سال 25 ـــ 2024ع جي ڪارڪردگي
”سگا“ موري شاخ جي سال 27-2024ع جي حلف برداري تقريب 6 سيپٽمبر 2024ع تي مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ پروفيسر شمشاد احمد سومري جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنھن ۾ مھمان خاص ”سگا“ جو سينيئر ساٿي ۽ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نذير احمد ميمڻ هو. جڏهن تہ مھمانن ۾ تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري حبيب ﷲ کوسو، چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي اسدﷲ سولنگي ۽ ”سگا“ ساٿي فقير غلام الرسول ميمڻ شامل هئا. ان سان گڏوگڏ شاخ جي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڏيپر ۽ نائب صدر ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري کي پڻ مٿي مھمانن سان گڏ وهاريو ويو.
پروگرام جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، جيڪا سعادت اظھار مخدوم حاصل ڪئي. ڀٽائي سرڪار جا بيت محمد اسلم عباسيءَ پڙهيا، جنھن بعد اليڪشن ڪاميٽيءَ جي چيئرمين اسد سولنگيءَ نون چونڊيل عھديدارن صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو، نائب صدر ڊاڪٽر غلام حيد ڏاهري، جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڏيپر، جوائنٽ سيڪريٽري خالد ساحل ڪيريو، ماليات سيڪريٽري عبدالھادي ڪلھوڙو، اطلاعات سيڪريٽري جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن اسلم عباسي، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، حاجي نثار احمد ميمڻ، وزير فرهاد سولنگي، اظھار مخدوم ۽ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ کان حلف کڻايو. شاخ جي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڏيپر آيل مھمانن کي ڀليڪار چوندي سندن شڪريو بجا آڻيندي سڀني سڄڻن جا ٿورا مڃيا. ان کان پوءِ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر ۽ شاخ جي اڳوڻي صدر اسلم عباسي تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ مورو پنھنجي وِتَ ۽ وس آهر پنھنجي ماروئڙن جي خدمت ڪئي آهي، ٻوڏ ۽ برساتن دوران غريبن مسڪينن کي راشن، کائڻ پيئڻ جو سامان، مڇردانيون، تڙپالون، ڪمبل ۽ ٻيو سامان پھچايو. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپن جو انعقاد ڪيو، انھن کي هزارين روپين جون مفت دوائون پڻ ڏنيون. جنھن بعد موري شاخ جي چونڊيل صدر ۽ نالي واري اديب پروفيسر شمشاد احمد سومري ڳالھائيندي ”سگا“ موري شاخ جي تاريخ تي روشني وڌي ۽ موري شاخ جي اڳوڻي ٽينوئر جي ڪارڪردگي پيش ڪندي چيو تہ مالڪ سائينءَ جا لک احسان ۽ شڪر جو اسان انھيءَ دوران ٽيھن کان مٿي شاندار پروگرام ڪيا. ٽي چمڙيءَ جي بيمارين جون مفت ڪئمپون ۽ ٻہ ٽي روزہ ڪتابي ميلا لڳرايا. ان کان علاوہ شاخ پاران ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جي باھہ متاثرين ۾ چئن لکن کان مٿي راشن، ڪمبل، مڇردانيون ۽ تڙپالون ورهايون. ان کان علاوہ ٻوڏ ۽ برسات متاثرين لاءِ چار مفت ميڊيڪل ڪئمپون مختلف هنڌن ۽ ڳوٺن ۾ لڳرايون. هن وقت بہ مون صدر جي حيثيت سان ٻن شين کي فوڪس ڪيو آهي، هڪ تعليم ٻيو صحت. تعليم جي حوالي سان اچو تہ اسان پنھنجن اسڪولن جي مالڪي ڪريون ۽ انھن جي سارسنڀال لھون. هن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ اسان هتي ويٺل سڀ ساٿي رڳو پنھنجي اسڪول جنھن ۾ اسان پڙهيا آهيون جي مالڪي ڪريون تہ گهڻو ڪجهہ ٿي سگهي ٿو. ان بعد ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ اسد سولنگي تقريب ۾ ڳالھائيندي شاخ جي اڳوڻن عھديدارن جي ڪيل محنت ۽ ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو ۽ نون چونڊيل ساٿين کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي تہ هي دوست پڻ بھترين ڪم ڪندا ۽ موري شاخ کي ”سگا“ جي سڀني شاخن کان مٿانھون ۽ مٿڀرو رتبو ڏياريندا.
تقريب جي مھمان ۽ تعليمي آفيسر مورو حبيب ﷲ کوسي ڳالھائيندي چيو تہ آءٌ ”سگا“ موري وارن جو شڪرگذار آهيان، جن مون کي اهڙي شاندار تقريب ۾ مدعو ڪيو ۽ مانُ ڏنو. اوهان ”سگا“ جي دوستن جون تعليم جي حوالي سان خدمتون تعريف جي لائق آهن. آئون پڻ ”سگا“ جي ساٿين سان گڏجي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪوششون ڪنداسين. جنھن بعد ميونسپل ڪاميٽي موري جي چيئرمين ۽ تقريب جي مھمان خاص نذير احمد ميمڻ ڳالھائيندي، ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين جو ٿورو مڃيو ۽ چيو تہ مون کي انتھائي خوشي ۽ فخر آهي تہ ”سگا“ مورو شاخ بھترين ڪم ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي تہ نوان چونڊيل ساٿي پڻ اڳي کان اڳرو ٿي پنھنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندا. آئون موري شاخ جو حصو رهيو آهيان ۽ هاڻي بہ پاڻ کي هن کان ڌار نہ ٿو سمجهان. پروگرام جي آخر ۾ سڀني آيل مھمانن کي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. هن پروگرام ۾ موري جي شھرين، ساڃاھہ وند ساٿين، استادن، سماجي ڪارڪنن ۽ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي ڪارروائي موري شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري خالد ساحل ڪيريي هلائي.
سنڌي ٻوليءَ جي پھرئين شھيد عبدالرزاق سومري جي 52هين ورسي تقريب:
سنڌي ٻوليءَ جي پھرئين شھيد عبدالرزاق سومري جي 52هين ورسي تقريب، مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ 7 آگسٽ 2024ع تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران ٿي گذري. صبح جو ڏهين وڳي موري جي اديبن، شاعرن، سماجي ڪارڪنن، ساڃاھہ وندن ۽ ”سگا“ ساٿين محمد هاشم کوسو، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، زاهد حسين ڏيپر، مختيار علي شاھہ، اسلم ڪوريجو، اياز لنجار، غلام النبي سومرو، صحافي اختر لغاري، خدا بخش ميمڻ، طالب کوسو ۽ وحيد رزاق مستوئي، مھراڻ سٽيزن ڪلب مان گڏجي ڊاڪٽر محمد صادق سيال، پروفيسر شمشاد سومري ۽ اسلم عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ شھيد عبدالرزاق جي مزار/ مقبري تي پھچي اجرڪ ۽ گُلن جون چادرون چاڙهي، قُل شريف پڙهي شھيد جي روح کي بخشيا.
جنھن بعد شھيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ پروقار تقريب مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد صادق سيال جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ مھمان طور ”سگا“ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري، محمد هاشم کوسي ۽ اسلم عباسيءَ کي وهاريو ويو. مھمانن کي ڀليڪار ڪندي ۽ شھيد عبدالرزاق سومري متعلق ڳالھائيندي پروفيسر شمشاد احمد سومري چيو تہ شھيد عبدالرزاق موري ۾ 23 سيپٽمبر 1947ع تي، حاجي خان سومري جي ويڙهي ۾ بھترين استاد سائين محمد سليمان سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ثانوي تعليم موري مان حاصل ڪري خيرپور جي پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ اليڪٽريڪل ڊپلوما ۾ داخلا ورتائين، جتان امتيازي نمبرن ۾ ڊپلوما جو امتحان پاس ڪيائين. ان بعد کيس انھيءَ اداري ۾ استاد ڪري رکيو ويو. شھيد عبدالرزاق ننڍي هوندي کان ئي سماج جي سنوارڻ واري سوچ، قومي درد ۽ قومي جذبو رکندڙ هو. پاڻ سنڌ دوست هو، سندس ڪوشش سان سنڌي شاگرد هنري تعليم ڏانھن راغب ٿيا. هن مھمانن جو شڪريو بجا آڻيندي چيو تہ اسان ”سگا“ موري شاخ پاران سڀني سڄڻن جا انتھائي ٿورائتا آهيون جو اوهان پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي شھيد جي ورسيءَ ۾ شريڪ ٿيا آهيو.
