مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“ جيئن ڏٺو آ مون

سنڌ جي سماجي کيتر ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کي لڳ ڀڳ چوونجاھہ سال گذري چڪا آهن. ”سگا“ ڪراچي شاخ بعد سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيون ويون، ان بعد ”سگا“ مورو شاخ جو بنياد ڊاڪٽر خان محمد پنھور جي ذاتي دلچسپيءَ سان مارچ مھيني سال 1976ع ڌاري پيو ۽ ”سگا“ مرڪز طرفان پنجون نمبر شاخ منظور ڪئي وئي، ھن وقت مارچ 2026ع ۾ پورا پنجاھہ سال ٿيا آھن.
”سگا“ مورو اڌ صديءَ کان موري شھر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ صحت، تعليم ۽ روزگار جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ ثقافتي شعبي ۾ پڻ نمايان سرگرميون جاري آهن. ھن سفر ۾ پھريون صدر مرحوم محمد ايوب وينجهر، محمد خان سومرو، ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، نذير احمد قاضي، سيد علي بخش شاھہ، پروفيسر واحد بخش شيخ، محمد نوح ميمڻ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي ۽ ٻيا وڇڙي ويا، جن جو تذڪرو ھن ڪتاب ۾ شامل آهي ۽ ٻيا ڪيترائي ”سگا“ جا ساٿي حال حيات آهن. جن جي زندگيءَ جو احوال ھن ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ“ ۾ شامل آهي.
انھيءَ سڄي عرصي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو جي عھديدارن ميمبرن پنھنجي مدد پاڻ تحت وسيلا پيدا ڪري، ھڙان وڙان خرچ ڪري، سماجي ڪمن ڪارين ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. ھر باڊي جي ساٿين جي نمايان ڪارڪردگي رھي آھي. صحت جي شعبي ۾ اکين جي بيمارين، چمڙي جي بيمارين، جنرل ميڊيڪل ڪئمپس، بلڊ ڊونرز بئنڪ، ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارڙن جي لاءِ رت گڏ ڪرڻ، تعليم جي شعبي ۾ موري شھر اندر ڪي. جي. اسڪول روشن تارا جو بنياد وجهڻ، بنيادي پرائمري تعليم جي معيار کي بھتر بنائڻ، اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ، مورو گرلس ڪاليج، ايليمينٽري وومين ڪاليج لاءِ سرڪار سان لکپڙھہ ڪري منظور ڪرائڻ، ثقافتي شعبي ۾ علم و ادب تاريخ ثقافت بابت ميڙاڪا پروگرام ڪرڻ، نوجوانن واسطي ڪتابي ميلا ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت ليڪچر ۽ ھنري سکيا ڏانھن نوجوانن کي راغب ڪرڻ، سنڌ جي سماجي ثقافتي قومي مسئلن جي خاطر مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ جھڙا سماجي ڪمن ڪارين ۾ ”سگا“ مورو شاخ سرگرم عمل رھندي اچي ٿي.
”سگا“ باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي چوڻ موجب ”سگا“ جو بنياد رکندڙن ۾ پنجون ميمبر مرحوم سائين بخش عباسي ھو، جيڪو پڻ موري شھر ٻاھران ڳوٺ سونھري فارم لڳ دائم خان ڪلھوڙي جو رھواسي ھو.
مورو جا ڪيترائي رھواسي ”سگا“ ڪراچي ۽ مرڪزي عھدن تي پڻ رھيا جن ۾ پروفيسر مظھرالدين ميمڻ اڳوڻو سيڪريٽري جنرل، اسدﷲ کيڙو اڳوڻو چيئرمين، قاضي مشتاق احمد اڳوڻو سيڪريٽري روزگار، عبدالرحمان سيال سيڪريٽري ماليات، ولي محمد روشن ڀنڀرو چيئرمين/ سيڪريٽري جنرل ۽ ٻيا ڪافي نالا شامل آهن، جيڪي ”سگا سٿ“ سان سلھاڙيل آهن.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو جي تاريخ بابت ھن کان اڳ ۾ ھڪ سِلور جوبلي سووينيئر سال 2001ع ڌاري پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو، ان بعد ھڪ ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو (مختصر تاريخ)، ليکڪ: اسلم عباسي، سال 2018 ع ڌاري پڻ شايع ٿيو.
