان ۾ سندس پيءُ جي نالي مورو تعلقو بہ هوندو هو.“
سنڌ جي مشھور ليکڪ، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ، ”مسٽر لوڪرام ڏوڏيجا“ جي مٿئين روايت کي وڌيڪ مستند ڪوٺي لکي ٿو تہ: ”انھي لحاظ کان موري جو بنياد 871 ڌاري پيو هوندو ۽ ان مان اهو بہ ثابت ٿئي ٿو تہ موري شھر جو واسطو موريه قبيلي سان نہ بلڪہ سھتا قوم جي هڪ نامور امير مُوڙا سنگ سان آهي.“
راقم الحروف کي موري جي مشھور علمي ۽ ادبي گهراڻي قاضي خاندان تي تحقيق ڪندي، هن خاندان جي هڪ برک عالم، ليکڪ ۽ شاعر مخدوم ميان عبدالرؤف مورائيءَ (وفات 1306ھہ) جي هڪ ڪتاب تي سندس نالي هيٺان ”مسکن موره“ لکيل نظر آيو، جيڪو منھنجي خيال ۾ ”مسڪن مورو“ يعني موري جي رهڻ جي جاءِ آهي.
مورو شھر، سنڌو درياھہ جي وٽ سان ٻڌل هو، سنڌو درياھہ جي وقت بوقت پاوڪ ۽ اُٿل ڪري هي شھر ڦٽندو پئي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو قديم دؤر ۾ هن شھر جو مفصل احوال نٿو ملي.
ڪلھوڙن جي دؤر ۾، موري جو شھر تاريخ جي صفحن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ان دؤر ۾ هي شھر ”مسڪن مورو“ يا ”موري جو مڪان“ سڏبو هو، جيڪو مٽيءَ جي وڏن دڙن تي آباد هو. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ هي شھر آهستي آهستي ترقي ڪندي عروج تي پھتو. ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ مورو ساهتي پرڳڻي جي مکيہ برک شھرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن دؤر ۾ هتي ڪيترائي هنرمند ماڻھو اچي آباد ٿيا. قديم زماني ۾ هي شھر صابڻ ٺاهڻ ۽ زيورن جي ڪاريگريءَ کان گهڻو مشھور هو. ٽامي ۽ ڪٽ جا ٿانوَ موري شھر جا مشھور هئا، هتي ٺاٺارا گهڻا رهندا هئا. موري شھر جا هندو وڏا سُکَر واپاري هُئا، جن جو قافلن رستي واپار خراسان ۽ ڏيساورن سان هلندو هو. هن شھر ۾ هندو ۽ مسلمان صُلح ۽ سانت سان رهندا هئا. شھر جي اولھه اتر ۾ مسلمانن جا محلا ۽ پاڙا آباد هئا ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ هندن جا محلا هئا. هن شھر ۾ هندن جا مندر ۽ ٽڪاڻا بہ گهڻا هئا ۽ هندو اڪثر شوَ پنٿي هوندا هئا، جيڪي پپر ۽ بڙن جي پوڄا ڪندا هئا. موري جون چوڙيون، گربيون، ململون ۽ انگوڇا سموري سنڌ ۾ مشھور هئا. هن جي رڱاوت جي ڪم جي هاڪ ساري سنڌ ۾ هئي.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، سن 1635ع ۾، سنڌ مان سوٽي ڪپڙي سان گڏ لوڻ جي واپار جو ڪاروبار بہ شروع ڪيو هو. دولتپور ۽ پٻجي جو لوڻ موري ۾ ذخيرو ڪيو ويندو هو، جتان ڪمپني جا نمائندہ ٻاهر ڏيساورن جي مَنڊِين ڏانھن روانو ڪندا هئا. فنِ عمارت سازيءَ ۾ بہ موري جا ڪاريگر برک هئا. هتي نقاشي ۽ ڪاريگريءَ جو ڪم سھڻي نموني ۾ ٿيندو هو.
1912ع کان اڳ ۾ ساهتيءَ جو سمورو علائقو موري سميت حيدرآباد ضلعي سان شامل هو. انتظامي لحاظ کان 1912ع ۾ انگريزن نواب شاھہ جو نئون ضلعو قائم ڪيو ۽ ان نئين ضلعي جي ٺھڻ سان موري تعلقي جي هيڊ ڪوارٽر سان گڏ سب ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي رهڻ جو بہ انتظام ڪيو ويو. انگريزن جي دؤر 1843ع کان 1947ع ۾ هن شھر تمام گهڻي ترقي ڪئي. 1861ع ۾ انگريزن موري ۾ ميونسپالٽي قائم ڪئي. موري جي ڊسٽرڪٽ بنگلي ۾ 1869ع ۾ انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر ايڇ. آرلينڊ (H.Ryland) رهندو هو، هن صاحب گرمي سبب 11 آگسٽ 1889ع ۾ وفات ڪئي ۽ بنگلي ڀرسان دفن ٿيل آهي. سندس قبر تي هيٺيون انگريزيءَ ۾ ڪتبو لڳل هو:
“In the Scared Memory of Henry Ryland, Deputy Collector and Magistrate of Naushahro, who died at Moro, 11th August 1889.”