تقريب ۾ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، اسلم ڪوريجي، اياز لنجار، نثار ميمڻ، سڪندر ڪورائي، اسلم عباسي، هاشم کوسي ۽ ڊاڪٽر محمد صادق سيال ڳالھائيندي شھيد کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي چيو تہ شھيد عبدالرزاق سومري سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ ڪم ڪيو. هن ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون ڏياريون، انھن جي فين توڙي ڪتابن جي حوالي سان ڀرپور مدد ڪئي. سندس ڪوششن سان سنڌي شاگردن جو تعداد هنري ڪاليج ۾ وڌيو، جتي اڳ ۾ نہ جي برابر هئا. اها ڳالھ سنڌ دشمنن کي نہ وڻي ۽ کيس 7 آگسٽ 1972ع تي ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ 25 سال جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ ڇُرن جا وار ڪري بيدرديءَ سان شھيد ڪيو. مقررن ”سگا“ موري جي قيادت کي پڻ مبارڪباد ڏني، جن شھيد جي ورسيءَ جو شاندار ۽ مانائتو پروگرام ڪيو آهي. هن ورسيءَ جي تقريب ۾ اديبن، شاعرن، سنڌ دوستن، شھرين، سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
”سگا“ جي مرڪزي اڳواڻ پروفيسر مظھر الدين ميمڻ جي 24ھين ورسي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران ”سگا“ جي مرڪزي رھنما اڳوڻي سيڪريٽري جنرل محترم پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي چوويھين ورسي تقريب استادن جي عالمي ڏھاڙي 5 آڪٽوبر 2024ع تي ”اينڪر پبلڪ اسڪول موري“ ۾ پروفيسر بخش علي چانڊيي جي صدارت ھيٺ ٿي گذري. تقريب جو مھمان خاص ”سگا“ شاخ موري جو صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو ھيو جڏھن ت مھمانن ۾ ”سگا“ ساٿي نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، اسد سولنگي ۽ اسلم عباسي شامل ھئا. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي ويئي جنھن جي سعادت اظھار مخدوم حاصل ڪئي جنھن بعد لطيف سرڪار جا بيت اينڪر اسڪول جي شاگرد محمد اڪرم پڙھيا. اسڪول جي CEO ايڊووڪيٽ عبدالعزيز ڀُٽي آيل سڀني معزز مھمانن جا ٿورا مڃيندي چيو تہ اسان سڀني دوستن جا شڪر گذار آھيون ۽ کين ڀليڪار چئون ٿا جيڪي اڄ اسانجي اسڪول ۾ آيا آھن. آءٌ سڀ کان وڌيڪ ٿورائتو آھيان ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين جو خصوصاً سائين پروفيسر شمشاد احمد سومري جن جو جنھن اڄ اسان وٽ استادن جي عالمي ڏھاڙي تي ”سگا“ پاران ھڪ استاد ۽ بھترين سماج سڌارڪ جو پروگرام رکيو آھي. جنھن جي سماجي تعليمي خدمتن کان آءٌ ۽ منھنجا استاد پڻ واقف ٿينداسين.
ان بعد اسڪول جي شاگردن استاد جي عظمت تي تقريرون ڪيون.جنھن کانپوءِ اديب ۽نقاد خادم بالادي، استاد الھه بچايو لغاري، زاھد حسين ڏيپر خالد ساحل ڪيريي ڳالھائيندي چيو تہ موري علم ادب جي لحاظ کان مھان شخصيتون ۽ استاد پيدا ڪيا آھن ۽ جن سنڌ، ’موري‘، علم ادب ۽ انسانيت جي خدمت جو تاريخي مثال قائم ڪيو آھي. انھن پنھنجي زندگي ٻين جي جيئڻ ڪاڻ وقف ڪري ڇڏي پاڻ تڪليفون برداشت ڪري ٻين جي لاءِ سک ۽ آسانيون پيدا ڪيون. اھڙن عظيم شخصيتن مان اسان جو پروفيسر مظھرالدين ميمڻ پڻ ھڪ آھي جنھن ”سگا“ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ شعور ڏنو، انھن ۾ سُجاڳي پيدا ڪئي. اونداھي سماج ۾ علم جي روشني ڏيئي اسڪول کولرائي ماروئڙن جهانگييڙن جي ٻارن کي تعليم جھڙي زيور سان آراستا ڪيو.
تقريب جي مھمانن پروفيسر بخش علي چانڊيي، پروفيسر شمشاد سومري، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ حاجي نثار احمد ميمڻ، سائين مظھر ميمڻ جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو ت ھن سنڌ ۾ ”سگا“ جي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪيو ۽ ان جي پليٽ فارم تان شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳرائي غريب بي سھارا مسڪين بيمار ماڻھن جي علاج جو بندوبست ڪيو. ان سان گڏوگڏ ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ ٻيا بہ ڪيترا ڪم ڪيا اھڙي شخصيت تي اسان کي فخر آھي. اھڙا انسان ڪڏھن ب مرڻا ناھن پر اھي ھميشھ ماڻھن جي دلين ۾ زندھہ جاويد آھن ۽ رھندا. ھنن پروفيسر مظھر صاحب جون ”سگا“ لاءِ ڪيل خدمتن ۽محنتن کي ساراھيو. مقررن استادن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي موري جي عظيم استادن کي سلام پيش ڪيو جن تعليم سان گڏوگڏ سماجي ڀلائي وارا ادارا قائم ڪيا ۽ فلاحي ڪم پڻ ڪيا. پروگرام جي آخر ۾ ”سگا“ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري سڀني آيل دوستن ساٿين جو شڪريو بجا آندو جيڪي پروگرام ۾ شريڪ ٿيا آھن ان سان گڏوگڏ اينڪر اسڪول جي CEO عبدالعزيز ڀُٽي جو پڻ ٿورو مڃيو جنھن جي تعاون سان مظھر صاحب جو خوبصورت پروگرام سندس اسڪول ۾ ٿيو آهي. آخر ۾ سڀني مھمانن کي رفريشمينٽ ڪرائي وئي. ھن پروگرام جي ڪاروائي موري شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري خالد ساحل ڪيريي ھلائي.
هن پروگرام ۾ استادن، شاعرن، سماجي ڪارڪنن، شاگردن ۽ شھرين جي ھڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.
”سگا“ موري جي اڳوڻي متحرڪ صدر ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ ۽ ”سگا“ ساٿي ”ڪتاب مورو ناهي ٿورو“ جي مصنف محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جي ياد ۾ تقريب:
”سگا“ شاخ موري پاران موري جي ناليوارن مھان علمي ادبي ۽ سماجي شخصيتن ڪتاب ”مورو ناهي ٿورو“ جي ليکڪ، ”سگا“ ساٿي محمد مٺل ڪمالاڻي ۽ ”سگا“ موري شاخ جي اڳوڻي صدر ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر بشيرالدين ميمڻ جي ياد ۾ هڪ شاندار تقريب 8 نومبر 2024ع تي مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن جي صدارت ”سگا“ جي مرڪزي اڳواڻ محترم رفيق احمد سرهئي ڪئي. جنھن ۾ اديبن، شاعرن، سماجي ڪارڪنن، شھرين، استادن کان علاوہ ادبي، علمي، سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رفيق احمد سرهئي، فقير غلام الرسول ميمڻ، پروفيسر شمشاد احمد سومري، اسلم عباسي، اسد سولنگي، شاھہ لطيف، رضا لانگاھہ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، نذير احمد ميمڻ، سيد ڪاظم علي شاھہ، حاجي نثار احمد ميمڻ، ايڊووڪيٽ امداد سولنگيءَ ڳالھائيندي چيو تہ ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ ۽ محمد مٺل ڪمالاڻي موري ۽ سنڌ جو اثاثو هئا، جن جو سنڌ ۽ موري سان عشق هو. هنن هميشہ غريب ماڻھن جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. تعليمي، سماجي ۽ انسانيت جي خدمت سندن زندگيءَ جو مقصد هو، جن ون يونٽ خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي. سنڌ جي حقن ۽ تحفظ لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. علمي، ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن ذريعي موري جي ماروئڙن سانگيئڙن، هارين مزدورن جي اولاد کي تعليم ڏياري اعليٰ مقام تائين پھچايو. ماڻھن کي پنھنجن حقن جي لاءِ شعور ڏنو. انھن مھان شخصيتن کي ڪڏهن بہ وساري نہ ٿو سگهجي. اهڙيون شخصيتون جن ٻين ڪاڻ جيئڻ سيکاريو ۽ ان جو درس ڏنو، اهي هميشہ زندھہ رهنديون آهن.
