پبلشر نوٽ: ڪتاب: سگا منھنجي ساھہ ۾
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ ائنڊ ڊولپمينٽ سينٽر طرفان هڪ نئون ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“ اوهان جي هٿن تائين پھچائيندي انتھائي مسرت ۽ خوشي ٿي رهي آهي.
هيءَ ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي سال 1976ع کان سال 2026ع تائين جي مواد تي مشتمل آهي؛ جيڪو ”سگا“ موري جي صدر ــ پروفيسر شمشاد احمد سومري جي تحقيق ۽ قلمي پورھئي جو نتيجو آھي. سنڌ جي قدآور سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جي شاخ مورو، اپريل سال 1976ع ڌاري قائم ٿي.
ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.
هيءَ ڪتاب فقط هڪ ڪتاب نہ آهي، پر سنڌ جي شعوري ۽ سماجي تحريڪ جو هڪ اهم باب آهي؛ جنھن کي ليکڪ پروفيسر شمشاد احمد سومري نھايت عرق ريزي سان ترتيب ڏنو آهي.
ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. مورو ساھتي پرڳڻي جو علمي، ادبي ۽ ثقافتي ورثي وارو علائقو پڻ آھي؛ جيڪو شاعرن، اديبن، محققن توڙي مفڪرن جي حوالي سان سنڌ توڙي هند ۾ سڃاتو وڃي ٿو.
هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين ۽ سندن سماجي خدمتن کي شامل ڪيو ويو آهي؛ جيڪو تنظيم جي خدمتن ۽ شفافيت جو تاريخي ثبوت آهي.
هن ڪتاب جو سڀ کان اهم حصو کاھوڙي ساٿي آهن، جن پنھنجي رت ۽ پگهر سان ”سگا“ جي ٻوٽي جي آبياري ڪئي. ”سگا“ مورو جو پھريون صدر ــ محمد ايوب وينجهر، محمد خان سومرو، ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، قاضي نذير احمد، عظيم سنڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي ”سگا“ کي پاڻ ارپيندڙ ساٿين جا پروفائيل ڪتاب ۾ شامل آهن، جيڪي نوجوان نسل لاءِ مشعلِ راھہ آهن.
ڪتاب ۾ ”سگا“ مورو جي انھن جاکوڙي ساٿين جو پڻ ذڪر آهي، جن کي مرڪز پاران مڃتا ايوارڊ مليا، گڏوگڏ وزيٽرس بُڪ جا تاثرات پڻ شامل آهن. ”سگا“ موري جي تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪرڻ ۽ قلمبند ڪرڻ تي ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر شمشاد سومرو، صدر ”سگا“ شاخ مورو ۽ ھن ڪم ۾ شامل سندس ٻانھن ٻيلي ۽ ساٿي اسلم عباسي پڻ جس لھڻي.
”سگا منھنجي ساھہ ۾“ هڪ اهڙو آئينو آهي، جنھن ۾ مورو شھر جي سماجي سونھن ۽ ”سگا“ جي ساٿين جو اخلاص صاف نظر اچي ٿو. هيءَ ڪتاب ايندڙ نسلن لاءِ هڪ رهنمائي بڻجي پوندو تہ ڪيئن هڪ تنظيم پنھنجن مقصدن تي قائم رهي، سماج جي خدمت ڪري سگهي ٿي.
هيءَ ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جي مرڪزي اطلاعات شعبي ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ ائنڊ ڊولپمينٽ سينٽر پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
اسان جي شعبي جو بنيادي مقصد ”سگا“ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل تاريخي خدمتن کي رڳو يادن تائين محدود رکڻ بدران، انھن کي تحقيقي دستاويزن جي صورت ۾ ايندڙ نسل تائين پھچائڻ آهي.
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ سينٽر ۽ اطلاعات جو شعبو تنظيم جي روح ۽ مقصدن کي عام ڪرڻ لاءِ هيٺين نقطن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنھن جو هڪ اهم ڪم ڪتاب ڇپائڻ پڻ آهي.
”سگا“ جي مختلف شاخن، مرڪز جي سموري ڪارڪردگي، ميمبرن جي ڊيٽا ۽ سماجي خدمتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ، اسان جي اولين ترجيح رهي آهي.
ڊاڪٽر سليمان شيخ ريسرچ سينٽر ۽ شعبي اطلاعات پاران جديد ٽيڪنالاجي ۽ اشاعتي ذريعن کي استعمال ڪندي، ”سگا“ جي ”پنھنجي مدد پاڻ“ واري فلسفي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچايو ويو آهي.
اسان جي شعبي پاران جتي سماجي سرگرمين جي رڪارڊ کي محفوظ ڪيو ويو آهي، اتي انھن گمنام هيرن (کاھوڙي ساٿين) جا پروفائيل تيار ڪري، ان کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي؛ جن هن سماج ۾ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي.
سڄي سنڌ ۾ ”سگا“ جون ھڪ سؤ کان وڌيڪ شاخون سرگرم عمل آهن ۽ ”سگا“ ساٿي پنھنجي ھڙان وڙان ۽ پنھنجي مدد پاڻ تحت سماجي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. سنڌ جي هر شاخ جي سماجي تاريخ کي اهڙي ئي سائنسي ۽ تحقيقي انداز ۾ محفوظ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ھن اداري لاءِ اھا فخر لائق ڳالھ آھي تہ اسين ”سگا“ مورو شاخ جي پنجاھہ سالہ تاريخ تي مشتمل ھيءَ ڪتاب ڇپرائي اوھان جي ھٿن تائين پھچايو آھي.
ڊاڪٽر سليمان شيخ ريسرچ ائنڊ ڊولپمينٽ سينٽر، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جو هڪ انتھائي اهم ۽ علمي ادارو آهي، جيڪو سنڌ جي ترقيءَ لاءِ تحقيق ۽ تخليق جا نوان گس ڳولي رهيو آهي. هن اداري جي موجودہ انتظامي ڪاميٽي پنھنجي اڻٿڪ محنت ۽ جذبي سان هن اداري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي.
هن سينٽر جي ڪاميٽي جو ڪنوينر احمد حسن پنھور ۽ ميمبرــ پروفيسر خالد حسين چنا، علي حسين بروهي، پروفيسر بخش علي چانڊيو، شھاب الدين شاهاڻي ۽ عبداللطيف ڪرٽيو تي مشتمل اها ٽيم مڪمل سچائيءَ سان پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ جي ميدان ۾ هنن جون ڪوششون سنڌي سماج لاءِ هڪ روشن مستقبل جي ضمانت آهن.
هن سڄي ٽيم جو گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ ثابت ڪري ٿو تہ هي ادارو جلد ئي پنھنجا مقرر ڪيل هدف حاصل ڪري وٺندو.
احمد حسن جاويد پنھور
سيڪريٽري اطلاعات
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا)
ڪنوينر
ڊاڪٽر سليمان شيخ ريسرچ ائنڊ ڊولپمينٽ سينٽر
