مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سال 18 ـــ 2015ع

سال 18 ــ 2015ع جي نون چونڊيل عھديدارن جي حلف برداري تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جي نئين چونڊجي آيل باڊي براءِ سال 18-2015ع جي رسم حلف برداري تقريب 2 سيپٽمبر 2015ع، اربع ڏينھن شام 6 وڳي ويزن پبلڪ اسڪول شيخ محلا مورو جي احاطي ۾ ٿي گذري، جنھن جي صدارت ”سگا“ ساٿي محترم منظور احمد اُڄڻ، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڪئي، جڏهن تہ مھمان خاص پيرل کوسو، مرڪزي سيڪريٽري ”سگا“ هيلٿ ۽ اعزازي مھمانن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ گدا حسين کوکر پرنسپال بحريه ڪاليج مورو هئا. ڪارروائيءَ جي شروعات ”سگا“ موري شاخ جي جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ شاھہ سائين جي شعرن سان ڪئي. جڏهن تہ تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت نظر حسين ميمڻ حاصل ڪئي، ان بعد محترم منظور احمد اُڄڻ، ”سگا“ مورو جي چونڊجي آيل نئين باڊي براءِ سال 18-2015ع کان حلف کڻايو.
محمد اسلم عباسي ”سگا“ صدر شاخ مورو آيل ”سگا“ مرڪزي اڳواڻن ۽ معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا. ”سگا“ ساٿين، پريس ميڊيا، معزز شھرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. حلف برداري تقريب سادي ۽ پروقار رهي، ”سگا“ موري جي برانچ جا ساٿي اسد سولنگي، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، تعليمي ماهر سيد محسن علي شاھہ، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، معزز شھري محمد اسحاق ڪورائي پڻ ”سگا“ جي ڪمن ڪارين ۽ سماجي ڪارگذاريءَ تي روشني وڌي.
صدارتي تقريب کي خطاب ڪندي محترم منظور اڄڻ چيو تہ مورو سنڌ جو اهم شھر آهي، جيڪو نہ رڳو ”سگا“ پر علم و ادب ۾ پڻ اڳڀرو آهي. ”سگا“ سنڌ جي ماڻھن جي ڳانڍاپي جو نالو آهي. اميد تہ ساٿي ”سگا“ مورو شاخ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. اسين کين مبارڪباد چئون ٿا. آخر ۾ جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ مھمانن جا ٿورا مڃيا.

”سنڌ جو ثقافتي ورثو بچايو“ قومي ڪانفرنس:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان سنڌ هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي مورو جي تعاون سان 25 سيپٽمبر 2015ع بروز اربع شام 4 وڳي ”سنڌ جو ثقافتي ورثو بچايو“ قومي ڪانفرنس ”ميان جا قبا“ تخت گاھہ محمد آباد ۾ ٿي گذري.
پروگرام جي صدارت اڳوڻي نگران صوبائي وزير حڪومت سنڌ مانواري ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي حوالي ڪئي ويئي، جڏهن تہ مھمان خاص محترم منظور اُڄڻ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ”سگا“ ۽ اعزازي مھمان محترم پيرل خان کوسو، مرڪزي سيڪريٽري صحت سگا، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صدر سنڌ هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي، محترم محبوب جوکيو صدر پريس ڪلب دولتپور ۽ ثقافت کاتي جو نمائندو محترم ايوب جمالي هئا. پروگرام جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جيڪا نظر حسين ميمڻ سعادت حاصل ڪئي. ان بعد جنرل سيڪريٽري ”سگا“ شاخ مورو حفيظ الرحمان شيخ آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا. ’سنڌ جو ثقافتي ورثو بچايو ڪانفرنس‘ ۾ پروفيسر شمشاد احمد سومري، ’سنڌ رويو‘ جي ايڊيٽر، عرفان عباسيءَ، محترم ادريس جتوئي، مجتبيٰ جوکيو، پروفيسر محمد خان ڏاهري ۽ اسلم عباسي صدر ”سگا“ شاخ مورو پنھنجا ويچار ونڊيا.
هن موقعي تي مھمانن کي اجرڪ جا تحفا ۽ ڪتاب ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ جيڪو ميان نور محمد ڪلھوڙي فارسي ۾ لکيو هو ۽ پوءِ ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو، اهو پڻ مھمانن کي پيش ڪيو ويو.
اعزازي مھمان محترم پيرل کوسو تقرير ڪندي چيو تہ سنڌ جي آثارن، تاريخي ماڳن ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ سڀني ماڻھن کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ”سگا“ مورو اڄوڪو پروگرام منعقد ڪري ثابت ڪيو آهي تہ ”سگا“ سنڌ جي ثقافت جي وارث آهي. اعزازي مھمان محمد ايوب جماليءَ چيو تہ اڄوڪي پروگرام ۾ سيڪريٽري ثقافت محترم ڊاڪٽر نياز عباسي ڪن مجبورين سبب شريڪ نہ ٿي سگهيو آهي هن چيو تہ آثارن ۽ تاريخي ماڳ مڪانن کي بچائڻ لاءِ ثقافت کاتي کي اوهان جي تعاون جي ضرورت آهي. اعزازي مھمان ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ چيو تہ ”سگا“ سنڌ جي وارث آهي، ان ڪري سڄي سنڌ ۾ آثارن جي تحفظ لاءِ هڪ قومي ڪانفرنس ”سگا“ طرفان ڪرائي وڃي، مھمان خاص محترم منظور اڄڻ ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ آثارن ۽ تاريخي ماڳن جي بچائڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ ”سگا“ جو اولين فرض آهي. ”سگا“ موري جي ساٿين کي جس آهي، جن هي ثقافتي ڪانفرنس منعقد ڪري تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. نومبر ۾ ”سگا“ طرفان ’ٻولي ڪانفرنس‘ ڪوٺرائي ويئي آهي. صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر شفقت حسين عباسيءَ چيو تہ اڄوڪي ثقافتي ڪانفرنس ”سگا“ طرفان منعقد ڪئي ويئي آهي، جنھن لاءِ کين جس هجي سڄي سنڌ ۾ آثارن جي حالت جُهرندڙ آهي، جيڪي مڪمل تباھہ ٿي رهيا آهن. ”سگا“ کي سڄي سنڌ اندر سڀني ماڳن کي بچائڻ لاءِ هڪ ڏينھن ملھائڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ هيٺيان مطالبا ۽ قراردادون پيش ڪيون ويون:
1. ”سگا“ سنڌ طرفان سنڌ جي مڙني تاريخي ماڳ مڪانن ۽ آثارن جي بچائڻ لاءِ سڄي سنڌ اندر قومي ڏينھن ڪري ملھايو وڃي.
2. ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان هن تاريخي ماڳ ”ميان جا قبا“ جي تحفظ لاءِ 10 ڪروڙ روپيا منظور ڪيا وڃن.
3. سياحن جي سھولتن خاطر ’ميان جا قبا‘ تي ريسٽ هائوس، بجلي، پيئڻ جو پاڻي ۽ ضروري سھولتون ڏنيون وڃن.
آخر ۾ لنگر تقسيم ڪيو ويو ۽ هن ڪانفرنس جي پڄاڻي رات جو اٺين وڳي ٿي.

5 آڪٽوبر استادن جو عالمي ڏينھن:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو طرفان 5 آڪٽوبر 2015ع، سومر ڏينھن ’استادن جو عالمي ڏينھن‘ (World Teachers Day) گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول (مين پرائمري اسڪول) مورو ٽائون ۾ ملھايو ويو. هاءِ اسڪول مورو ۾ استادن ۽ شاگردن سان گڏجي اسيمبليءَ دوران مانوارن استادن کي سلام پيش ڪيو ويو. آجياڻي تقرير ڪندي ”سگا“ جي جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ چيو تہ ”سگا“ مورو شاخ اڄ ”سلام ٽيچر“ پروگرام منعقد ڪري ناميارن استادن کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ اميد ڪريون ٿا تہ معاشري ۾ جيڪو اصل مقام استاد جو آهي ان کي قائم رکڻ ۾ ”سگا“ پنھنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ان بعد ”سگا“ ساٿي ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، نظر حسين ميمڻ، وزير فرهاد، منير احمد سيال هيڊ ماستر هاءِ اسڪول، راشد عباسيءَ استادن کي خراج تسين پيش ڪيو ۽ استادن کي گلن جا هار پارايا.
آخر ۾ ”سگا“ شاخ مورو جي صدر محمد اسلم عباسيءَ سڀني جا ٿورا مڃيندي، استادن جي عالمي ڏينھن جي اهميت تي ڳالھايو ۽ استادن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