سائين محمد مٺل ڪمالاڻي، ”مورو ناهي ٿورو“ ڪتاب لکي پنھنجي جنم ڀومي ۽ ان جي تاريخ ۽ شخصيتن کي محفوظ ڪري ويو آهي. اڄ هن ڪتاب جي موري کي ٻيھر ضرورت آهي ۽ ان کي اپ ڊيٽ ڪري ڇپايو وڃي تہ جيئن موري جو نوجوان نسل اهو ڪتاب پڙهي پنھنجي شھر، پنھنجي جنم ڀومي جي تاريخ ۽ تاريخ ساز شخصيتن کان واقف ٿي سگهن. مقررن وڌيڪ چيو تہ اڄ بہ سنڌ ۽ موري کي ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ ۽ محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جھڙن املھه انسانن جي ضرورت آهي. انھن جي ڇڏيل تعليمي، صحت ۽ سماجي ڪمن کي پايئه تڪميل تائين پھچائڻ لاءِ اسان سڀني موري واسين کي جدوجھد ڪرڻي پوندي. انھيءَ موقعي تي ”سگا“ جي سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ جي فرزند فيصل بشير ميمڻ SSP، سائين محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جي لنڊن ۾ رهندڙ فرزند فياض ڪمالاڻيءَ ۽ مھراڻ ٽي. وي چئنل جي CEO ميمڻ غلام النبي مورائي ۽ سائين مٺل جي همسفر ساٿي سڪندر الزمان ميمڻ جا موڪليل پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، جن پنھنجي پيغام ۾ ڊاڪٽر بشيرالدين ميمڻ ۽ محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جي ڪيل جدوجھد، سندن تعليمي علمي سماجي ڪمن تي روشني وجهندي سندن ڪيل خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي. هنن ”سگا“ موري جي ساٿين جي انھن ڪاوشن کي پڻ ساراهيو جن اڄ پنھنجن هيرن کي ياد ڪري کين ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
ناليواري اديب ۽ سماج سڌارڪ عظيم سنڌي جي مڃتا ۾ ٽي ڏھاڙا ڪتابي ميلو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران سٽيزن ڪلب موري ۾ نامياري علمي ادبي سماجي شخصيت ۽ نالي واري اديب سماج سڌارڪ محترم عظيم سنڌي جي مڃتا ۾ ٽن ڏينھن وارو ڪتابي ميلو وديا پبليڪيشن جي سھڪار سان 17، 18 ۽ 19 ڊسمبر 2024ع تي اڱاري، اربع ۽ خميس جي ڏھاڙن تي لڳايو ويو. ھن ڪتابي ميلي جو افتتاح 17 ڊسمبر اڱاري جي ڏينھن، موري جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ مڻيادار ۽ محبوب شخصيت محترم عظيم سنڌيءَ، پروفيسر شمشاد احمد سومري، اعجاز علي ميمڻ ممنائي، حبيب ﷲ کوسي، نثار احمد ميمڻ، زاھد حسين ڏيپر، غلام حيدر ڏاھري ۽ پروفيسر محمد يوسف شيخ جي ساٿ سان ربن ڪٽي ڪيو.
ھن موقعي تي بھترين ليکڪ اديب ۽ نوشھرو فيروز مان ڪھي آيل پنجـن ڪتابن جي مصنف اعجاز علي ميمڻ ممنائي، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، حاجي نثار احمد ميمڻ، ’سگا‘ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري، پروفيسر محمد يوسف شيخ، اسلم ڪوريجي، مخدوم اظھار، ’سگا‘ موري جي جنرل سيڪريٽري زاھد حسين ڏيپر، موري جي تعليم کاتي جي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر حبيب ﷲ کوسي، سڪندر ڪورائي ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي ’سگا‘ موري جي ساٿين کي واڌايون ڏيندي چيو تہ اھڙا ڪتابي ميلا ھن وقت سنڌي سماج ۽ وقت جي گهرج آھن. اسان کي گهرجي تہ اسين ڪتابي ڪلچر کي ھٿي وٺرايون تہ جيئن جھالت، غير سنجيدگي، ناسھپ ۽ انتھا پسندي کي پاڙن کان پٽي صحتمند معاشرو اڏي سگهجي. اسان پنھنجي زندگي ڪتاب دوستي کي ارپي ڇڏيون، اھا وقت جي اھم ضرورت آھي. ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ اسان جي منزل باشعور سنڌ آھي، ان لاءِ ھنن نوجوان نسل کي ڪتاب پڙھڻ ۽ ڪتابن سان دوستي رکڻ جو پيغام ڏيندي چيو تہ اھو ڪتاب ئي آھي، جنھن وسيلي انسانن ۾ شعور اچي ٿو ۽ شعور انقلاب جي راھہ ھموار ڪري ٿو.
مقررن محترم عظيم سنڌي جي ڪيل علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي روشني وجهندي چيو تہ عظيم صاحب جون علم، ادب ۽ سماج لاءِ ڪيل خدمتون ڍڪيون ڇپيون ناھن، پاڻ سنڌي ادبي سنگت موري ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي بنياد وجهندڙ ساٿين مان ھڪ آھي. عظيم سنڌي مھراڻ آرٽس ڪاليج موري جي شاگرد يونين جو چونڊيل صدر پڻ رھيو آھي ۽ پاڻ ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مھراڻ ڪاليج جو صدر پڻ ھو. ھن سائين علي بخش شاھہ ۽ پروفيسر سائين نذير احمد قاضيءَ جن جي رھنمائيءَ ھيٺ علمي ادبي پروگرام ڪرايا. پاڻ ’سگا‘ موري جو شروعاتي سالن 79,78 ۽ 80 ۾ ٽي سال لڳاتار جنرل سيڪريٽري رھيو، ان سان گڏوگڏ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رھيو آھي. ان کان علاوہ موري شاخ جو صدر پڻ رھيو آھي. سندس علم، ادب لاءِ ڪيل خدمتن جي مڃتا طور اڄوڪو ڪتابي ميلو ’سگا‘ موري شاخ پاران سندس نانءُ سان لڳايو ويو آهي. اسين ’سگا‘ موري جي ساٿين جي ان عمل کي ساراهيندي کين واڌايون ڏيون ٿا. اميد ڪريون ٿا تہ اڳتي بہ ائين موري جي خدمت ڪندڙن جي نالي سان ڪتابي ميلا سجايا ويندا.
تقريب جي مک مھمان محترم عظيم سنڌي ’سگا‘ موري جي ساٿين ۽ ھن تقريب ۾ سڀني شريڪ ساٿين جو شڪريو بجا آڻيندي چيو تہ اڄ اوھان جيڪو مون کي اعزاز بخشيو آھي اھو تمام وڏو آھي ان لاءِ آءٌ اوھان جو احسانمند آھيان. اھڙا ڪتابي ميلا لڳائڻ کپن جن سان نوجوان نسل ڪتابن سان روشناس ٿئي ٿو. مون کي تمام وڏي خوشي ٿئي ٿي تہ ’سگا‘ موري جا ساٿي، اھا شمع جيڪا اسان جي وڏڙن، محسنن روشن ڪئي ان کي روشن ڪندا اچن ٿا. ھي ميلا پروفيسر شمشاد احمد سومرو، اسلم عباسي ۽ سندس ساٿي مچائيندا اچن ٿا. آءٌ کين مبارڪون ڏيان ٿو. اميد تہ اڳتي بہ محفلون مچنديون رھنديون.
ھن تقريب ۾ رائو اسلم ٽيپو، ھاشم سولنگي، سردار ٻرڙو، قاضي شفيع محمد، جاويد ملاح، مظفر گلاباڻي، مھراڻ سولنگي سميت صحافين خدا بخش ميمڻ ظفر پنھور رائو تيمور، بشير احمد لغاري، اختر لغاري، جاني جماڻي، الطاف سومرو سميت ’سگا‘ ساٿين، شھرين، اديبن ۽ سماجي ورڪرن وڏي اننگ ۾ شرڪت ڪئي.