”سگا“ صدر مورو پروفيسر شمشاد احمد سومرو ھڪ تاريخدان، محقق، علمي ادبي تاريخي شخصيت پڻ آهي. پاڻ ”سگا“ مورو شاخ جي سٿ ۾ ڪافي عرصي کان شامل ۽ مختلف عھدن تي پڻ رھيو آھي. پاڻ درس و تدريس سان لاڳاپيل سنڌي شعبي جا پروفيسر پڻ رھيا آھن ۽ گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ساھتي پرڳڻي جي ڳوٺن، واھڻن وستين، شخصيتن بابت تحقيقي مقالا لکيا آهن. جيڪي مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپجندا رھن ٿا. سندس ھڪ تحقيقي ڪتاب ”ڪيئن ريجهايان توکي“ سيد سليمان شاھہ تي پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آھي. ڪتاب مورو تاريخ ۽ ثقافت، ڪتاب: ضلعو نوشھرو فيروز (تاريخ جي آئيني ۾) پڻ سندس تحقيقي مقالا شامل آهن.
ھڪ ڀيري ”سگا“ جي ساٿي عظيم سنڌي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ”سگا“ مورو جي تاريخ کي قلمبند ڪرڻ ۽ تعاون ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. عظيم سنڌي ”سگا“ جو پراڻو رڪارڊ کيس پيش ڪيو، ان بعد ”سگا“ لائبريري آفيس ۾ پراڻو رڪارڊ ھٿ ڪيو ۽ پنھنجو تحقيقي سفر جاري رکيو. ڪيترن ئي ”سگا“ جي وڇڙي ويل ساٿين جي اولاد ۽ حال حيات ساٿين سان روبرو ملاقات ڪئي ۽ ڪيترن کان موبائل فون واٽس ايپ ذريعي رابطو ڪري، ”سگا“ مورو جي سماجي ڪارگذارين کي قلمبند ڪيو، سھيڙي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ۽ تحقيقي انداز ۾ ڪتاب ”سگا جن جي ساھہ“ ۾ لکيو آھي. ان لاءِ ”سگا“ صدر مورو پروفيسر شمشاد احمد سومرو کيرون لھڻيون.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سماجي تاريخ تي مرڪز توڙي شاخن طرفان گذريل ڏھن سالن کان تحقيقي ۽ اشاعتي سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ مختلف ڪتاب انگريزيءَ توڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ”سگا“ وائيس چيئرمين پروفيسر خالد حسين چنا، ”سگا“ سنڌ جي جاکوڙي ڪردارن ۽ سماجي شخصيتن تي ڀرپور لکيو آهي، جيڪي تاريخي دستاويز پڻ آھن. ان سان گڏوگڏ مختلف ”سگا“ جون شاخون پڻ پنھنجي تاريخ سھيڙي رھيون آھن، جن مان ھي ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“ مورو شاخ جي پنجاھہ سالن جي تاريخ ڇپجي ڪتابي شڪل ۾ اوھان جي ھٿن تائين پھتي آھي.
ھن ڪتاب کي ”سگا“ مرڪز ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ ائنڊ ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ ڪراچي طرفان سال 2026ع ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جنھن لاءِ مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم علي حسين بروهي، سيڪريٽري اطلاعات احمد حسين پنھور ۽ بورڊ ميمبرن کي جس هجي، جن ”سگا“ مورو شاخ جي ھن ڪتاب کي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو جي پنجاھہ سالن جي سماجي سفر ۾ انھن مخير حضرات ۽ مالي مدد ڪندڙ خاموش خدمتگارن کي پڻ نيڪي جو اجورو ڌڻي سڳورو ڏيندو، جيڪي ”سگا“ جي سماجي ڪمن ڪارين ۾ مددگار رھيا ۽ رھندا اچن ٿا.
ھي ڪتاب سنڌ واسين ۽ ”سگا“ جي مڙني شاخن جي ساٿين لاءِ ڄاڻ ڏيندڙ ۽ سماجي کيتر ۾ رھنمائي ڏيندو. محدود وسيلن آھر، سماجي ڀلائي جي ڪمن ڪارين واسطي، پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ ۽ پاڻ ارپڻ وارو جذبو پيدا ڪندو.

محمد اسلم عباسي
اڳوڻو صدر
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو
تاريخ: 13 مارچ 2026ع