صوفي محفل:
”سگا“ شاخ موري طرفان 5 ڊسمبر 2015ع ڇنڇر تي موري شھر ۾ يونائيٽيڊ اسڪول باءِ پاس ٽائون مورو ۾ سچل سرمست ڊيولپمينٽ ائنڊ ريسرچ سينٽر جي تعاون سان صوفي محفل پروگرام ٿي گذريو. هن محفل جي صدارت درگاھہ حضرت سچل سرمست جي گادي نشين جي ننڍي ڀاءُ پير خواجہ نظر الحق ڪئي. جڏهن تہ خاص مھمان منظور اڄڻ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ”سگا“ سنڌ هئا. پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي، ادريس جتوئي، اسد سولنگي، ايڊووڪيٽ امداد سولنگي، ”سگا“ صدر اسلم عباسي، نظر حسين ميمڻ ۽ ٻين کي اسٽيج تي ويھاريو ويو. ڪارروائي جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ ۽ وزير فرهاد سولنگي هلائي. معزز مھمانن کي ڀليڪار ڪندي ”سگا“ شاخ موري جي صدر اسلم عباسي چيو تہ اسان تمام گهڻا ٿورائتا آهيون سڀني مھمانن جا خاص ڪري سچل سرڪار جي گادي ڌڻيءَ جي ڀاءُ خواجہ نظرالحق جا، ان بعد آيل مھمانن، اديبن، شاعرن، سچل جي زندگي ۽ تصوف بابت پنھنجا ويچار ونڊيا ۽ تقريرون ڪيون. آخر ۾ صوفي راڳين ڀُورل ڀَٽي، تنوير فقير ۽ جويو فقير ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. ”سگا“ مورو طرفان هيءَ بھترين صوفي محفل ٿي گذري، جنھن ۾ اديبن، ”سگا“ ساٿين، ميڊيا صحافين ۽ معزز شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

”ڪتابي ميلو“ 2016ع:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان ٻن ڏينھن وارو ’ڪتابي ميلو‘، ستين جنوري 2016ع تي پريس ڪلب مورو ۾ لڳايو ويو، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي جي تعاون سان منعقد ٿيو. هن ڪتابي ميلي جو افتتاح ”سگا“ جي مرڪزي سيڪريٽري ثقافت شھاب الدين شاهاڻي ڪيو ۽ ساڻس گڏ معزز مھمان پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پريس ڪلب مورو جي صدر نواب اصغر علي ڪورائي، ”سگا“ شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسي، نظر حسين ميمڻ، حفيظ الرحمان شيخ، وزير فرهاد سولنگي، سرفراز ميمڻ، راڻو اياز ميمڻ ۽ عظيم سنڌيءَ سان گڏ مورو پريس جا صحافي ۽ موري جا معززين شھري موجود هئا. جڏهن تہ موري جي علمي ادبي، سياسي، سماجي تنظيمن کان علاوہ مختلف اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ استادن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. دولتپور کان هڪ اديبن جو وفد پروفيسر ارشاد علي اوٺي جي سربراهيءَ ۾ شرڪت ڪئي. ”سگا“ قاضي احمد برانچ مان ممتاز علي ميمڻ، حاڪم علي اوٺي ۽ احمد خيام پڻ شرڪت ڪئي. ان کان علاوہ سنڌي ادبي سنگت شاهپور جهانيان، نيو جتوئي، جوهي، دادو، سڪرنڊ، نواب شاھہ، نوشھرو فيروز مان آيل اديبن ميلي ۾ اچي ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي جي ڏنل لائبريري پيڪيج مان فائدو وٺندي ڪتابن جا ڪيترائي آرڊر بڪ ڪرايا. هي ڪتابي ميلو ٻن ڏينھن تي مشتمل هو. ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينھن يعني 8 جنوري 2016ع تي جمعي ڏينھن منجهند جو 4 وڳي پريس ڪلب مورو جي هال ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي ڪتاب ”منھنجي دنيا“ تي هڪ علمي ادبي ويھڪ ٿي. جنھن جي صدارت ”سگا“ جي مرڪزي وائيس چيئرمين محترم پيرل کوسو ڪئي جڏهن تہ مھمان خاص مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو چيئرمين نور احمد ميمڻ هئا. اعزازي مھمانن ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پريس ڪلب مورو جو صدر نواب اصغر ڪورائي ۽ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نظير احمد ميمڻ هئا، ڪارروائي برانچ جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ هلائي. پروگرام جي شروعات ﷲ پاڪ جي ڪلام سان ٿي، جيڪا تلاوت نظر حسين ميمڻ ڪئي.
آجياڻي تقرير ڪندي ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا. سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين نور احمد ميمڻ ڪتاب تي تفصيلي گفتگو ڪندي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو، هن چيو تہ ڊاڪٽر سليمان شيخ هي ڪتاب لکي پنھنجو فرض نڀايو آهي ۽ سنڌ جي مسئلن کي چٽو ۽ واضح تحرير ڪيو اٿس.
صدارتي تقرير ڪندي پيرل کوسي چيو تہ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سنڌ جي سماجي جاڳرتا ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. شيخ صاحب ۽ اڄ جي دؤر جو رول ماڊل آهي اچو تہ سندس فڪر ۽ ”سگا“ جي پروگرام کي سڄي سنڌ ۾ پکيڙيون ۽ سڀئي ماڻھو گڏجي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺون. اڪيڊمي طرفان خاص پيڪيج تحت ڪتابن تي 50 سيڪڙو رعايت ۽ لائبريري واسطي 40 هزار جا ڪتاب 12 هزار ۾ ڏنا ويا. اهڙي طرح هي ڪتابي ميلو ٻئي ڏينھن رات دير تائين پنھنجي پڄاڻي تي پھتو.

ڳوٺ هوت خان بھراڻي ۾ ميڊيڪل ڪئمپ:
”سگا“ شاخ مورو جي گڏيل سھڪار سان تنظيم وليج ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ هوت خان بھراڻي لڳ نوان جتوئيءَ ۾ تاريخ 16 جنوري 2016ع ڇنڇر ڏينھن صبح جو 8 کان شام 5 وڳي تائين مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون ۽ ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون. ڪئمپ اندر مختلف ڊاڪٽرن فزيشن، دل جي بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر ۽ ٻيا ڊاڪٽر موجود هئا، ان سان گڏوگڏ ECG ۽ هيپاٽائيٽس جون ٽيسٽون چيڪ ڪرڻ واريون سھولتون پڻ موجود هيون. هن ڪئمپ ۾ چيڪ اپ ڪرائيندڙ مريضن جو تعداد 2200 رهيو. هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جون 250 ٽيسٽون ٿي گذريون، جنھن مان اندازي موجب 100 ماڻھن کي هيپاٽائيٽس ظاهر ٿي. ڪئمپ دوران ”سگا“ جي سرگرم ساٿين اسلم عباسي، نظر حسين ميمڻ، سرفراز ميمڻ، وزير فرهاد، محمد اياز راڻو ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ جن صبح کان شام تائين ڪئمپ ۾ ڀرپور حصو ورتو.

محبت جي عالمي ڏينھن تي ايوارڊ تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري ۽ ماهوار رسالي ’ريکائون‘ ڪراچي جي چيف ايڊيٽر رحمت پيرزادي جي سھڪار سان ’محبت جي عالمي ڏينھن‘ 14 فيبروري 2016ع بروز آچر صبح جو 11 وڳي يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول باءِ پاس ٽائون مورو ۾ مشاعرو ۽ ڪتاب ”صليب جاڳ اسان جي“ جي مھورت تقريب ٿي، جنھن جي صدارت سنڌ جي ناليواري اديب سائين مير محمد پيرزادي صاحب ڪئي، جڏهن تہ خاص مھمان ڊاڪٽر محمد لائق زرداري هئا ۽ اعزازي مھمانن ۾ گدا خاصخيلي، معشوق ڌاريجو هئا. ”سگا“ مورو جي صدر اسلم عباسي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ ماهوار رسالي ’ريکائون‘ جي چيف ايڊيٽر رحمت پيرزادي سان گڏجي اڄوڪو پروگرام ڪري رهيا آهيون، جنھن ۾ تعلقي موري جي اديبن، شاعرن، قلمڪارن ۽ ڏات ڌڻين جو قدر ڪندي کين اسان مڃتا ايوارڊ ڏئي رهيا آهيون، ان موقعي تي موري تعلقي جي نامور تاريخدانن، اديبن ۽ شاعرن کي ايوارڊ ڏانا ويا جن ۾ رسول بخش گچيرائي، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، امداد سولنگي، اسلم عباسي، رزاق مستوئي، ادريس جتوئي، عظيم سنڌي، رضا لانگاھہ، عرفان عباسي، وزير فرهاد سولنگي، سڪندر جرورار، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، نجم سرهيو، عبدﷲ جيسر، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، رکيل مورائي، اسد سولنگي، محبتي ملاح، ڄام صنم سنڌو، ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن، اديبن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، جنھن کان پوءِ مشاعرو ٿي گذريو جنھن ۾ ڪيترن ئي شاعرن خوبصورت شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو، آخر ۾ ’ريکائون‘ جي چيف ايڊيٽر رحمت پيرزادي ”سگا“ شاخ مورو جا سھڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. آخر ۾ سڀني مھمانن کي ايڊووڪيٽ امداد سولنگيءَ طرفان منجهند جي ماني کارائي وئي.