ھن ڪتابي ميلي کي موري شھر جي مختلف مڪتب فڪر جي دوستن ۽ شھرين وڏي ننگ ۾ وزٽ ڪيو ۽ ڪتابن خريداري ڪئي. موري ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين محترم نذير احمد ميمڻ پڻ ڪتابي ميلي کي وزٽ ڪري ڪتاب خريد ڪيا. ميلي جي ٻئي ڏينھن تي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم مشتاق ڦل، مرتضيٰ ڦل، ايڊووڪيٽ امداد سولنگي، اظھار مخدوم، محمد ھاشم سولنگي سميت موري جي اديبن، شاعرن، وڪيلن، صحافين پڻ وزٽ ڪيو. ھن ڪتابي ميلي تي ٽئي ڏينھن ڪتاب وٺندڙن جي رش رھي.
پروفيسر سائين نذير احمد قاضيءَ جي ٻين ورسي ۽ ڪتاب ”ھيءَ سرمستي الستي آ“ جي مھورتي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ پاران 18 جنوري 2025ع ڇنڇر ڏينھن 11 وڳي مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي ٽيچرس اسٽاف روم ۾ ’سگا‘ موري جي باني اڳواڻ، علمي ادبي سماجي شخصيت پروفيسر نذير احمد قاضيءَ جن جي ٻين ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ سندس شاعري جي ڪتاب ”ھيءَ سرمستي الستي آ “ جي مھورت پڻ ٿي گذري.
پروگرام جي ڪاروائي ’سگا‘ موري شاخ جي اڳوڻي صدر اسلم عباسيءَ هلائيندي چيو تہ سنڌ جي نامور تعليمي ماھر، بھترين ليکڪ، ڪھاڻيڪار، شاعر، ’سگا‘ مورو جي باني اڳواڻ، سماج سڌارڪ ۽ بھترين استاد پروفيسر نذير احمد قاضي جي اڄ ٻين ورسي آهي. ھن تقريب جي صدارت انجنيئر منير احمد قاضيءَ جي حوالي ڪيون ٿا. ان کانپوءِ مھمان طور ’سگا‘ مرڪز جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل پروفيسر بخش علي چانڊيو، پروفيسر محمد سليمان سيال ڊاريڪٽر ڪاليجز شھيد بينظير آباد، پروفيسر شمشاد احمد سومرو صدر ’سگا‘ شاخ مورو، پروفيسر ڊاڪٽر نعمت ﷲ سومرو ۽ سائين نذير احمد جي وڏي فرزند ڊاڪٽر آفاق نذير قاضيءَ ۽ مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جي پرنسپال پروفيسر بشير احمد راڄپر کي اسٽيج تي ويھاريو ويو.
پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنھن جي سعادت پروفيسر محمد يوسف شيخ حاصل ڪئي. ان بعد ’سگا‘ موري جي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڏيپر آيل مھمانن کي ڀليڪار چيو ۽ آجياڻي تقرير ڪئي. جنھن بعد ’سگا‘ شاخ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري، پروفيسر سائين نذير احمد قاضيءَ جن جي خانداني پس منظر، سندن علمي ادبي سماجي خدمتن تي تفصيلي روشني وڌي. جنھن کان پوءِ اسٽيج تي ويٺل مھمانن جي هٿان ڪتاب ”ھيءَ سر مستي الستي آ“ جي مھورت ڪئي وئي.
’سگا‘ مورو جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سنڌي شعبي شھيد بينظير آباد جنرل يونيورسٽي جي ليڪچرار خالد ساحل ڪيريي پنھنجو تحقيقي مقالو پيش ڪيو، جنھن ۾ ھن سائين نذير جن جي ادبي خدمتن تي تفصيلي روشني وڌي. جنھن کانپوءِ سائين راشد مورائي جي فرزند شاھہ لطيف، راشد مورائي لائبريري مان سائين نذير احمد قاضي جو ھڪ تاريخي خط پڙهي ٻڌايو. هن موقعي تي ننڍڙي مصدق ياسر قاضي پنھنجي ناني نذيراحمد قاضي جن جي شاعري ترنم سان پيش ڪئي ۽ خوب داد حاصل ڪيو.
موري شھر جو مشھور وڪيل ۽ علمي ادبي شخصيت ايڊووڪيٽ امداد سولنگي پڻ قاضي صاحب جي شخصيت جي مختلف پاسن تي خوبصورت انداز سان ڳالھائيندي سائين نذير جون ڪافي ساروڻيون ٻڌايون. جنھن بعد نوجوان محقق اديب شاعر اسد سولنگيءَ سائين جي استاد واري پھلوءَ/ پاسي تي ڳالھائيندي سندس وطن دوست ۽ سنڌ پرستيءَ جا مثال ڏئي قاضي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪيو. دولتپور کان ڪھي آيل مھمان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دولتپور جي پرنسپال پروفيسر ارشاد اوٺي سائين نذير صاحب جي تعليمي خدمتن تي ڀرپور روشني وڌي. نوجوان نقاد ۽ خوبصورت ليکڪ خليق ٻگهئي سائين جي شاعريءَ جي ڪتاب تي پيپر پڙھيو ۽ سندس شاعريءَ تي ڀرپور ڳالھايو. ٺارو شاھہ کان آيل مھمان اڳوڻو پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر نعمت ﷲ سومري سائين قاضي صاحب جن جون ٺارو شاھہ ھاءِ اسڪول جي حوالي سان ڪافي يادگيريون ٻڌايون ۽ سندن علمي ادبي خدمتن جي اوک ۽ ڊوک ڪئي. ياد رھي تہ سائين نذير احمد شروع ۾ ٺارو شاھہ ھاءِ اسڪول ۾ استاد رھيا ھئا جتي نعمت ﷲ جو ويجهو عزيز سائين محمد ايوب سومرو پڻ سائين سان گڏ اتي استاد رھيو آھي. پروفيسر سليمان سيال پڻ سائين نذير احمد جون ڪيتريون ئي يادگيرن جو تذڪرو ڪيو. ’سگا‘ جي مرڪزي اڳواڻ پروفيسر بخش علي چانڊيي سائين نذير احمد سان گهاريل گهڙين کي بيان ڪرڻ سان گڏ سندن ڪتاب ۽ شاعريءَ تي بھترين ڳالھايو. جنھن بعد سائين نذير احمد جن جي وڏي فرزند ڊاڪٽر قاضي آفاق احمد ۽ سائين جي ننڍي ڀاءُ انجنيئر قاضي منير احمد سائين نذير جن جي زندگيءَ جي مختلف پاسن تي بھترين ڳالھايو. ھنن ’سگا‘ موري جي ساٿين جو شڪريو بجا آندو ۽ کين شاندار پروگرام ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. قاضي منير احمد چيو تہ اڄ سائين نذير احمد جي ڪيترن شاگردن ۽ سندن ساٿين اڄ ھتي ڪيتريون ئي سندن خوبصورت ساروڻيون سليون آھن. ان سان گڏوگڏ سندن شاعري، ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن تي پڻ تمام سٺو ڳالھايو آھي.
ھن تقريب ۾ اديبن، شاعرن، سماجي اڳواڻن، استادن، پروفيسرن ۽ صحافين خدا بخش ميمڻ، فقير بشير احمد لغاري، اختر لغاريءَ، وحيد رزاق مستوئي، ظفر الحق پنھور، طالب کوسي، الطاف سومري سميت ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ’سگا‘ شاخ دولتپور جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر اسلم پلي، دولتپور جي بھترين استاد ۽ اديب زاھد حسين سومرو ۽ دولتپور ڪاليج جي سنڌي جو ليڪچرار گلاب انڙ پڻ پروگرام ۾ شريڪ ٿيا. تقريب جي آخر ۾ مھمانن کي ننگر پڻ کارايو ويو.