”مسٽر سمٿ“ ’سنڌ گزيٽر‘ ۾ جيڪو 1920ع ۾ شايع ٿيو موري جو ذڪر ھن ريت ڪري ٿو: ”تعلقي جو ھيڊ ڪوارٽر 1911ع جي آدمشاريءَ موجب 3068 انسان رھن ٿا. ھتي مختيارڪار جي آفيس، پوليس اسٽيشن، ڊسٽرڪٽ بنگلو، پرائمري اسڪول، پوسٽ آفيس ۽ مسافرخانو آھي. ويجهي ريلوي اسٽيشن ٻانڌي ويھه ميل پري آھي. هتي ميونسپالٽي ھئي جيڪا 1886ع ۾ ختم ڪئي وئي.“
”مسٽر ھيوز“ موري بابت معلومات ڏيندي لکي ٿو تہ: ”مورو نوشھري سب ڊويزن جو ھڪ تعلقو آھي. سن 1861ع ۾ ھتي ميونسپلٽي وجود ۾ آئي. شھر جي آدمشماري 1783 ماڻھن تي مشتمل آھي.“ جڏھن ته، ”مسٽر ايڪٽن“ جو ”سنڌ گزيٽير“ جيڪو 1907ع ۾ شايع ٿيو، ان ۾ موري متعلق صرف ايترو لکيل آھي تہ مورو تعلقي جو ھيڊ ڪوارٽر آھي.
1932ع ۾ پڊ عيدن کان ريلوي جي سروس شروع ٿي، جنھن سان ننڍن ننڍن شھرن کي ملائيندي موري کان ٿيندي، ٽنڊي آدم تي ختم ٿيندي ھئي. ان طرح ڪئي شھر ھڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا ۽ ماڻھن کي اچ وڃ جي سھولت حاصل ٿي.
1989ع ۾ نئون ضلعو نوشھرو فيروز ٺاھيو ويو تہ موري تعلقي کي نواب شاھہ مان ڌار ڪري نوشھري فيروز ۾ شامل ڪيو ويو. نوشھري فيروز ضلعي ٺھڻ کان اڳ ۾ موجودہ دولتپور تعلقو سڄو موري ۾ شامل ھو ۽ 1989ع ۾ ھي نواب شاھہ سان گڏيو. 1998ع جي آدمشماري موجب تعلقي موري جي ٽوٽل آدمشماري 265251 آھي، جنھن ۾ 138980 مرد ۽ 126271 عورتون شامل آھن. موري تعلقي جي ايراضي 609 چورس ڪلوميٽر آھي.
موري شھر ۽ ان جي آس پاس ڪجهہ تاريخي ماڳ پڻ وڏي اھميت رکن ٿا. ٻُڌ ڌرم وارن جو ماڳ ”ٺُل مير رڪڻ“ ٻہ ھزار سال پراڻو آھي. مخدوم بلاول جو خليفو مخدوم ھنڱورو موري جي ڏکڻ ۾ گچيري ۾ آرامي آھي. موري جي اتر ــ اوڀر ۾ سڌوجا شھر سان لڳ ٻڌ ڌرم جي ”سرڻي ڪوٽ“ جا آثار موجود آھن. سنڌ جي ڪلھوڙا حڪمران ميان نور محمد ڪلھوڙي جو مقبرو ۽ تاريخي قبرستان ”ميان جا قبا“، موري شھر جي ڏکڻ ــ اوڀر پاسي ڪجهہ ڪلوميٽرن تي موجود آھي. موري جي پوسٽ آفيس پڻ قديمي انگريزن جي دؤر ۾ 1856ع ۾ قائم ٿي.
سنڌو درياھہ موري جي اولھه ۾ وھي ٿو. ڀُٽي صاحب جي دؤر ۾ مخدوم بلاول پل جي تعمير ٿي، پر ان جو افتتاح ضياءالحق 1983ع ۾ ڪيو. ھن پل ٺھڻ کان پوءِ موري جو وڻج وا پار ۾ واڌارو ٿيو.
مددي ڪتاب:
خانائي، قريشي حامد علي ڊاڪٽر: ”ضلعو نواب شاھہ، تاريخي شھر ۽ شخصيتون“، سال 1987ع
ڪمالاڻي، مٺل: ”مورو ناهي ٿورو“، مھراڻ ايجوڪيشنل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي، مورو سنڌ، سال 1988ع
مھر غلام الرسول: ”تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دؤر“، جلد پھريون 1973ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ
ڏوڏيجا، لوڪرام: ”منھنجو وطن منھنجا ماڻھو“، سال 1981ع
ميمڻ عبدالحسين، ”نوشھرو سب ڊويزن، هڪ نظر ۾“ سال 1963ع
اسلم عباسي: ”ضلعو نوشھرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾“، سال 2007ع
اسلم عباسي: ”مورو: تاريخ ۽ ثقافت“، سال 2011ع
اسلم عباسي: ”سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (مختصر تاريخ)، سال 2018ع
Huges, Aow: The Gezetteer of the province of Sindh
Symth, J.W: Gezetteer of Province of Sindh, Volume Nawabshah District 1920