مفت چمڙي ڪيمپ ۽ هيپاٽائيٽس ميڊيڪل ڪئمپ:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جي طرفان 21 فيبروري 2016ع آچر جي ڏينھن سول اسپتال موري ۾ حاجي ڀلي ڏنو ميمڻ جي ياد ۾ مورائي برادرس جي گڏيل سھڪار سان هڪ ڏينھن واري مفت چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪئمپ ۽ هيپاٽائيٽس بي سي مريضن جي سڃاڻپ واسطي ڪئمپ جو بندوبست ڪيو ويو. سول اسپتال مورو جي ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ هيپاٽائيٽس پروگرام جي انچارج ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر جي تعاون سان اسپتال اندر ڪئمپ ٿي گذري. ڪراچي کان ڊاڪٽرن جي آيل ٽيم و اڊپ جي اڳواڻ ڊاڪٽر منظور احمد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر جاويد مظھر ميمڻ، چمڙيءَ جي بيمارين جي سوين مريضن مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي چڪاسي کين مفت دوائون پڻ ڏنيون.
ٻئي طرف ”سگا“ شاخ مورو جي عھديدارن ۽ ميمبرن اسلم عباسي، حفيظ الرحمان شيخ، وزير فرهاد سولنگي، سرفراز ميمڻ، وسيم رحمان شيخ، بشير احمد لغاري، نثار احمد ميمڻ ۽ اسڪائوٽ مظفر گلاباڻي پڻ ورڪرن سميت انتظام سنڀاليا.
هن موقعي تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي سيڪريٽري هيلٿ رفيق احمد سرهيي ۽ مرڪزي سيڪريٽري ثقافت شھاب الدين شاهاڻيءَ ڪئمپ وزٽ ڪئي. جڏهن تہ حاجي ڀلي ڏنو ميمڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان ليڊي ڊاڪٽرس کي اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو. چمڙي ڪئمپ ۾ اندازي موجب 2500 ماڻھن کي چيڪ ڪرڻ بعد مفت دوائون ڏنيون ويون، جڏهن تہ هيپاٽائيٽس جي 250 ماڻھن کي تپاسيو ويو جن مان 28 ماڻھن ۾ مرض جي سڃاڻپ ٿي. آخر ۾ ”سگا“ شاخ مورو جي عھديدارن طرفان حاجي ڀليڏنو ميمڻ مورائي ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ واڊپ ڪراچي جا ٿورا مڃيا ويا ۽ گڏوگڏ سول اسپتال مورو جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ جي تعاون جو پڻ شڪريو ادا ڪيو ويو، هي ڪئمپ شام 5 وڳي پڄاڻي تي پھتي.

”مورو شھر جا سماجي مسئلا ۽ انھن جو حل“ پروگرام ۽ ميونسپل چيئرمين مورو جي مان ۾ آجياڻو:
”سگا“ موري شاخ طرفان تاريخ 11 سيپٽمبر 2016ع آچر ڏينھن يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول موري ۾ نئين چونڊجي آيل چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي نظير احمد ميمڻ جي مان ۾ آجياڻو ۽ ”مورو شھر جا سماجي مسئلا ۽ انھن جو حل“ بابت پروگرام ٿي گذريو. پروگرام جي صدارت ”سگا“ جي مرڪزي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو ڪئي، خاص مھمان نظير احمد ميمڻ هو، جڏهن تہ اعزازي مھمان محترم منظور اڄڻ ”سگا“ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل رفيق احمد سرهيو مرڪزي سيڪريٽري هيلٿ ”سگا“، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ادريس جتوئي، عرفان عباسي هئا. مھمانن جي آجيان جنرل سيڪريٽري سگا شاخ مورو حفيظ الرحمن شيخ ڪئي.
وزير فرهاد سولنگي ڪارروائيءَ جا فرائض انجام ڏيندي پنڊال ۾ ويٺل معزز ساٿين نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر وجيھ الدين ميمڻ، پروفيسر شمشاد احمد سومري، سيد محسن علي شاھہ، اياز راڻو ميمڻ، اسد سولنگي، سيد نظير احمد شاھہ کي مورو جي مسئلن بابت ڳالھائڻ لاءِ سڏ ڪيو، جن نئين چونڊيل چيئرمين کي مبارڪباد ڏيندي شھر جي سماجي مسئلن کي اجاگر ڪندي موري شھر جا مسئلا پڻ ٻڌايا ۽ توقع ظاهر ڪئي تہ ”سگا“ مورو پنھنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ نئين چيئرمين مان اميد ڪريون ٿا تہ هو موري شھر جي سڀني مسئلن خصوصاً جيڪي هتي بحث هيٺ آيا آهن، انھن جي حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.
”سگا“ جي مرڪزي اڳواڻ محترم رفيق احمد سرهيي نئين چونڊيل چيئرمين کي مبارڪ ڏيندي چيو تہ اوهان نوجوان آهيو ۽ ”سگا“ جا ميمبر ۽ عھديدار پڻ رهي چڪا آهيو ان ڪري شھر جي بھتري ۽ ڀلائيءَ واسطي ڪم ڪندا.
”سگا“ مورو جي صدر اسلم عباسيءَ آيل سڀني شھرين، ”سگا“ ساٿين صحافين، تعليمي ماهرن، استادن پنڊال ۾ موجود ڪائونسلرن، ٻين آيل مھمانن ۽ ”سگا“ جي مرڪزي ساٿين جا ٿورا مڃيا ۽ نئين چونڊجي آيل چيئرمين نظير احمد ميمڻ کي مبارڪباد پڻ ڏني. ان بعد مھمان خاص چيئرمين مونسپل ڪاميٽي مورو محترم نظير احمد ميمڻ کي سڏ ڪيو ويو. هن سڀ کان اول ”سگا“ مورو جا ٿور مڃيندي چيو تہ منھنجي لاءِ اڄوڪي تقريب اعزاز آهي ۽ مون کي جيڪا هيڏي وڏي عزت ملي آهي، آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ هن منصب تي ويھي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان عوام جي خدمت ڪندو رهندس. هن ”سگا“ موري جي سماجي ڪمن کي ساراهيندي، چيو تہ نوجوانن واسطي بھترين لائبريري موري شھر ۾ تعمير ڪرائي ويندي.
آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي پيرل خان کوسو چيو تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ کي جس آهي جنھن شھر جي سماجي مسئلن ۽ انھن جي حل بابت اڄوڪي تقريب منعقد ڪئي آهي ”سگا“ مرڪز طرفان پڻ نئين چونڊيل چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو محترم نظير احمد ميمڻ کي مبارڪ باد ڏجي ٿي.

ڀٽائيءَ جي سر ڪيڏارو تي ليڪچر پروگرام:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان 7 آڪٽوبر 2016ع جمعي جي ڏينھن 4 وڳي، ”لطيف لائبرري“ ”سگا“ آفيس مورو ۾ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سر ڪيڏارو“ تي ليڪچر پروگرام ٿي گذريو. هن پروگرام جي صدارت ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ڪئي ليڪچر ڪار محترم اسد سولنگي هئا جڏهن تہ اعزازي مھمانن ۾ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، عرفان عباسي، عظيم سنڌي، نثار احمد ميمڻ ۽ نظر حسين ميمڻ شامل هئا. ”سگا“ مورو جي صدر اسلم عباسي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا، ڪارروائي وزير فرهاد سولنگي هلائي ۽ تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت نظر حسين ميمڻ حاصل ڪئي.
ليڪچر ڪار محترم اسد سولنگيءَ ڀٽائيءَ جي سر ڪيڏاري بابت ڀرپور ليڪچر ڏنو. ليڪچر پروگرام ۾ ”سگا“ ساٿين، اديبن، شاعرن، صحافين، معزز شھرين، استادن، تعليمي ماهرن ۽ ڀٽائيءَ جي عاشقن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

”سگا“ ساٿي مظھرالدين ميمڻ جي ياد ۾ مفت چمڙي ڪيمپ 2016ع:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان 6 نومبر 2016ع آچر ڏينھن صبح 9 وڳي تعلقي سول اسپتال موري ۾ ”سگا“ ساٿي ۽ مرڪزي روح روان پروفيسر مظھرالدين ميمڻ مرحوم جي ياد ۾ هڪ ڏينھن واري مفت چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪيمپ هنئي وئي.
تعلقي سول اسپتال مورو جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر عبدالڪريم ڏاهري بھترين تعاون ڪندي اسپتال جي احاطي ۾ ڪيمپ جا انتظام مڪمل ڪرايا.
”سگا“ ڪراچي شاخ جي اڳوڻو جنرل سيڪريٽري محمد اياز ”راڻو ميمڻ“ مرڪزي چيئرمين ”سگا“ جي خاص هدايتن تي ڪئمپ ۾ پھتو. هن مفت چمڙي ڪئمپ جو افتتاح ۽ پروگرام جي صدارت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوشھرو فيروز ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙو ڪئي، جڏهن تہ هن موقعي تي ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو عدنان رشيد پڻ ڪئمپ جو دورو ڪيو. ”سگا“ شاخ ڦل جا ساٿي ۽ عھديدار پروفيسر بخش علي چانڊيو، اڪرم ڦل ۽ خالد ميمڻ سول اسپتال موري پھتا ۽ هنن ڪئمپ جو دورو ڪيو.
ڊاڪٽر جاويد ميمڻ ۽ سندس ٽيم اٺن ڊاڪٽرن تي مشتمل هئي، اندازي موجب هنن ٻہ هزار (2000) مريضن کي تپاسيو ۽ مفت ۾ بھترين دوائون پڻ ڏنيون. هيءَ ڪئمپ صبح 9 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين جاري رهي. ٻاهران آيل ڊاڪٽرن لاءِ منجهند جي ماني جو اهتمام ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر طرفان سندس رهائشگاھہ تي ٿيل هو.