پروفيسر مظھر ميمڻ مفت چمڙيءَ جي بيمارين جي ڪيمپ ـــ 2025ع:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن مورو شاخ ۽ پروفيسر مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن پاران پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي نالي سان ان جي ياد ۾ هڪ ڏينھن جي مفت چمڙي جي بيمارين جي ڪئمپ يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول، باءِ پاس ٽائون مورو ۾ 9 فيبروري 2025ع تي آچر ڏينھن لڳائي وئي. ڪئمپ جو افتتاح ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، حاجي محمد اسلم امين آرائين، ’سگا‘ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو، زاھد حسين ڏيپر، اسلم عباسي، نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ۽ نظر حسين ميمڻ ربن ڪاٽي ڪيو. ان بعد ڪراچي جي چمڙي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ـــ ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر خليق احمد ميمن، ڊاڪٽر عبدالرحمان، ڊاڪٽر انس احمد قاضي، ڊاڪٽر ثاقب ۽ ڊاڪٽر نويد بلوچ، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاھہ جي ڊرموٽالاجي شعبي جي ھيڊ ڊاڪٽر ماريا ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عمارا 1137 مردن عورتن ۽ ٻارڙن جو چيڪ اپ ڪري انھن کي اعليٰ ڪوالٽي جون مفت دوائون ڏنيون. ھن ڪئمپ ۾ ايٽڪو ليبارٽريز، فارما ھيلٿ، نبي قاسم، سيفرون، ميگزيٽيڪ ۽ شيگان ڪمپني وارن دوائون ڊونيٽ ڪيون. ڪئمپ ۾ تقريباً پنج ڇھه لک روپين جون دوائون مريضن کي مفت ڏنيون ويون. ھن ڪئمپ کي ايٽڪو ليبارٽريز جي محمد رضوان ۽ ڪرسٽولائيٽ ڪمپني جي جاويد حيدر ھيڊ ڪيو. ھن اسڪن ڪيمپ کي ميونسپل ڪاميٽي مورو جي چيئرمين نظير احمد ميمڻ سيد محسن علي شاھہ، ’سگا‘ جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل پروفيسر بخش علي چانڊئي، ’سگا‘ جي سي. اي. سي جي ميمبر پيرل خان کوسي، ’سگا‘ ڦل جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر رياض چانڊيي، موري جي معزز شھرين، وڪيلن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن وزٽ ڪيو. وزٽ ڪندڙ مھمانن ’سگا‘ موري جي ھن انسانيت جي خدمت واري جذبي کي ساراهيو ۽ ڪئمپ جي بھتر انتظامن کي جي تعريف ڪئي. اوپن اسڪائوٽ گروپ مورو جي اڳواڻ مظفر گلاباڻي، رائو اسلم ٽيپو، سجاد ھليو ۽ ٻين اسڪائوٽن ڪيمپ ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. سينيئر صحافين اختر علي لغاري، طالب حسين کوسي، رائو تيمور، ظفر پنھور ۽ سنڌي الطاف احمد سومري ڪيمپ جي ميڊيا ڪوريج ڪئي. هن ڪئمپ مان مورو شھر سان گڏوگڏ شاهپور جهانيان، سونھري فارم، قمرالدين چانڊيو، نوان جتوئي، ملڪ، پورڻ، ڏيپارجا، سڌوجا، نوان جتوئي، گچيرو پراڻو ۽ ٻين علائقن جا مريض وڏي تعداد ۾ فائدو حاصل ڪيو. جڏهن تہ ڊي ايس پي مورو محسن رضا جنڊاڻ پڻ ڪئمپ جو دورو ڪري سڪيورٽي جا انتظام چيڪ ڪيا.
ڊاڪٽرن جي رھائش، رات جي ماني ۽ صبح جي ناشتي جو بندوبست الامين ريسٽورنٽ تي محمد اسلم امين آرائين ڪيو جڏھن تہ منجهند جي ماني جو انتظام ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھريءَ پنھنجي جڳھہ تي ڪيو ھو . ’سگا‘ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري، ڊاڪٽر جاويد ميمڻ ۽ سند س ڊاڪٽرن جي ٽيم، فارماڪل ڪمپنين جن ڪئمپ لاءِ دوائون ڊونيٽ ڪيون، حاجي محمد اسلم امين ارائين، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھريءَ جو شڪريو بجا آڻيندي سندن ٿورا مڃيا. ان سان گڏوگڏ ھن يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول انتظاميہ جي ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ۽ حاجي نثار احمد ميمڻ جن جو پڻ شڪريو بجا آڻيندي سندن ٿورا مڃيا، جن اسڪول جي بلڊنگ ۾ ڪئمپ لاءِ بھترين ارينجمينٽ ڪري ڏنا. ان سان گڏوگڏ ھن سڀني اسڪائوٽس، ورڪرن جن ھن ڪيمپ ۾ بھترين سروسز ڏنيون ۽ محترم محسن رضا جنڊاڻ صاحب جن جا بہ ٿورا مڃيا، جنھن ڪئمپ لاءِ بھترين سڪيورٽي جا انتظام ڪيا.
”مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن“ جي موقعي تي ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي مذاڪرو“:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري پاران سنڌي ادبي سنگت موري جي سھڪار سان مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن 21 فيبروري 2025ع تي ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي مذاڪرو“ مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ ٿي گذريو. پروگرام جي صدارت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري جي صدر، نامياري محقق پروفيسر شمشاد احمد سومري ڪئي. مھمانن ۾ سنڌي ادبي سنگت نوشھري فيروز ضلعي جو رابطہ سيڪريٽري ايم. ظفر تڳر، ’سگا‘ جو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل پروفيسر ”بيوس“ بخش علي چانڊيو، نالي وارو نقاد خليق ٻگهيو ۽ اديب ۽ ڀٽائي جو پارکو اسد سولنگيءَ کي اسٽيج تي ويھاريو ويو. پروگرام جي شروعات ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي. بعد ۾ ’سگا‘ شاخ موري جي جنرل سيڪريٽري زاھد حسين ڏيپر آيل مھمانن کي آجياڻو پيش ڪندي سڀني معزز آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا.
سنڌي ٻوليءَ جي اھميت، قدامت، ان سان درپيش مسئلا ۽ انھن جي حل بابت نوجوان دانشور خادم بالادي، ’سگا‘ شاخ موري جي اڳوڻي صدر اسلم عباسي، استاد الھه بچايو لغاري، خليق ٻگهيي، اسد سولنگي، ’سگا‘ مرڪز جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو، ضلعي رابطہ سيڪريٽري ايم. ظفر تڳر ۽ ٻين پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ اڄ سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو ملھايو پيو وڃي. سنڌي ادبي سنگت شاخ موري ۽ ’سگا‘ شاخ موري جا ساٿي جس لھڻن جن سنڌي ٻولي بابت مذاڪرو ڪرايو آهي.
21 فيبروري 1952ع تي ڍاڪا ۾ هزارين بنگالي شاگردن بنگاليءَ کي قومي زبان قرار ڏيڻ جي حق ۾ مظاهرا ڪيا. ڍاڪا ۾ پوليس مٿن گوليون هلايون، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مارجي ويا ۽ زخمي ٿي پيا. 1999ع ۾ يونيسڪو هن ڏهاڙي کي مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جو درجو ڏنو ۽ سن 2000ع کان اهو ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ ملھايو پيو وڃي. دنيا مان ڪنھن ٻولي جي مٽجي وڃڻ جو مطلب آهي ڪروڙن انسانن جو هزارن سالن جو ثقافتي خزانو هميشہ لاءِ ختم ٿي وڃڻ. انسان پنھنجا خيال مختلف ذريعن سان ٻين تائين پھچائي ٿو، جنھن ۾ راڳ، ساز، ناچ، بُت تراشي، تصوير ڪشي ۽ ٻيا طريقا شامل آهن. پر اظھار جو سڀني کان وڌيڪ اثردار ۽ طاقتور ذريعو ٻولي آهي. لکن ڪروڙن سالن جي ارتقا ۾ ڳالھائڻ هڪ اهڙو گُڻ آهي، جيڪو سڀني ساهوارن ۾ انسانن کي ممتاز ڪري ٿو! سکڻ ۽ سيکارڻ جو موثر ترين ذريعو بہ ٻولي آهي ۽ انھيءَ ۾ بہ سڀني کان بھترين ذريعو مادري ٻولي آهي. هر ٻار کي پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ماضيءَ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو نہ ڏيڻ واري مسئلي کي درست نموني حل نہ ڪيو ويو آهي. بنگالي ٻولي کي تسليم نہ ڪرڻ جي ڪري مشرقي پاڪستان لاءِ بنگلا ديش بنجڻ جي راھہ هموار ٿي هئي.
سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جو مطلب آهي، انھن ماڻھن جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ ۽ انھن کي عزت ڏيڻ، ٻوليون زندہ شين وانگر هونديون آهن، تنھن ڪري اهي ڄمن، مرن ۽ جيئن ٿيون. ھن جديد دؤر ۾ گلوبلائزيشن، انٽرنيٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي ٻين طاقتور ذريعن اصلوڪي ٻولين جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. وڏيون ٻوليون ننڍين ٻولين کي تيزي سان ڳڙڪائي رهيون آهن. جڏهن هڪ قوم جا ماڻھو ڌنڌي روزگار ۽ ٻين سماجي سببن جي ڪري ٻيون ٻوليون ڳالھائڻ لڳن ٿا، تڏهن اصلي ٻولي جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو آهي. سنڌي ٻولي دنيا جي اوائلي ۽ قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. اها هزارن سالن جي اٿل پٿل، قدرتي ۽ انساني آفتن کي برداشت ڪري پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ ۾ سرخرو رهي آهي.
هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجي بقاءَ جو مسئلو درپيش آهي ۽ ان کي بچائڻ جي نئين تارخ رقم ٿي رهي آهي. هي وقت آهي تہ سنڌ جا حلالي فرزند اڳيان اچن. پنھنجي ماءُ ٻولي جي وارثي ڪن ۽ انھي جي جياپي کي يقيني بنائين. صدارتي تقرير ڪندي پروفيسر شمشاد احمد سومري چيو تہ جيستائين لطيف جو ڪلام ۽ سنڌي قوم جا ڳالھائيندڙ آھن سنڌي ٻوليءَ کي ڪوبہ لھر نہ ڪو لوڏو آھي. اسان کي اڄوڪي ڏينھن تي عھد ڪرڻو پوندو تہ گهر ۾ پنھنجي خاندان توڙي ٻارن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھايون. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اھميت بابت نئين نسل کي آگاھہ ڪريون.
پروگرام ۾ ھڪ ٺھراءُ پاس ڪري وفاقي حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ويو تہ سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي ٻين ٻولين سميت قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي.
پروگرام ۾ رسول بخش گچيرائي، اظھار مخدوم، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري، زاھد حسين ڏيپر، رضا لانگاھہ، سڪندر جروار، اشرف سولنگي، ھاشم سولنگي، مٺل جسڪاڻي، خادم حسين لانگاھہ، رائو محمد اسلم ٽيپو، جاويد ملاح، پروفيسر گل ميمڻ، پروفيسر محمد يوسف شيخ، ذاڪر حسين ميمڻ، پير شمس الدين، عبدالھادي ڪلھوڙو، امانت وسطڙو، گلاب خان انڙ، استاد بھاول لغاري، حسن شاھہ صوفاڻي، رياض احمد چانڊيو، امام الدين سولنگي، اصغر بليدي، مظفر گلاباڻي، صحافي الطاف سومرو، صحافي خدا بخش ميمڻ، صحافي جاني جماڻي، صحافي عزيز ڪورائي، حاجي بشير احمد لغاري، طالب کوسو، ظفر پنھور ۽ ٻين مختلف سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي مڪتب فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي سيڪريٽري ۽ ’سگا‘ جي جوائنٽ سيڪريٽري خالد ”ساحل“ ڪيريي ھلائي.
دريائن جي عالمي ڏينھن تي ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاھرو ۽ ريلي:
دريائن جي عالمي ڏھاڙي 14 مارچ تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران ’سگا‘ مرڪز جي اعلانيل احتجاجي مظاھرن جي سلسلي ۾ ھڪ ڀرپور احتجاجي ريلي مورو پريس ڪلب کان ڪڍي وئي، جنھن ۾ ’سگا‘ موري جي ساٿين، سنڌي ادبي سنگت جي دوستن، شھرين، سول سوسائٽي جي فردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان ريلي جي اڳواڻي ’سگا‘ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري، اڳوڻي صدر محمد اسلم عباسي، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن اسد سولنگي، ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ مخدوم اظھار ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي ’سگا‘ اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياءُ ھزارين سالن کان ھن ڌرتي تي موجود آھي، جيڪو اسان جي سڄي ڌرتي کي سيراب ڪري ٿو ۽ اھو اسان جي جياپي جو سبب آھي. سنڌ جي لکين ماڻھن جو گذر سفر زراعت تي آھي. سنڌوءَ ۾ اسان جو ساھہ آھي. درياءَ اسان جي شھه رڳ آھي. درياءَ سنڌ مان 6 ڪئنال غير قانوني، غير آئيني ۽ غير شرعي ڪڍڻ سان سڄي سنڌ ۾ تباھي ايندي. ماڻھن، پکي پکڻ جي پيئڻ لاءِ پاڻي نہ ھوندو. سنڌ سڄي ڀڙ ڀانگ ٿيندي. ان لاءِ اسين ’سگا‘ جا سڀ ساٿي ۽ موري جي سول سوسائٽي، اديب، شاعر ۽ وڪيل وفاقي حڪومت کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون تہ هڪدم اھي ڇھه غير قانوني ڪئنال چولستان ڪينال سميت سڀني جا منصوبا ختم ڪيا وڃن. اسان سمجهون ٿا تہ اھو سنڌ مٿان ڌاڙو آھي. اھو سنڌو درياءَ تي ڌاڙو بند ڪيو وڃي. ان ريلي ۾ ’سگا‘ موري جا سينئر دوست ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، امام الدين سولنگي،۔ نثار سولنگي سان گڏ اديبن شاعرن شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
احتجاجي ريلي کان پوءِ ’سگا‘ جا ساٿي ۽ سول سوسائٽيءَ جا دوست شھري قافلي جي صورت ۾ درياءَ سنڌ مورو دادو پُل تي پھچي درياءَ کي گُلن جي ڀيٽا پيش ڪئي. اُتي ’سگا‘ موري جي اڳواڻن مختلف چئنلن سان ڳالھائيندي وفاقي حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو تہ بنا دير ڪئنالن جا منصوبا ختم ڪري، سنڌ جي ماڻھن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ۽ خدشا ختم ڪيا وڃن. دادو موري پل درياءَ سنڌ تي پڻ ’سگا‘ موري پاران ڀرپور احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن ۾ سون جي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي.
علمي ادبي شخصيت حڪيم صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي جو 76ھون جنم ڏھاڙو:
موري جي مڻيادار محبوب شخصيت، فقير منش صوفي، سڀ ڪنھن جو ڀلو چاھيندڙ، اديب، نالي وارو صحافي، خانداني پشتا پشت حڪيم صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي جن جو 76 سالا جنم ڏينھن 8 اپريل تي سندن اوطاق تي سنڌ گريجوييٽس ايسوسيئيشن شاخ موري ۽ مخدوم قاضي غلام محمد اڪيڊميءَ پاران ملھايو ويو. ان موقعي تي ’سگا‘ شاخ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري، ’سگا‘ موري جي اڳوڻي صدر محمد اسلم عباسي، اديب محقق رسول بخش گچيرائي، ’سگا‘ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر اظھار مخدوم، جاويد ڪانڌڙي، وحيد مستوئي، اختر لغاري، ظفر پنھور، طالب کوسي، ھادي بخش چانڊيي، مظفر گلاباڻي ۽ ٻين دوستن صوفي صاحب جي شخصيت سندن ادبي، علمي، طبي ۽ صحافتي خدمتن تي روشني وجهندي کين ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اسلم عباسيءَ چيو تہ صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو موري جو چمڪندڙ ستارو آھي، سندس ۽ سندن والد صاحب جون حڪمت جي حوالي سان موري لاءِ خدمتون عالم آشڪار آھن. ھن چيو تہ صوفي صاحب جا جيڪي علمي ادبي مضمون سون جي تعداد ۾ اخبارن ۾ شايع ٿيل آھن، انھن کي ھڪ ھنڌ سھيڙي شايع ڪرايو وڃي. پروفيسر شمشاد احمد سومري چيو تہ صوفي صاحب جن جو موري جي طبيه ڪاليج جي قيام ۾ تمام وڏو رول رھيو آھي. صوفي صاحب ڪيترن سماجي علمي تنظيمن جا روح روان رھيا آھن ۽ انھن پاران موري ۾ ڪيترائي پروگرام ڪرايا ويا. صوفي صاحب جو ڪيل علمي ادبي پورھيو تمام گهڻو آھي جيڪو موري جي ادبي علمي تاريخ جو ھڪ يادگار حصو آھي. سندن مطب تي ھر وقت ميڙاڪا متل ھوندا آھن. سندن مطب تي سڄي سنڌ مان نامور عالم، اديب، صحافي ۽ علمي ادبي شخصيتون اينديون رھنديون آھن. ھن چيو تہ صوفي صاحب محبوب مڻيادار ماڻھو آھي، جنھن اڄ ڏينھن تائين ڪنھن سان ٻاڙو نہ ٻوليو آھي. سندن اھا بہ وڏي خوبي آھي تہ پاڻ ننڍي توڙي وڏي سان اُٿي ۽ جهڪي ملندا آھن.
