سال 97-1996ع
محترم دوست علي جيسر (چيئرمين ــ ”سگا“ دادو شاخ)
زين العابدين ڏاھري (ميمبر)
محمد خان ميمڻ (ميمبر)
چونڊون:
جنوري 1996ع ۾ موري شاخ جون ساليانہ چونڊون، چيئرمين چونڊ ڪاميٽيءَ جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي گذريون جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار ڪامياب قرار ڏنا ويا.
صدر: عظيم سنڌي
نائب صدر: غلام رضا ميمڻ
جنرل سيڪريٽري: محمد اياز ”راڻو ميمڻ“
جوائنٽ سيڪريٽري: نظر حسين ميمڻ
اطلاعات سيڪريٽري: بشير احمد لغاري
خزانچي: حفيظ الرحمان شيخ
ڪاروباري ڪاميٽي:
محمد صديق دلبر ميمڻ، شير علي سومرو، غلام اصغر سرھيو، محمد اسلم عباسي، آفتاب منگي، عبدالجبار ميمڻ، لياقت علي ميمڻ، محمد يونس ميمڻ ۽ ذوالفقار علي ميمڻ.
رسم حلف برداري تقريب:
10 فيبروري 1996ع تي ميونسپل ھال موري ۾، ”سگا“ موري جي 97-1996ع جي نون چونڊيل عھديدارن جي رسم حلف وفاداري جو پروگرام، محترم ظفر علي شر SDM موري جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. جنھن ۾ مھمان خاص محترم علي نواز ”وفا“، سينئر سول جج مورو ھئو. محترم ظفر علي شر ”سگا“ جي نون چونڊيل عھديدارن کان حلف کڻايو.
طبي ڪئمپ:
جنوري ۾ مخدوم بلال جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي، باغبان ۾ چار ڏينھن طبي ڪئمپ ”سگا“ موري پاران لڳائي وئي، ڪئمپ ۾ ڄام انيس الرحمان، نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ۽ فھد رضا ميمڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. انھيءَ مفت طبي ڪئمپ ۾ 250 مريضن کي طبي امداد ڏني وئي.
ڪتاب جي مھورتي تقريب:
23 فيبروري 1996ع تي ”سگا“ موري جي ثقافتي ڪاميٽيءَ پاران، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ڪتاب ”لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين“ جي مھورتي تقريب زير صدارت ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ (اڳوڻو چيئرمين ”سگا“ مرڪز) ٿي گذري، تقريب جا مھمان سيد حاڪم علي شاھہ ۽ غلام مصطفيٰ ٻگهيو ھئا. ھن تقريب ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب جي حوالي سان مختلف اديبن بھترين مقالا پڙھيا.
اکين جي ڪئمپ:
سول اسپتال موري ۾، پيپلز ڊاڪٽرس فورم پاران اکين جي علاج جي مفت ڪئمپ 20 مارچ 1996ع کان 23 مارچ تائين لڳائي وئي، جنھن ۾ ”سگا“ موري پاران ڀرپور خدمتون سر انجام ڏنيو ويون. ھن ڪئمپ ۾ 150 آپريشن ٿيا جڏھن تہ 2000 ماڻھن کي چڪاسيو ويو.
حادثي جي متاثرين جي سھائتا:
موري وٽ پيش آيل حادثي جي متاثرين کي DC نوشھروفيروز کان امداد ڏياري وئي ۽ زخمين کي ڪراچي، نواب شاھہ ۽ موري جي اسپتالن ۾ پھچايو ويو.
سائين علي بخش شاھہ کي آجياڻو:
20 اپريل 1996ع تي، موري جي علمي ۽ سماجي شخصيت، مھراڻ ڪاليج موري جي روح روان ، اڳوڻي پرنسپال ۽ تعليمي ادارا جوڙيندڙ، سائين پروفيسر سيد علي بخش شاھہ جي مان ۾ ”سگا“ پاران آجياڻو ”روشن تارا اسڪول“ موري ۾ ڏنو ويو. ھن شاندار تقريب جي صدارت عرفان علي شيخ (ڊي سي نوشھروفيروز) ڪئي. ھن تقريب ۾ شھرين، ”سگا“ ساٿين، استادن سماجي ورڪرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
ملاکڙو:
03 مئي 1996ع تي، عيد الاضحيٰ جي ٻئي ڏينھن کان چوٿين ڏينھن تائين، مشھور ملھه پھلوان شير ميربحر، جي ياد ۾ ٽي ڏينھن ملاکڙو، گرلس ڪاليج موري جي گرائونڊ ۾ لڳرايو ويو. ھن ملاکڙي ۾ مشھور ملھه پھلوان جھڙوڪ: غلام سرور جتوئي، سيد سمن شاھہ، بکر شيدي، غلام قادر لغاري، در محمد عالماڻي ۽ حاجي خان خشڪ سميت ٻين نامور پھلوانن شرڪت ڪئي. ھن ملاکڙي جي پھرئين ڏينھن جو مھمان محترم غلام مصطفيٰ ٻگهيو ھو جڏھن تہ ٻئي ڏينھن جو مھمان ”سگا“ جو ان وقت جو سيڪريٽري جنرل پروفيسر مظھر الدين ميمڻ ھئو. ملاکڙي جي نگراني پھلوان غلام سرور جتوئي ۽ پھلوان الھه جڙيو جي حوالي ھئي.
چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪئمپ:
17 مئي 1996ع، ”واڊپ“ (والينٽئر ايسوسيئيشن فار ڊرماٽالاجيڪل پيشنٽس) جي سھڪار سان، ”سگا“ موري پاران سول ھاسپيٽل موري ۾ چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪئمپ، ڊاڪٽر منظور احمد ميمڻ جي نگرانيءَ ۾ لڳائي وئي، جنھن ۾ 200 مريضن کي تپاسيو ويو ۽ کين مفت دوائون ڏنيون ويون.
جمعا ڪلينڪ مناھين:
”سگا“ موري شاخ پاران ”مفت جمعا ڪلينڪ“، 97-1996ع ۾ پڻ مناهيءَ ۾ شروع ڪئي وئي جنھن ۾ ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ پنھنجون خدمتون سر انجام ڏيندو ھو. ساڻس گڏ فھد رضا ميمڻ پڻ ڪمپائونڊر طور ڊيوٽي ادا ڪندو ھو.
سيڪريٽري جنرل جي جمعا ڪلينڪ جي وزٽ:
محترم مظھر الدين ميمڻ (سيڪٽريٽري جنرل ”سگا“ مرڪز ) موري شاخ جي عھديدارن سان گڏ، ”جمعا ڪلينڪ“ مناھيءَ جي 31 مئي 1996ع تي وزٽ ڪئي، ھن ڳوٺاڻن جي جذبي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو تہ جلد ھن ڪلينڪ کي ماءُ ٻار صحت مرڪز جو درجو ڏنو ويندو.
وليج ڪميونٽي اسڪول:
مورو ۾ وليج ڪميونٽي اسڪولن جي سلسلي ۾ 16 ڳوٺن جي سروي ڪئي وئي، جنھن مان پنجن ڳوٺن، ماڙي، داد واھه، ڪانڌڙا ڪالوني، دادو سيال، گُل محمد سيال ۽ بجراڻي لغاريءَ ۾ اسڪولن کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڳوٺن جي سروي شاخ جي سيڪريٽري محمد اياز ”راڻو ميمڻ“ ۽ مرڪزي سيڪريٽري تعليم محترم نذير احمد ڀنڊ گڏجي ڪئي.
”سگا“ مرڪز کي ورلڊ بئنڪ طرفان، 1996ع ۾ وليج ڪميونٽي اسڪول پراجيڪٽ مليو، ھن پراجيڪٽ جو مقصد انھن علاقن ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ھيو، جتي نياڻين لاءِ اسڪول بلڪل نہ ھئا. ھنن اسڪولن ۾ انھن نياڻين کي تعليم ڏني وئي جيڪي مختلف سببن جي ڪري تعليم نہ پرائي سگهيون. ھنن اسڪولن ۾ ڪتاب، قلم ۽ فرنيچر مفت فراھم ڪيو ويندو ھو. ”سگا“ شاخ مورو کي اھڙا ڇھه اسڪول مليا ھئا جن ۾ 100 کان مٿي نياڻين کي مفت تعليم ڏني وئي.
ڀٽائيءَ جي ميلي تي طبي ڪئمپ:
پھرين جولاءِ 1996ع تي، حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي، موري شاخ پاران ڀٽ شاھہ تي مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جيڪا ٽي ڏينھن جاري رھي. ھن ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر سعيد احمد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر احمد نواز ميمڻ خدمتون سر انجام ڏنيون. ”سگا“ جي سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ڪئمپ جو دورو ڪيو، قلندر لعل شھباز اسڪائوٽس اوپن گروپ مورو ڪئمپ جي سلسلي ۾ ”سگا“ موري شاخ سان ڀرپور سھڪار ڪيو ۽ ”سگا“ ھالا شاخ پڻ سھڪار ڪيو.