چار ڏينھن وارو ڪتابي ميلو ــ 2016ع، ڪتابي مھورت، مشاعرو ۽ محفل موسيقي:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان مورو پريس ڪلب جي احاطي ۾ ڪتابي ميلي جي چئن ڏينھن واري تقريب ٿي گذري. 14 ڊسمبر 2016ع، اربع ڏينھن تي هن ڪتابي ميلي جي افتتاحي تقريب ٿي، جنھن جي صدارت شھاب الدين شاهاڻي سيڪريٽري ثقافت ”سگا“ ڪئي. جڏهن تہ خاص مھمان سنڌيڪا اڪيڊمي جو نور احمد ميمڻ هئا، صدارتي تقرير ڪندي شھاب الدين شاهاڻي چيو تہ ڪتاب انسان جو بھترين دوست آهي. ”سگا“ مورو شاخ کي جس آهي جنھن اهڙو ڪتابي ميلو منعقد ڪري مورو شھر جي نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نور احمد ميمڻ تقرير ڪندي چيو تہ موجودہ انفرميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ جي وڌندڙ سھولتن سبب ڪتابن جي مطالعي جو رجحان گهٽجي رهيو آهي، جيڪو نوجوانن جي لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي. جڏهن تہ يورپ اندر اڄ بہ ڪتابن سان چاھہ آهي ضرورت ان ڳالھ جي آهي سنڌ جا ساڃاھہ وند ماڻھو ڪتابي ميلا منعقد ڪرائي سنڌ جي نوجوانن اندر ڪتاب پڙهڻ جي عمل کي تيز ڪن.

15 ڊسمبر، خميس ڏينھن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري پاران پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ڪتاب ”مورو جا مڻيادار ماڻھو“ جي مھورتي تقريب مورو پريس ڪلب ۾ نوشھرو فيروز جي ضلعي چيئرمين عبدالستار عباسي جي صدارت ۾ ٿي گذري. ضلعي چيئرمين عبدالستار عباسي چيو تہ مورو شھر ۾ ادبي لحاظ سان انيڪ ماڻھو پيدا ٿيا آهن، جن موري جي ادب سميت ٻين شعبن ۾ ڀرپور جدوجھد ڪري پاڻ مڃايو آهي ۽ انھن وسري ويل ماڻھن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ۽ نوجوان نسل ۾ اتساھہ پيدا ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر زرداري صاحب ڪتاب ”مورو جا مڻيادار ماڻھو“ لکي مورو جي شخصيتن کي سنڌ جي عوام ۾ متعارف ڪرايو آهي، جيڪو نوجوانن لاءِ هڪ بھترين هٿيار آهي. نوجوان انھن کي پڙهي پنھنجي ماضيءَ جي تاريخ کي ۽ وڏڙن جي ڪيل خدمتن ۽ محنتن کي سٺي لفظن ۾ ياد ڪن. ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ چيو تہ مورو هڪ اهڙو شھر آهي جنھن جي مٽيءَ مان ڪيترائي نالي وارا ڏاها سياستدان، تعليمي ماهر، ادب سان لاڳاپيل اديب پيدا ٿيا آهن، جن مان ڪافي اسان جا سينيئر دوست جيڪي اڄ اسان ۾ نہ آهن انھن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ۽ سندن جي ڪيل خدمتن کي مون هن ڪتاب جي صورت ۾ سھيڙي آندو آهي، جيئن اڄ جو نوجوان کين پڙهي، سندن نقشِ قدم تي هلي. ان موقعي تي وزير فرهاد سولنگي، اظفر سعيد ميمڻ، گدا حسين کوکر، رضا ايوب لانگاھہ، حفيظ شيخ، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، نظر حسين ميمڻ، علي اصغر ڪورائي، عمران سنڌي، زاهد ڏيپر ۽ ٻين پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ڪتاب تي روشني وڌي.
جڏهن تہ تاريخ 16 ڊسمبر جمعي ڏينھن تي محفل مشاعرو ”سگا“ موري پاران سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جي سھڪار سان پريس ڪلب ۾ ٿيو، جنھن ۾ موري ۽ آسپاس جي علائقن کان ڪھي آيل شاعرن، ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن تہ مشاعري جي صدارت نالي واري اديب ۽ شاعر عظيم سنڌيءَ ڪئي ۽ مھمان خاص عاشق دادوي هو. عاشق دادوي، رزاق مستوئي، محبتي ملاح، علي خان عادل لغاري، بھاول لغاري، مھجور غلام حيدر، پنھنجون نڪور لکڻيون پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو. عنايت سولنگي، نعيم ابڙو ترنم ۾ شاعري ٻڌائي سامعين کي جهومائي ڇڏيو. آخر ۾ محفل موسيقيءَ ۾ مدد سنڌي چوهاڻ ۽ سندس سُنگ صُوفياڻو ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
ڪتابي ميلي جي چوٿين ڏينھن 17 ڊسمبر تي محفل موسيقيءَ جو پروگرام موري پريس ڪلب ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ نالي واري فنڪارن پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ان محفل جي صدارت ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهريءَ ڪئي. جڏهن تہ مھمان خاص فھيم احمد ميمڻ، حبدار سخيراڻي ۽ عرفان عباسي هئا. مھمانن کي سنڌ جون سوکڙيون اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون اوڍايا ويا. آخر ۾ سھراب فقير خميساڻي، قادر بخش عمراڻي ۽ نوجوان راڳي حبدار سخيراڻي ۽ ٻين شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست جا صوفي ڪلام ڳائي محفل کي جهومائيندا رهيا، اهڙي طرح پريس ڪلب مورو ۾ هي چئن ڏينھن وارو شاندار ڪتابي ميلو پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو.

رکيل مورائيءَ جي مان ۾ ادبي ميڙاڪو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري پاران 7 جنوري 2017ع تي سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ليکڪ محترم رکيل مورائيءَ جي مان ۾ ادبي تقريب ”سگا“ آفيس مورو ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ مختلف سياسي سماجي ادبي شخصيتن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سڀ کان اول وزير فرهاد سولنگي ڪارروائي هلائيندي صاحب رهاڻ جو تعارف ڪرائيندي چيو تہ ﷲ رکيو (رکيل مورائيءَ) جو جنم 9 اپريل 1965ع ڌاري مورو کان پنج ڪلوميٽر اوڀر طرف ڳوٺ حاجي مالڪ ڏنو ماڇي ۾ هڪ غريب هاري چاچي جاڙي خان جي گهر ۾ ٿيو. غربت سبب مئٽرڪ تائين پڙهي سگهيو، ان کان پوءِ هن درزڪو پورهيو ڪري پيٽ گذران ڪرڻ لڳو. هن لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪئي. سائين راشد مورائيءَ جي زير اثر رهي قومي تحريڪ ۽ علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. هن سنڌي ادب کي اٺ ناياب ڪتاب ڏنا آهن، جن ۾ شاعري، ادب تاريخ، پروفائيل خاڪا ۽ خطن تي مشتمل ڪتاب آهن. ”سگا“ شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ ”سگا“ مورو طرفان اڄ ادبي تقريب ڪوٺائي وئي آهي، جيڪا پياري دوست ۽ نامياري اديب رکيل مورائيءَ جي مان ۾ رٿيل آهي. هن موقعي تي صحافي فقير دين محمد ڪلھوڙي، رکيل مورائيءَ کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، جڏهن تہ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي، وزير فرهاد، نظر حسين ميمڻ، سرفراز ميمڻ ۽ ”سگا“ ساٿين کيس گلن جا هار پارايا. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، نامياري اديب عظيم سنڌي، ”سگا“ موري جي نائب صدر نظر حسين ميمڻ، صحافي اعجاز ڪورائي، پروفيسر شمشاد سومري، سڪندر سانوڻ ڪورائي، محبتي ملاح، رکيل مورائيءَ جي شاعري، ادبي پورهئي ۽ سندس سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي. آخر ۾ صاحبِ رهاڻ رکيل مورائيءَ ڳالھائيندي ”سگا“ موري جا ٿورا مڃيندي چيو تہ اڄ دوستن مون کي پنھنجي جنم ڀومي تي جيڪو مان ۽ عزت بخشي آهي ان لاءِ آءٌ دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو. ان موقعي تي هن موري جي ادبي علمي شخصيتن ۽ موري جي ادبي محفلن جون خوبصورت ساروڻيون ٻڌايون.

مشھور آرٽسٽ رشيد چارڻ سان رهاڻ:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان 27 فيبروري 2017ع، سومر ڏينھن سنڌي فلم، ٽي وي ۽ اسٽيج ناٽڪ جي هدايتڪار، ڊراما نويس، اداڪار ۽ سماج سڌارڪ رشيد چارڻ جي 64هين سالگرھہ ملھائي وئي. اسٽيج جي ڪارروائي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري جي جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگيءَ هلائي. صدارت محترم عظيم سنڌي ڪئي، جڏهن تہ معزز مھمانن ۾ تاريخدان محقق پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، بحريا ڪاليج جو پرنسپال گدا حسين کوکر ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري جو صدر محمد اسلم عباسي شامل هئا، جنھن کان پوءِ اسٽيج تي ويٺل سڀني مھمانن ۽ صاحبِ رهاڻ کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ کين گلن جا هار پڻ پارايا ويا. ان موقعي تي محترم گدا حسين کوکر ڳالھائيندي چيو تہ رشيد چارڻ سنڌي ميڊيا ۾ هڪ منفرد نوعيت جو ڪم ڪري پنھنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي آهي جنھن ڪري سنڌ جي فنڪارن ۾ هي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. جڏهن تہ ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ چيو تہ رشيد چارڻ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ميڊيا جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪري پنھنجو پاڻ مڃايو آهي. سنڌ جو هي واحد فنڪار آهي جنھن نہ رڳو فن جي دنيا ۾ نالو ڪمايو پر هي سماجي توڙي سياسي ڪمن ڪارن ۾ پڻ اڳڀرو رهيو آهي. هن پروقار تقريب ۾ دادو کان ڪافي اديب شاعر ۽ صحافي پڻ شريڪ ٿيا جن ۾ وريام سنڌي، ضمير حسين ڪوريجو شامل هئا. وريام سنڌي ڳالھائيندي چيو تہ رشيد چارڻ فن جي دنيا جو اهو اداڪار آهي، جنھن سنڌي اسٽيج ناٽڪ ۾ ون مين شو جو بنياد رکيو. غوث جهتيال پنھنجي تقرير ۾ چيو تہ رشيد چارڻ سنڌي اسٽيج ناٽڪ جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو سنڌ جي فنڪارن ۽ اداڪارن لاءِ هڪ مثال جي حيثيت رکي ٿو. هن جو مشھور ڪردار ”چاچو چڀڙ“ هو، جنھن کي سنڌي عوام تمام گهڻو ساراهيو.