صوفي صاحب جن ’مھراڻ ٿاڌل‘ ۽ ’شربت ابريشم‘ جي نالي سان مارڪيٽ ۾ انٽروڊيوس ڪرايا، جيڪي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا ويا. ھن وڌيڪ چيو تہ صوفي صاحب جا حڪمت ۾ پڻ ڪيترائي شاگرد آھن، جيڪي پنھنجن پنھنجن شھرن ۽ علائقن ۾ مطب کولي عوام جي خدمت ۾ مصروف آھن. ان خوشيءَ جي موقعي تي صوفي صاحب کي ھار، لونگي ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي صوفي صاحب جي صحت ۽ تندرستي لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.
مجاز سولنگي جي ناول ”جولاءِ 1902ع “ جي مھورتي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ’سگا‘ شاخ موري پاران سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر، راڳي ۽ ناول نويس مجاز سولنگي جي ڇپجي آيل ناول ”جولاءِ 1902ع“ جي شاندار مھورتي تقريب ’امداد سولنگي ھائوس‘ نزد گارڊن سٽي مورو ۾ 20 اپريل2025ع تي ڇنڇر ڏينھن ٿي گذري، جنھن جي صدارت سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ جديد خوبصورت شاعر احمد سولنگي ڪئي. جڏھن تہ خاص مھمان جديد ناول نگار منور سراج، بھترين شاعر ۽ ’سگا‘ مرڪز جو اڳوڻو سيڪريٽري صحت محترم ڊاڪٽر سليمان سولنگي ھئا. پروگرام جا اعزازي مھمان اڄوڪي ھن تقريب جو گهوٽ ناول جو لکندڙ انجنيئر مجاز حيدر سولنگي، ’سگا‘ موري جو صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو، بھترين نقاد ۽ نثر نويس خليق ٻگهيو، تعليمي ماھر، شاعر ادريس جتوئي، خوبصورت شاعر نثر نويس صحافت سان لاڳاپيل شخصيت رکيل مورائي، سنڌي ٻوليءَ جا خوبصورت شاعر بخشل باغي، خالد راڄپر، ستار سندر ھئا؛ جن کي اسٽيج تي ويھاريو ويو. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. بعد ۾ خوبصورت آواز جي مالڪ علي دوست قاسمي، سيد سليمان شاھہ بودلائي جي ڪافي پيش ڪئي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري جي اڳوڻي صدر اسلم عباسي آجياڻي تقرير ڪندي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيندي چيو تہ سنڌي ناول نگاري ۾ ھي ناول نئون اضافو ثابت ٿيندو. دنيا ۾ ھن وقت نثر وڌيڪ لکجي ۽ پڙھجي رھيو آھي. خوبصورت شاعر ۽ قانوندان امداد سولنگي مجاز حيدر جو تعارف ڪرائيندي چيو تہ اسان جي گهر مان مجاز جو ناول جي صنف ڏانھن اچڻ يقيناََ خوشيءَ جو باعث آھي. ھو ھڪ ئي وقت راڳي سان گڏوگڏ سٺو شاعر بہ آھي. اميد آهي تہ فڪشن ۾ ھو وڌيڪ تخليقي ناول ڏئي سنڌي ناول نگاريءَ ۾ اضافو ڪندو. بعد ۾ ”جولاءِ 1902ع“ ناول جو مھمانن گڏجي مھورت ڪيو. ان بعد ’سگا‘ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري ھن شاندار پروگرام ۾ حيدرآباد، نواب شاھہ ۽ موري کان ڪَھي آيل سنڌي ادب جي ڪريم ۽ ٻولي ادب سان پيار ڪندڙن/ چاھيندڙن جو شڪريو بجا آڻيندي کين ڀليڪار چيو. ھن چيو تہ اڄ اسان جي خوش بختي آھي جو ھن ناول جو مھورت ڪار سنڌي ادبي سنگت موري ۽ ’سگا‘ موري سان گهري وابستگي رکندڙ شخصيت خوبصورت شاعر نثر نگار ۽ اسان جي ’سگا‘ جو ٻہ دفعا مرڪزي ھيلٿ سيڪريٽري (87-1986ع ۽ 88-1989ع) رھندڙ ڊاڪٽر سليمان سولنگي پڻ اسان جي وچ ۾ آھي. ھن موري جي صحافي دوستن جو پڻ شڪريو مڃيو، جيڪي ھن پروگرام جي رپورٽنگ ڪري رھيا آھن.
ناول تي سنڌي ادب جي خوبصورت ناليوارن اديبن ۽ شاعرن احمد سولنگي، منور سراج، ڊاڪٽر سليمان سولنگي،خليق ٻگهيو، ادريس جتوئي، ستار سندر، بخشل باغي، اسد سولنگي، مير ملاح ۽ خالد ساحل ڳالھائيندي چيو تہ ھي دؤر فڪشن جو آھي. ساھتي پرڳڻي جي ھن خطي ماضي کان ھن وقت تائين خليق مورائي، ڊاڪٽر ارجن سڪايل، ديو ناٿاڻي، آنند کيماڻي، ھري ھمٿاڻي، ناصر مورائي، بيدار مورائي، استاد بھاول لغاري کان پوءِ ھاڻ مجاز سولنگي ھي ناول لکي ان لڙھي ۾ شامل ٿيو آھي.
مجاز جو ھي ناول اٽلي جي آس پاس جي پس منظر ۾ لکيل آھي. ناول ۾ ھن پلاٽ، ڪردار نگاري منظرنگاري ۽ ڪلائمڪس سان خوب نڀايو آهي. ناول ۾ ھن خوبصورت ٻوليءَ جو استعمال پڻ ڪيو آھي.
ناول تي ڳالھائيندي ھنن وڌيڪ چيو تہ مجاز سولنگيءَ ھي بھترين، اهم ۽ جديد ناول”جولاءِ 1902ع“ لکي سچ تہ سنڌي ادب کي هڪ اعليٰ تخليقي تحفو ارپيو آهي ۽ سنڌي پڙهندڙ ناول جي هڪ اهڙي دنيا سان مُتعارف ڪرايو آهي جيڪا نِج فڪشن جو ئي هڪ ڀرپور حوالو چئي سگهجي ٿو.
هِن ناول ۾ ڪردار هڪ الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پيش ڪيا ويا آهن. ڇو تہ تصور، يادن، ماضي ۽ حال جي حالتن جي هي ڪھاڻي آھي، جيڪا پڙهندڙن تي سحر طاري ڪري ٿي. جنھن جي لفظ لفظ ۾ ڪيفيتن جي ڪلا جا جام ڇُلڪي رهيا آهن. هِن ناول جي تخليقي خوبي اِها بہ آهي تہ هِن ناول کي ڪنھن مخصوص زاويي سان ڏسڻ هِن ناول سان ناانصافي ٿيندي جڏهن تہ توهان خود هِن ناول جي خلائن کي پنھنجي تصور جي معنائن سان ڀري ڪھاڻيءَ کي ڪو نئون رُخ ڏئي پنھنجي من جي مُونجهہ کي گهٽائي سگهو ٿا.
اهڙي خوبصورت، بِنھه نِڪور اسلوب واري ھن تخليقي ناول تي ليکڪ کي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي. مقررن ’سگا‘ موري جي ساٿين کي اھڙو شاندار پروگرام منعقد ڪرڻ جون پڻ واڌايون ڏنيون.