استاد بخاريءَ جي ورسي:
استاد بخاريءَ جي ورسي، ”سگا“ موري شاخ پاران ميونسپل ھال موري ۾ سيد حاڪم علي شاھہ جي صدارت ۾ ملھائي، جنھن جا مھمان خاص سائين الھنواز رُڪڻائي، نذير احمد ڀنڊ (اڳوڻو سيڪريٽري تعليم سگا) ۽ محترم سائين راشد مورائي جن ھئا. جڏھن تہ علي دوست عاجز ۽ ساغر جعفري اعزازي مھمان ھئا. استاد بخاريءَ جي فن، فڪر ۽ شاعريءَ تي تابش بخاري، انور ساگر ڪانڌڙي، معشوق ڌاريجي، عظيم سنڌي، ساغر جعفري، الھنواز رڪڻائي، راشد مورائي، نذير احمد ڀنڊ، علي دوست عاجز روشني وڌي جڏھن تہ مئڪش سومري، امداد سولنگي، آصف مٺياڻوي، عاشق دادوي، مشتاق ڪورائي، رجب آزاد، صدف حسيني ۽ ٻين شاعرن پنھنجي شاعري پيش ڪئي. آخر ۾ محفل جي صدر سيد حاڪم علي شاھہ، استاد بخاريءَ جي حوالي سان تمام شاندار ڳالھايو. پروگرام جي آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي. پروگرام جي ڪمپيئرنگ شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۽ ثقافتي ڪاميٽيءَ جي ميمبر اسلم عباسي ڪئي جڏھن تہ مھمانن جي آجيان مورو شاخ جي جنرل سيڪريٽري محمد اياز راڻو ميمڻ ڪئي. ھن پروگرام ۾ شھر جي ھر مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ شھرين، اديبن، شاعرن ۽ ”سگا“ ساٿين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
ايڊز ۽ پوليو خلاف ريلي ۽ ليڪچر پروگرام:
”ايڊز“ خلاف ”عالمي ڏينھن“، 5 ڊسمبر 1996ع تي، ”سگا“ موري پاران ھڪ ليڪچر پروگرام ”گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج“ موري ۾ سيد علي بخش شاھہ (پرنسپال) جي صدارت ھيٺ ٿيو. مھمانن جي آجيان حفيظ الرحمان شِيخ خزانچي مورو شاخ ڪئي. ”ايڊز“ متعلق ليڪچر ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ (MS سول ھاسپيٽل مورو) ڏنو. سائين علي بخش شاھہ پنھنجي صدارتي تقرير ۾ ”سگا“ موري جي ڪمن کي ساراھيو ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل ليڪچر جي بہ تعريف ڪئي تہ ڊاڪٽر صاحب اڄ اسان کي ھن مرض متعلق ڀرپور ڄاڻ ڏني آھي. شاھہ صاحب چيو تہ اھڙا اويئرنيس پروگرام ٿيئڻ گهرجن. پروگرام جي ڪاروائي اياز ميمڻ المعروف راڻي ھلائي ھن پروگرام ۾ ڪاليج جي استادن، شاگردن سول سوسائٽيءَ جي فردن ۽ ”سگا“ ساٿين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
ان کان پوءِ ”پوليو ۽ ايڊز خلاف واڪ“، مھراڻ ڪاليج موري کان پريس ڪلب موري تائين ڪئي وئي ھن واڪ/ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ شاگرد، شھري، ”سگا“ جا ساٿي ۽ صحت کاتي جا ملازم شامل ھئا. ريليءَ جي اڳواڻي ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، محمد اياز راڻو ميمڻ، حفيظ الرحمان شيخ ڪري رھيا ھئا. ريلي جڏھن پريس ڪلب مورو پھتي تہ پريس ڪلب مورو جي صدر ريليءَ جي شرڪاءُ جو آڌر ڀاءُ ڪيو. اتي ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ پوليو ۽ ايڊز متعلق ڀرپور ڄاڻ ۽ موذي مرضن جي آگاھي ڏني.
سيڪريٽري جنرل جي موري شاخ جي وزٽ:
97-1996ع جي ٽينوئر ۾ پروفيسر مظھر الدين ميمڻ، ”سگا“ جي سيڪريٽري جنرل، موري شاخ جون ٻہ ٽي وزٽون ڪيون، ڪميونٽي اسڪول وزٽ ڪيا ۽ شاخ جي ساٿين سان ملاقاتون پڻ ڪيون.
مرڪزي مالياتي سيڪريٽري جي وزٽ:
”سگا“ مرڪز جو مالياتي سيڪٽري محترم مريد لاکو صاحب، 9 نومبر 1996ع تي موري شاخ جي وزٽ ڪئي ۽ ”جمعا ڪلينڪ“ ۽ برانچ جي اڪائونٽس جي آڊٽ پڻ ڪئي.
شاھہ لطيف جي عرس تي مفت طبي ڪئمپ:
ڀٽائيءَ جي ميلي تي (سالياني عرس مبارڪ)، جون 1997ع جي آخر ۾ ھڪ ٽن ڏينھن واري مفت طبي ڪئمپ ”سگا“ موري پاران ڀٽ شاھہ تي لڳائي وئي. جنھن ۾ موري جي قلندر لعل شھباز اوپن گروپ جي اسڪائوٽس مظفر گلاباڻي ۽ الطاف سومري جي اڳواڻيءَ ۾ اسڪائوٽن پنھنجو خدمتون سر انجام ڏنيون،. ھن ڪئمپ ۾ ھالا برانچ جو سھڪار رھيو. ڪئمپ کي ”سگا“ جي مرڪزي دوستن ۽ شاخن جي ساٿين پڻ وزٽ ڪيو جن ۾ سيڪريٽري جنرل پروفيسر مظھرالدين ميمڻ، تعليم جي سيڪريٽري نذير احمد ڀنڊ، مرڪزي مالياتي سيڪريٽري مريد لاکو، موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر اسلم عباسي ۽ ٻيا شامل آھن.