ناصر مورائيءَ جي 16هين ورسي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان 30 مارچ 2017ع، خميس ڏينھن ”سگا“ موري جي لائبريري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪار، ليکڪ، صحافي، ناٽڪ نويس ۽ سنڌي ادب جي سگهاري شخصيت سائين ناصر مورائيءَ جي 16هين ورسي تقريب ٿي گذري. جنھن جي صدارت سنڌ جي ناليواري محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ ڪئي. جڏهن تہ معزز مھمانن ۾ سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ شاعر عظيم سنڌي، سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪھاڻيڪار، اديب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي، پ. ٽ. الف موري جو صدر ۽ ناصر مورائيءَ جي ڀائيٽئي سيد نظير علي شاھہ ۽ ”سگا“ شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسي شامل هئا.
اسلم عباسي سڀني آيل معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ ورهاڱي بعد مورو جون جيڪي مشھور شخصيتون ٿي گذريون آهن ناصر مورائي انھن مان هڪ آهي. پاڻ ناٽڪ نويس ۽ ڪھاڻيڪار، وطن پرست ۽ سنڌ دوست هو. هن تي مورو واسين کي فخر آهي. اسان ”سگا“ مورو طرفان اڄوڪو پروگرام منعقد ڪري خوشي محسوس ڪريون ٿا اميد تہ اڄوڪو ليڪچر پڻ ڪارائتو رهندو. ان کان پوءِ وزير فرهاد ليڪچرڪار پروفيسر شمشاد احمد سومري جو تعارف ڪرائيندي چيو تہ پروفيسر شمشاد احمد ڪيترن ئي علمي، ادبي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن تي تحقيقي خاڪا ۽ مقالا لکي چڪو آهي ان کان علاوہ هن سنڌي ٻوليءَ کي ڪيترائي ڪتاب ڏنا آهن. ان کان علاوہ هن جون لکڻيون وقت بوقت سنڌي ٻولي جي نامور رسالن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون، جنھن ۾ ’مھراڻ‘، ’ريکائون‘، ’سنڌ رويو‘ کان علاوہ ٻيا ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون اچي وڃن ٿيون. پروفيسر شمشاد جو تعلق هڪ علمي ۽ ادبي خاندان سان آهي. سندس والد صاحب فتح الدين سومرو ”بيدار مورائي“، سنڌي ٻولي کي اڻ ڳڻيا ڪتاب ڏئي پاڻ کي سٺن اديبن ۾ شامل ڪيو آهي. پروفيسر شمشاد احمد اڄ ناصر مورائيءَ جي شخصيت تي هڪ تفصيلي مقالو پيش ڪندو کيس کي گذارش آهي تہ اوهان جي سامھون مقالو پيش ڪن.
ليڪچرڪار پروفيسر شمشاد احمد سومري پنھنجو تاريخي ۽ تحقيقي مقالو پڙهندي چيو تہ ناصر مورائيءَ جو والد مرحوم سيد جعفر شاھہ هو جيڪو مشھور استاد ٿي گذريو آهي. کيس ڇھه ڀائر هئا. ناصر مورائي جنگشاهي جي سادات گهراڻي مان شادي ڪئي. ناصر مورائي جو پھرئين اپريل 1937ع ڌاري موري جي سيد محلا ۾ جنم ٿيو ۽ 29 مارچ 2001ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ٿي. 30 مارچ تي سندس مڪلي جي قبرستان ۾ تدفين جي رسم ٿي گذري. سنڌي ادب ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. ناصر مورائي جڏهن پنجين درجي انگريزي ۾ پڙهڻ ويٺو تہ سندس کي ڪھاڻي لکڻ جو شوق جاڳيو، ٻارن جي رسالي ”گلستان“ ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. سنڌي فائنل جي امتحان ۾ هن مضمون لکيو جنھن کي استادن پھريون نمبر قرار ڏنو. ان بعد انھيءَ مضمون کي سنڌي فائنل ۾ هر ايندڙ شاگرد کي اهو مضمون سونھين طور پڙهايو ويندو هو، انھيءَ اعزاز سندس ۾ وڌيڪ اعتماد پيدا ڪيو. 1965ع ۾ هن مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1957ع ۾ ناوليٽ لکيائين، جيڪو ساڳي سال ”راتيون جاڳن جي“ عنوان سان شايع ٿيو. هن ڪيترائي ناٽڪ، ڊراما، ڪھاڻيون پڻ لکيون آهن، جيڪي ان وقت جي مشھور رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.
ايوبي آمريت جي دؤر ۽ ون يونٽ خلاف سنڌ جي اديبن جي مزاحمتي جدوجھد ۾ ناصر مورائيءَ جو ڪردار ڀرپور رهيو. پاڻ زندگي جو ڳچ حصو درس و تدريس ۽ علم جي حصول ۾ گذاريائين. پاڻ ڪوٽڙي هاءِ اسڪول ۾ استاد پڻ رهيو، ان کان علاوہ ايريگيشن کاتي ۾ ڪلارڪ پڻ رهيو. جڏهن تہ کاٻي ڌر جي ڪيترن ئي ملڪ جي اهم اڳواڻن سان سندس ويجهڙائپ بہ رهي. پاڻ روس جي سفارتخاني ۾ مترجم جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيائين.
ليڪچر بعد معزز مھمان ڪھاڻيڪار ۽ اديب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي کي سڏ ڪيو ويو، جنھن ناصر مورائيءَ جي زندگي تي ڀرپور روشني وڌي. ان کان پوءِ ”سگا“ موري جي اڳوڻي صدر ۽ سماج سڌارڪ عظيم سنڌيءَ پڻ ناصر مورائيءَ بابت ڪافي سندس سان گڏ گهاريل ساروڻيون ٻڌايون، جنھن بعد ناصر مورائيءَ جي ڀائٽئي ۽ پ. ٽ. الف اڳواڻ سيد نظير احمد شاھہ ڳالھائيندي، ”سگا“ موري جي ساٿين کي جس ڏنو، جنھن اڄ سائين ناصر مورائي جي ياد ۾ 16هين ورسي تقريب جو اهتمام ڪيو آهي. صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر پروفيسر محمد لائق زرداري چيو تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو کي جس آهي، جنھن اڄ ناصر مورائيءَ جي زندگي ۽ خدمتن عيوض اڄوڪو ميڙاڪو ڪوٺايو آهي. ”سگا“ موري جو صدر اسلم عباسي نوجوان ۽ همٿ ڀريو آهي، جيڪو علمي ادبي محفلون ۽ ميڙاڪا ڪوٺائيندو رهي ٿو. ناصر مورائي تاريخ ساز شخصيت هو.

مقبول احمد ميمڻ جي مان ۾ آجياڻي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان سماجي خدمتون سرانجام ڏيندڙ موري جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ مقبول احمد ميمڻ جي مان ۾ 8 اپريل 2017ع ڇنڇر ڏينھن شام جو 7 وڳي آجياڻي تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن جو مھمان خاص نظير احمد ميمڻ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو هئا. تقريب جي ڪارروائي عرفان عباسي هلائي، تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت نظر حسين ميمڻ حاصل ڪئي. ان موقعي تي مھمانن کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. آجياڻي تقرير ڪندي اسد سولنگيءَ چيو تہ اڄوڪي تقريب مقبول احمد ميمڻ جي مان ۾ رکي وئي آهي. مورو واسين ۽ ”سگا“ سان سندس قرب ۽ محبت آهي پاڻ بہ ”سگا“ جو ميمبر رهيو آهي. نثار احمد ميمڻ تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي آفيس جي بلڊنگ گذريل برساتن سبب مڪمل ختم ٿي چڪي هئي. انھيءَ بلڊنگ جي نئين سر مرمت، ٽائل ماربل، رنگ، آفيس فرنيچر وغيرہ لاءِ اسان ڀائو مقبول احمد ميمڻ جا ٿورائتا آهيون. ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ چيو تہ ”سگا“ آفيس بلڊنگ کي مرمت جي سخت ضرورت هُئي ۽ برساتن سبب ڪتابن ۽ فرنيچر کي پڻ سخت نقصان رسيو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو مقبول احمد ميمڻ جي شڪرگذار آهي، سندن والد سائين محمد نوح ميمڻ جون پڻ موري ۽ آس پاس جي علائقن لاءِ تعليمي خدمتون ساراھہ جوڳيون آهن. چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نظير احمد ميمڻ چيو تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو 1976ع کان وٺي سماجي ڪمن ڪارين، صحت، تعليم، ڪلچر ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي انھي ڪري اسان جو فرض آهي تہ اسان ”سگا“ جي ۽ آفيس جي مالڪي ڪريون.
آخر ۾ تقريب جي مُک مھمان مقبول احمد ميمڻ ڳالھائيندي چيو تہ مان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو ٿورائتو آهيان جن هن نيڪ مقصد ۾ مون کي شريڪ ڪيو ۽ مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي تہ اڄ ڪافي عرصي بعد ”سگا“ موري جي آفيس ۾ دوستن سان ملڻ جو موقعو مليو آهي.

ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري طرفان ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ميڙاڪو 23 جولاءِ 2017ع آچر جي ڏينھن مورو پريس ڪلب ۾ ڪوٺايو ويو، جنھن جي صدارت سنڌ جي ناليواري اديب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي ڪئي. جڏهن تہ هن تعزيتي ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي علمي ادبي، تنظيمن جي اڳواڻن شھرين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آيل مھمانن کي ”سگا“ ساٿي نثار احمد ميمڻ آجياڻو ڏيندي چيو تہ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري 82 ــ 1981ع ڌاري ”سگا“ شاخ موري جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو آهي، جنھن پنھنجي دؤر ۾ علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرام ڪرايا. جڏهن تہ سال 18-2015ع ۾ ”سگا“ موري جي موجودہ باڊي ۾ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي پڻ رهيو. پريس ڪلب مورو جي صدر علي اصغر ڪورائي ڳالھائيندي چيو تہ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سان ڪيتريون ئي يادون وابستہ آهن، پاڻ هڪ گهمندڙ ڦرندڙ تاريخ هو. ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري تقرير ڪندي چيو تہ سائين جو اسان جي خاندان سان تمام گهڻي ويجهڙائيءَ وارو تعلق رهيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ڳوٺ شاهپور لڳ ميان نور محمد ڪلھوڙي جي قبن ڀرسان آهي، جتي سندن اباڻو قبرستان موجود آهي. پاڻ هڪ شفيق انسان ۽ بھترين استاد رهيو آهي. دادو کان ڪھي آيل شاعر نذير نياز جويي ڳالھائيندي چيو تہ سائين زرداري صاحب اسان دادو وارن سان بہ هر علمي ادبي پروگرامن ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندو آيو آهي، سندس ڏنل پيار اسان کي هميشہ ياد رهندو.
پروفيسر شمشاد احمد سومري ڊاڪٽر صاحب متعلق ڳالھائيندي چيو تہ ڊاڪٽر زرداري سنڌ جي تاريخ ۾ تمام وڏو نالو آهي، سندس پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو موضوع ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ هو، جيڪو بعد ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپيو ان بعد سندس ٻيو ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجھد“ تمام شاندار تاريخ جو حصو آهي. سندس ٻئي ڪتاب سنڌي ادب ۾ اهم جڳھہ وارين ٿا. ”سگا“ شاخ ڦل جي صدر پروفيسر بخش علي چانڊيو چيو تہ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سنڌ جي تاريخ ثقافت ۽ ماڳ مڪانن ۾ تمام گهڻي تحقيق ڪئي پاڻ اديبن، فنڪارن، آرٽسٽن ۽ سگهڙن سان تمام گهڻو پيار ڪندڙ هو ۽ مون کي پڻ پي ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ همٿايائين. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادوءَ جي سيڪريٽري ۽ نامياري شاعر تابش بخاريءَ تقرير ڪندي چيو تہ ڊاڪٽر زرداري دادو ۾ ٿيندڙ علمي ادبي تقريبن ۾ شريڪ رهيو خاص طرح تاريخي ماڳ مڪانن ميان نصير محمد ڪلھوڙو، ڪاڇو، جوهي، خدا آباد، ميان يار محمد ڪلھوڙو جا مقبرا، جامع مسجد خدا آباد تي ٿيندڙ سيمينارن ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪيا ۽ سنڌ جي تاريخ کي اُجاگر ڪيو. سندس فرزند ۽ نوجوان ليکڪ نظير احمد زرداري ان موقعي تي چيو تہ بابا سائين اسان کي هميشہ چوندا هئا تہ اهلِ علم ۽ اهلِ قلم جو قدر ۽ عزت ڪندا رهو سنڌي ادب ۾ سندس اڻ ڳڻيون خدمتون آهن. بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽري ۽ ڪلچر نواب شاھہ سندس خواب هو جيڪو سانڀيان ٿيو، پاڻ ان جو پھريون ڊائريڪٽر جنرل رهيو. صدارتي تقرير ڪندي نالي واري اديب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي چيو تہ ڊاڪٽر صاحب جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ تاريخ لاءِ وڏو هاڃيڪار آهي. سنڌ جي تاريخ تي سندس تمام وڏو معياري ڪم ٿيل آهي. تحقيق جي حوالي سان هن چيو تہ سندس لکيل ڪتاب، قلمي پورهيو آهن، جيڪي سنڌ حڪومت ۽ ڪلچر کاتي جي ذميواري آهي تہ انھن کي سنڀالين ۽ ڇاپين. انھي موقعي تي صدر ”سگا“ اسلم عباسيءَ پڻ خطاب ڪيو. هن تعزيتي ميڙاڪي جي ڪارروائي ”سگا“ شاخ موري جي جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگيءَ هلائي، جڏهن تہ هن ميڙاڪي ۾ مورو ۽ ان جي آس پاس جي علمي ادبي سماجي، تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.
”زندگيءَ ۾ صاف پاڻي جي پيئڻ جي اهميت“ بابت جاڳرتا ليڪچر پروگرام:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران 18 آگسٽ 2017ع تي هڪ جاڳرتا ليڪچر پروگرام ”زندگيءَ ۾ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي اهميت“ جي موضوع تي مورو پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيو ويو. سنڌ جي ناليواري سماج سڌارڪ ليڪچرڪار ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي پاڻي متعلق ليڪچر ڏيندي چيو تہ انساني زندگي سميت هر جيوت جو جياپو پاڻي تي آهي. پاڻيءَ کان سواءِ انسان ڪجهہ بہ ناهي. پاڻيءَ جي ذريعي هن دنيا جي ترقي ۽ تعمير ٿئي ٿي. هن چيو تہ انساني زندگي ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي اهميت تمام گهڻي آهي، جنھن سان صحت جو پڻ سڌو سنئون تعلق جڙيل آهي. هن وقت پيئڻ جي پاڻيءَ جي خراب ٿيڻ سبب انساني جسم ۾ پيٽ جون بيماريون، گڙدن جون بيماريون، هيپاٽائيٽس بي سي، ٽي بي، هاءِ بلڊ پريشر ۽ چمڙي جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون. ٻارڙن ۾ دست، ڪالرا، پوليو ۽ الٽيون جھڙيون بيماريون ٿين ٿيون. سڄي سنڌ هن اهم مسئلي جي لپيٽ ۾ گهيريل آهي. مگر حڪومتي ادارا خاموش بڻيل آهن. هن چيو تہ مورو شھر جا 13 وارڊن سميت سڀ محلا، ڪالونيون ۽ علائقن ۾ جر جو صاف پاڻي ناهي، پاڻيءَ جي چڪاس دوران ان ۾ 600 کان وٺي 2200 ٽي ڊي ايس تائين جي رزلٽ آئي آهي ان کان علاوہ مورو جي ڳوٺن ۾ پڻ جر جو صاف پاڻي ناهي، مورو شھر ۽ ڳوٺ پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم بڻيل آهن. ماڻھو زهريلو پاڻي پي رهيا آهن، جنھن ڪري هن طرف خاص توجھہ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي، صدر پريس ڪلب علي اصغر ڪورائي، ڊاڪٽر محمد يوسف نول، نثار احمد ميمڻ، وزير فرهاد سولنگي، ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ، نظر حسين ميمڻ ۽ ٻين پڻ ڳالھايو. ان کان اڳ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو طرفان شھر جي تمام وارڊن محلن ڪالونين ۽ ڳوٺن جي پيئڻ جو پاڻي مشين ذريعي چيڪ ڪرايو ويو جيڪو مڪمل طور تي پيئڻ لاءِ ناڪارہ ثابت ٿيو، جنھن تي فوري طور تي صاف پاڻي پيئڻ لاءِ ماڻھن کي مشورا ڏنا ويا.

پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي ياد ۾ چمڙي ڪئمپ ــ2017ع:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان، 5 نومبر 2017ع آچر جي ڏينھن صبح جو 8 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽائون مورو ۾ ”سگا“ ساٿي، ناليواري سماج سڌارڪ پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي ياد ۾ هڪ ڏينھن واري چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ مفت ڪئمپ لڳائي وئي. جنھن ۾ ڪراچي جي اسپيشلسٽ چمڙيءَ جي ماهر ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ ۽ ٻين ڊاڪٽرن حصو ورتو. ڪئمپ جي افتتاحي تقريب ٿي گذري، جنھن جو افتتاح ”سگا“ چيئرمين رفيق احمد جعفريءَ ڪيو. ان موقعي تي جعفري صاحب سان گڏ ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙو، پيرل خان کوسو مرڪزي وائيس چيئرمين، منظور اڄڻ مرڪزي سيڪريٽري جنرل، رفيق احمد سرهيو سيڪريٽري هيلٿ ”سگا“ ۽ سگا جا مرڪزي عھديدار پروفيسر شمس ساريو، عبدالطيف ڪرٽيو، جاويد انڙ، شھاب الدين شاهاڻي، نور محمد سيال، سريش ڪمار واڌواڻي، تاج محمد بلوچ ۽ عظيم سنڌي، محمد ابراهيم ڀنڊ (صدر خدا آباد) ۽ ”سگا“ موري جو صدر اسلم عباسي جن هئا، انھن مھمانن ”سگا“ شاخ موري طرفان هلندڙ ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪري مريضن بابت ڄاڻ ورتي. موري شاخ جي جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪئي ۽ سندن ٿورا مڃيا. ”سگا“ جي مرڪزي سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهيو ڳالھائيندي چيو تہ اها هڪ حقيقت آهي تہ ”سگا“ مورو تمام بھترين سماجي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، هن چيو تہ زندگي جو حقيقي مقصد پڻ انسانيت جي خدمت آهي. سڄي سنڌ اندر ”سگا“ ڀرپور صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرنجام ڏئي رهي آهي.
مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ ڪئمپ بابت افتتاحي تقريب ۾ چيو تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو اڄوڪي مفت چمڙي ڪئمپ ”سگا“ جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مظھر الدين ميمڻ جي ياد ۾ لڳرائي آهي. جنھن تي کين جس آهي. سيڪريٽري تعليم جاويد انڙ چيو تہ مظھرالدين ميمڻ ”سگا“ جو اثاثو هو. ڊاڪٽر مظھر ڪلھوڙو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوشھرو فيروز پڻ تقريب ۾ ٻاهران آيل ”سگا“ جي مرڪزي ساٿين کي ڀليڪار ڪندي چيو تہ هي مورو شھر اسان جو بہ آهي، ان ڪري منھنجو فرض آهي تہ ”سگا“ سان مڪمل سھڪار ڪري ۽ سماجي ڪمن ۾ هٿ ونڊايان. مورو شاخ جي دوستن کي جس آهي جيڪي هر وقت پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا ۽ ڪنھن بہ پنھنجي سياسي ۽ ذاتي مقصد کان هٽي ڪري صرف عام ماڻھن جي ڀلائي واسطي سوچيندا رهن ٿا ۽ عملي ڪم ڪن ٿا.
آخر ۾ ”سگا“ جي مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفريءَ چيو تہ ”سگا“ مورو مفت چمڙي ڪئمپ منعقد ڪرائي آهي، جيڪو وڏو هڪ سماجي ڪم ڪيو آهي. جيڪا ”سگا“ ساٿي مظھرالدين ميمڻ جي ياد ۾ ٿي رهي آهي. مورو برانچ گذريل ٻن سالن کان سماجي کيتر ۾ تمام وڏا ڪم ڪيا آهن، جيڪي ساراھہ جوڳا آهن. ”سگا“ موري جي عھديدارن ۽ ميمبرن ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ تمام بھترين ڪم ڪيو آهي. جنھن جو ڪريڊٽ ”سگا“ جي موجودہ صدر اسلم عباسيءَ ۽ سندس ساٿين ڏانھن وڃي ٿو. ”سگا“ جي مرڪزي عھديدارن جي روانگي بعد ڪئمپ سڄو ڏينھن جاري رهي. هن ڪئمپ ۾ اندازي موجب 2000 مريضن کي چيڪ اپ ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون. ڪراچيءَ کان ڪھي آيل ڊاڪٽرن جي ٽيم جي رات جي رهائش، ماني ۽ صبح جو ناشتو چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو محترم نظير احمد ميمڻ طرفان ڪيو ويو هو، جڏهن تہ منجهند جي ماني جو اهتمام ڪائونسلر ملڪ شبير طرفان مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ ڪيو ويو هو، جنھن لاءِ ”سگا“ موري جي ساٿين سندن ٿورا مڃيا.

ٽي ڏهاڙا ڪتابي ميلو علمي ادبي ثقافتي سرگرميون:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان 6 ڊسمبر 2017ع اربع ڏينھن کان 8 ڊسمبر جمعي شام تائين پريس ڪلب مورو ۾ شاندار ڪتابي ميلو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ جي سھڪار سان ٿي گذريو. ”سگا“ موري طرفان هر سال لڳندڙ ڪتابي ميلو، ٽيون ڀيرو لڳاتار منعقد ڪيو ويو. ”سگا“ مورو طرفان ڪتابي ميلي دوران ٽئي ڏينھن لڳاتار علمي، ادبي تعليمي ۽ ثقافتي سرگرميون پڻ جاري رکيون ويون، جن ۾ عالمن، اديبن، استادن، قلمڪارن، شاعرن ۽ سول سوسائٽي ميمبرن جي نمائندگي پڻ رهي.
”ڪتابي ميلي“ جي پھرين ڏينھن 6 ڊسمبر تي چئين وڳي افتتاحي رسم ٿي گذري. ”سگا“ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ، مرڪزي سيڪريٽري ثقافت شھاب الدين شاهاڻي، پروفيسر محمد سليمان سيال پرنسپال مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو، ”سگا“ صدر اسلم عباسي ۽ عظيم سنڌيءَ ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪيو. افتتاحي رسم کان پوءِ مورو پريس ڪلب اندر هال ۾ ”سگا“ شاخ موري پاران هڪ علمي، ادبي تقريب سائين محمد ابراهيم جويو جي ياد ۾ ”تعزيتي پروگرام“ ٿي گذريو. جنھن جي صدارت سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ لئنگئيج اٿارٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويي ڪئي. جڏهن تہ مھمان خاص ”سگا“سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ، شھاب الدين شاهاڻي ۽ ڪامريڊ هاشم کوسو هئا. تعزيتي ميڙاڪي تقريب ۾ پروفيسر شمشاد احمد سومرو، پروفيسر ارشاد احمد اوٺو، ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي، عظيم سنڌي، منظور احمد اڄڻ ڳالھائيندي چيو تہ محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي مڪمل تاريخ آهي. ”سگا“ موري اڄوڪو هي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي اهم ۽ تاريخي ڪم ڪيو آهي. اڄوڪي تعزيتي تقريب ڪتابي ميلي جي موقعي تي منعقد ڪئي وئي آهي. جويو صاحب جي سڄي ڄمار علم و ادب ڪتابن ۾ گذري، اڄوڪو ڪتابي ميلو منعقد ڪرڻ ۽ جويي صاحب کي ياد ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ هڪ سٺي روايت آهي، جنھن لاءِ ”سگا“ مورو ۽ جاکوڙي ساٿي اسلم عباسي جس لھڻي. تعزيتي تقريب ۾ صدارتي تقرير ڪندي تاج جويو چيو تہ سائين محمد ابراهيم جويو هڪ يتيم ۽ بي سھارا ٻار هو ۽ ڏُکن ۾ پليو. سائين جي. ايم. سيد سان ويجهڙائپ ڪري تعليم حاصل ڪيائين. برصغير جي اهم سياسي اڳواڻن سان کيس ملڻ جو موقعو مليو. سنڌي ادب ۾ سندس ڪتاب، ڪھاڻيون ۽ شاعري بہ آهي. انگريزي ادب مان ترجما ڪري ڪيترائي ڪتاب ڏنائين. سنڌ جي اندر ڪيترائي ادارا پڻ جوڙائڻ ۾ سندس وڏو اهم ڪردار رهيو آهي.
ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينھن 7 ڊسمبر تي علمي ۽ تعليمي ليڪچر پروگرام ”رول آف ڊجيٽل لرننگ“ ٿي گذريو. جنھن ۾ جديد ڪمپيوٽر ۽ انفرميشن ٽيڪنالوجي واري تعليمي اهميت بابت سماج سڌارڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي ليڪچر ڏنو. هن تقريب جي صدارت ”سگا“ جي مرڪزي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسي ڪئي. جڏهن تہ مھمان خاص ”سگا“ جا مرڪزي عھديدار نور محمد سيال ۽ رفيق احمد سرهيو هئا.
ڪتابي ميلي جي ٽئين ۽ آخري ڏينھن 8 ڊسمبر تي صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين صرف عورتن، اسڪولي شاگردياڻين ۽ نياڻين لاءِ مخصوص وقت مقرر ڪيل هو. ان دوران ڪيترن ئي اسڪولن جي شاگردياڻين، فيميل ٽيچرس ۽ عورتن پڻ ڪتابي ميلي جو دورو ڪري ۽ مختلف موضوعن بابت ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ انھن ”سگا“ مورو کي ڪتابي ميلو لڳائڻ تي جس ڏنو.
جڏهن تہ ان ئي ڏينھن 8 ڊسمبر جي شام جو ”سگا“ موري پاران ’محفل مشاعرو‘ ٿيو. جنھن جي صدارت نوجوان شاعر، اديب، ليکڪ ايڊووڪيٽ امداد سولنگي ڪئي جڏهن تہ مھمان خاص صدر پريس ڪلب مورو نواب اصغر ڪورائي ۽ سگهڙ شاعر علي گل ڀٽي هئا، جڏهن اعزازي مھمانن ۾ پروفيسر محمد خان ڏاهري، پروفيسر شمشاد احمد سومرو شامل هئا. ڪمپئيرنگ جا فرائض ”سگا“ موري جي ساٿي، قاضي شفيع محمد سرانجام ڏنا. ”سگا“ موري جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد آيل سڀني مھمانن جي مان ۾ آجياڻي تقرير ڪندي ڀليڪار ڪيو. ان بعد معشوق محسن ابڙو، غلام مصطفيٰ عقاب ڇڄڙو، محبتي ملاح، مختيار شاھہ، خادم بالادي، وزير فرهاد، مجاز حيدر، اشرف سولنگي ۽ ٻين شاعرن پنھنجا شعر ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. پروفيسر شمشاد احمد سومري ڳالھائيندي چيو تہ اڄ جي محفل ۾ شاعرن پنھنجو ڪلام پيش ڪري محفل کي رونق بخشي آهي ۽ اهو جس آهي ”سگا“ موري جي سڀني ساٿين کي. هي ڪتابي ميلا ۽ علمي ادبي ثقافتي پروگرام زندگيءَ کي اتساھہ بخشين ٿا. ان بعد پروفيسر محمد خان ڏاهريءَ چيو تہ اڄ مشاعري ۾ ويھي شاعرن جو ڪلام ٻڌي روح کي فرحت ملي آهي. شاعر قومن جا سفير هوندا آهن. ”سگا“ ساٿي جس لھڻن.
صدارتي تقرير ڪندي امداد سولنگيءَ چيو تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سڄي سنڌ ۾ بي لوث خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي ”سگا“ شاخ مورو ان جو تسلسل آهي. سڀني ساٿين کي جس ڏجي ٿو. آخر ۾ راڳي عابد سولنگيءَ خوبصورت ڪلام ٻڌائي سامعين کي جهومائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ”سگا“ موري پاران ڪتابي ميلو پڄاڻيءَ تي پھتو.

سنڌي ادبي سنگت موري جي نون چونڊجي آيل عھديدارن جي مان ۾ آجياڻو تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو پاران 2 فيبروري 2018ع جمعي ڏينھن ”سگا“ آفيس مورو ۾ سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جي نئين سال لاءِ چونڊجي آيل سيڪريٽري نوجوان اديب، نقاد، ڀٽائيءَ جي پارکو اسد سولنگي ۽ ٻين عھديدارن جي مان ۾ آجياڻي تقريب ٿي گذري، جنھن جي صدارت سينيئر اديب، شاعر سيد منظور علي شاھہ ڪئي، جڏهن تہ مھمان خاص اسد سولنگي جن هئا. ڪارروائي هلائيندي ”سگا“ ساٿي وزير فرهاد معزز مھمانن کي اسٽيج تي سڏايو، ان بعد ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ کي مھمانن سان گڏ اسٽيج تي ويھاريو ويو. سنڌي ادبي سنگت ضلعي نوشھرو فيروز جي رابطا سيڪريٽري اظفر ميمڻ ڳالھائيندي ”سگا“ موري ساٿين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ هي سٺي روايت آهي. ”سگا“ ۽ ساس جو پاڻ ۾ محبت وارو تعلق آهي. مورو سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪافي عرصي کان ”سگا“ ساٿين پڻ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو آهي. ان بعد نوجوان تاريخدان، محقق، سماج سڌارڪ، تعليمي ماهر پروفيسر شمشاد احمد سومري تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ موري جي دوستن کي جس آهي، هيءَ نئين سٺي روايت آهي. اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن جي ”سگا“ قدردان آهي. ڪامريڊ سڪندر ڪورائي چيو تہ اڄوڪي تقريب ۾ شريڪ ٿي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ۽ اميد آهي تہ ”سگا“ موري طرفان علمي ادبي ميڙاڪا ٿيندا رهندا. سگا جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ آجياڻي تقريب ۾ چيو تہ ”سگا“ مورو ماضيءَ ۾ شاندار تاريخي سماجي ڪم ڪاريون ڪيون آهن ۽ انھن ساٿين ۾ اڪثريت اديبن جي رهي آهي. ”سگا“ سنڌي ادب لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي ۽ ڪيترائي علمي، ادبي تاريخي ڪم شامل آهن. هن ساس مورو جي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري اسد سولنگي ۽ ٻين عھديدارن کي مبارڪباد ڏني. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي صدر اسلم عباسي سڀ کان اول سنڌي ادبي سنگت مورو جي نئين چونڊيل سيڪريٽري اسد سولنگي ۽ ساٿين کي مبارڪباد ڏني ۽ هن آجياڻي تقريب ۾ آيل سڀني معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا. هن چيو تہ ”سگا“ سٿ ۾ شامل هئڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر هجڻ تي مون لاءِ فخر جي ڳالھ آهي. ان بعد چونڊجي آيل سيڪريٽري اسد سولنگيءَ چيو تہ ”سگا“ اديبن، شاعرن جي قدردان آهي ۽ کين عزت بخشيندي رهي ٿي. هن چيو تہ ”سگا“ ۽ ساس جون ڪوششون ۽ ڪم ڪاريون سنڌ دوستيءَ جو ثبوت آهن ۽ هڪٻئي سان محبت، هم آهنگي رهي آهي. ماضيءَ ۾ بہ سنڌي ادب لاءِ ذميواريون نڀايون آهن. آخر ۾ صدر محفل سيد منظور علي شاھہ تقرير ڪندي چيو تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري کي جس آهي، جن اڄ سنڌ جي اديبن، شاعرن، قلمڪارن جي تنظيم سنڌي ادبي سنگت مورو جي دوستن جي مان ۾ محبت واري محفل آجياڻي تقريب ڪوٺائي ۽ اسان کي محبت ۽ عزت بخشي آهي.

ڪامريڊ ڄام ساقي جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري ۽ سنڌي ادبي سنگت مورو جي گڏيل سھڪار سان 11 مارچ 2018ع آچر ڏينھن تي ”سگا“ آفيس ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو. تعزيتي ميڙاڪي جي صدارت سينيئر اديب عبدﷲ خان جيسر ڪئي. جڏهن تہ مھمانن ۾ ڪامريڊ هاشم کوسو، عظيم سنڌي، وزير فرهاد سولنگي سان گڏ ساس مورو جي سيڪريٽري اسد سولنگي ۽ ”سگا“ موري جو صدر اسلم عباسي هئا.
آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪندي اسد سولنگيءَ چيو تہ اڄوڪي تعزيتي تقريب ۾ شريڪ سڀني ساٿين کي ڀليڪار چوان ٿو. ان بعد عوامي ورڪرس پارٽي جي امير لغاري تعزيتي ميڙاڪي ۾ پنھنجا ويچار وينڊيا. نوجوان تاريخدان ۽ اديب پروفيسر شمشاد احمد سومري چيو تہ ڄام ساقيءَ جي موري ۾ ڪيترن ئي روشن خيال ماڻھن محبوب شاھہ، مٺل ڪمالاڻي، راشد مورائي، استاد محمد پريل سيال، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، عبدﷲ جيسر، مولوي عزيز ﷲ ۽ ٻين سان ويجهڙائپ رهي. ان کان پوءِ عوامي ورڪرس پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل يونس راهو چيو تہ ملڪ جي کاٻي ڌر جي سياست ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جو اهم ڪردار آهي. پاڻ پورهيت ۽ مزدور يونين جي تنظيمن کي متحرڪ ڪري منظم ڪيو. ون يونٽ ۽ مارشل لا خلاف ٿيندڙ مزاحمتي تحريڪن ۾ ڄام ساقي جو ڪردار تاريخ جو هڪ سونھري دؤر آهي. مزدور ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ نوجوان ليکڪ استاد مخدوم اظھار ڄام ساقيءَ جون ساروڻيون ٻڌائيندي چيو تہ منھنجي پھرين ملاقات ساڻس سکر سينٽرل جيل ۾ ٿي. ان کان پوءِ ڪامريڊ بھادر لانگاھہ چيو تہ ڄام جي وڇوڙي کان پوءِ مان هوش سنڀالي نہ سگهيو آهيان. جاگيردارن، وڏيرن ۽ ظالمن سرمائيدارن خلاف سندس ڪيل جدوجھد کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. جنھن بعد ”سگا“ ساٿي وزير فرهاد سولنگي پنھنجون ساروڻيون ٻڌايون. ميڙاڪي ۾ ڪامريڊ مسرور چانڊئي پڻ پنھنجون يادگيريون ۽ ويچار ونڊيا. ان بعد ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي ڳالھائيندي چيو تہ ڄام ساقي پورهيت ۽ مزدور اڳواڻ هو. هو هڪ باڪردار سياسي ليڊر هو جيڪو ڪڏهن ڪين جهڪيو ۽ هو هڪ صديءَ جي شاندار تاريخ آهي. هن چيو تہ ون يونٽ ۽ ايوب جي مارشل لا بعد سنڌ اندر جي. ايم. سيد، رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقيءَ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ ان وقت سنڌ اندر سياسي اٿل پٿل هئي.
مھمان خاص ڪامريڊ هاشم کوسي تقرير ڪندي چيو تہ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي ڪيل جدوجھد اڄ جي نوجوان نسل لاءِ اُتساھہ جي علامت آهي. صدارتي تقرير ڪندي برک اديب ۽ ڄام ساقي جي ساٿي عبدﷲ خان جيسر چيو تہ منھنجو ساڻس روح جو رشتو هو. 12 سال گڏ رهياسين، تمام سچو ۽ مخلص سياسي رهنما هو. اڪثر تقريرن ۾ شاھہ لطيف جا بيت پڙهند هو. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان لانگ مارچ دوران ڪيتريون ئي يادون وابستہ آهن. ”سگا“ ساٿين ۽ ادبي سنگت موري جي ساٿين کي جس ڏيان ٿو. جن سندس ياد ۾ هي پروگرام ڪيو آهي ۽ ڄام جي ڪيل جدوجھد کي نوجوانن تائين پھچايو آهي.