ناول نگار انجنيئر مجاز حيدر سولنگيءَ ڳالھائيندي آيل مھمانن جاٿورا مڃيندي چيو تہ آءٌ سڀني دوستن جو انتھائي شڪرگذار آھيان، جن پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي ھتي آيا ۽ آءٌ انھن سڀني ڳالھائيندڙ دوستن جا پڻ ٿورا ٿو مڃان جن منھنجي ناول تي بھترين اوک ڊوک ڪئي آھي ان تي ڀرپور ڳالھايو آھي. ھن اھو پڻ ٻڌايو تہ مون ھي ناول ڇو لکيو ۽ ڪيئن لکيو. ھي منھنجو پھريون ناول آھي ضرور ان ۾ ڪچايون ڦڪايون ھونديون.
پروگرام ۾ سنڌي ادبي سنگت نوشھرو فيروز جي ضلعي رابطا سيڪريٽري ظفر تڳر سنڌو درياءَ ۽ ڪئنالن متعلق پنھنجي سُريلي آواز ۾ ڪلام پيش ڪيا. ھن يادگار ۽ خوبصورت پروگرام ۾ رضا لانگاھہ، مير ملاح، اظھار مخدوم، سجاد ظھير، رسول بخش گچيرائي، ھاشم سولنگي، سڪندر سانوڻ ڪورائي، فقير غلام رسول ميمڻ، نجم سرھيو، سڪندر جروار، مختيار جمالي، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري، پروفيسر محمد يوسف شيخ، پروفيسر افتخار ٻگهيو، رائو اسلم ٽيپو، سينئر صحافين اختر لغاري ۽ محمد طالب کوسي سميت علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پروگرام جي آخر ۾ متفق ٺھراءُ پاس ڪري سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ سڀني ڪئنالن کي رد ڪندي حڪومت وقت کان پرزور مطالبو ڪندي گُهر ڪئي وئي تہ بنا دير اھي سڀ ڪئنال رد ڪيا وڃن ۽ سنڌو درياءَ تي ڪوبہ ڪئنال ڪوبہ ڊيم نہ ٺاھيو وڃي.
ھي يادگار پروگرام ٻہ ڪلاڪ ھليو ۽ پنھنجون خوبصورت يادون ڇڏيون. پروگرام جي ڪارروائي ’سگا‘ موري جي جوائنٽ سيڪريٽري خالد ”ساحل“ ڪيريي ھلائي.
سومرا مينڌرا اي شھيد وطن تو سنڌ جي سينڌ کي سنواري ڇڏيو
شھيد عبدالرازق سومري جو 53ھون شھادت ڏھاڙو:
سنڌ گريجو ئيٽس ايسوسيئيشن مورو پاران سنڌي ٻولي جي پھرين شھيد عبدالرزاق سومري جي 53ھين شھادت جي ڏھاڙي 7 آگسٽ 2025ع تي سندس مزار تي ’سگا‘ جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو، نائب صدر ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري، جوائنٽ سيڪريٽري خالد ساحل ڪيريو، موري شاخ جي اڳوڻي صدر محمد اسلم عباسي، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ، اظھار مخدوم، ’سگا‘ ساٿي امام الدين سولنگي، قادر بخش سيال، مظفر گلاباڻي، سڪندر ڪورائي، سڪندر جروار ۽ شھرين جي وڏي انگ گڏجي اجرڪ چاڙھي گُلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي ’سگا‘ جي ساٿين شھيد کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو تہ شھيد عبدالرزاق سومرو سنڌي ٻولي جو پھريون شھيد آھي، جنھن موري جي شھر ۾ 23 سيپٽمبر 1947ع تي سومرا خاندان جي بھترين فرض شناس استاد سائين محمد سليمان سومري جي گهر ۾ اک کولي. شھيد ھڪ فرض شناس ۽ سنڌ دوست استاد ھو، جـنھن خيرپور توڙي حيدرآباد جي ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا ڪرائي، اتي سندن ڀرپور مدد ڪئي. جيڪا سنڌ دشمن ڌرين سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان بغض رکندڙ ڪجهہ متعصب شاگردن کي پسند نہ آئي. پوليٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد جي انھن متعصب ۽ سنڌ دشمن شاگردن انور ڪمال جي اڳواڻيءَ ۾ ھن وطن دوست سنڌي استاد تي 7 آگسٽ 1972ع تي اوچتو حملو ڪري، چاقن جا وار ڪري کيس ڦوھہ جوانيءَ ۾ 25 سالن جي ڄمار ۾ شھيد ڪيو. اسان ’سگا‘ موري جا سڀ ساٿي ۽ موري جا باشعور دوست اڄ شھيد عبدالرزاق سومري جي ڏنل قرباني کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ۽ وچن ٿا ڪريون تہ شھيد جيڪو مشن کڻي جدوجھد ڪئي، ان کي پايئه تڪميل تي پھچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ۽ اسان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ پڻ جدوجھد ڪنداسين. ھنن چيو تہ شھيد قومن جو ورثو ھوندا آھن، اھي ڪڏھن بہ نہ مرندا آھن، پر ھو ھميشه زندھہ ھوندا آھن. اسان موري وارن کي شھيد عبدالرزاق سومري تي فخر آھي. اڄ سندن ورسي جي موقعي تي کين سلام پيش ڪريون ٿا.
مقررن ’سگا‘ موري ۽ موري جي شھرين پاران شھيد عبدالرزاق سومري جي مقبري جي بھترين مرمت ۽ رنگ روغن ڪرائڻ تي انسان دوست ۽ سنڌ دوست سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد صادق سيال صاحب جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ سندس شڪريو بجا آندو.
شھيد جي ورسيءَ ۾ اديبن شاعرن موري شھر جي مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ سنڌ دوست ساٿين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
نامياري اديب، شاعر ۽ سماج سڌارڪ محترم عظيم سنڌيءَ جي ياد ۾ شاندار تقريب:
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نامياري، شاعر، اديب، سماج سڌارڪ ۽ سگا جي رھنما محترم عظيم سنڌيءَ کي سندس ڪيل علمي، ادبي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ ھڪ شاندار تقريب سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران سنڌي ادبي سنگت موري جي سھڪار سان 05 آڪٽوبر تي مھراڻ سٽيزن ڪلب ۾ ٿي جنھن ۾ ادب، تعليم، صحافت ۽ سماج سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي صدارت نامياري اديب، سنڌي ٻولي جي ماھر محترم عبدﷲ خان جيسر ڪئي، جڏھن تہ مھمان خاص سگا موري شاخ جو صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو ھيو جڏھن ت مھمانن ۾ محترم تابش بخاري، محترم ادريس جتوئي، عظيم سنڌيءَ جا فرزند محترم حبيب الرحمان سولنگي ۽ محترم مجيب الرحمان سولنگي جن شامل ھئا. پروگرام جي شروعات ۾ مرحوم عظيم سنڌي ۽ سگا جي اڳوڻي مرڪزي ساٿي پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي روحن کي ايصالِ ثواب لاءِ فاتح پڙھي وئي. ان بعد خوبصورت راڳي عزيز سابقي لطيف سائين جي وائي پيش ڪئي. جنھن بعد اديبن شاعرن سماجي اڳوڻن عظيم سنڌي جي ادبي علمي سماجي خدمتن تي ڀرپور روشني وڌي.
اظھار مخدوم چيو تہ عظيم سنڌي نہ صرف شاعريءَ ۾ مزاحمتي ۽ قومي فڪر جو علمبردار هو، پر عملي زندگيءَ ۾ بہ انساني حقن، ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ هڪ متحرڪ شخصيت هو. هن چيو تہ عظيم سنڌيءَ جو ڪيل ادبي پورهيو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. ”سگا“ شاخ موري جي اڳوڻي صدر محترم اسلم عباسي چيو تہ عظيم سنڌيءَ جو سگا توڙي سنڌي ادبي سنگت جي بنياد وجهڻ ۾ اھم ڪردار آھي. ھن پورھيو ڪري پنھنجي اولاد کي بھتر تعليم ڏياري اعلي منصب تي پھچايو. سنڌ تي جڏھن ڏکيو دور ھو تہ ھن خاڪي جويي سان گڏجي ساڃاھہ رسالو شروع ڪيو جيڪو وڏي عرصي تائين جاري رھيو. خوبصورت شاعر ۽ قانوندان محترم امداد سولنگي چيو تہ عظيم سنڌيءَ جي شاعريءَ ۾ فڪر جي روشني، درد جو احساس ۽ عوامي جدوجھد جو سچو آواز موجود آهي. هو پنھنجي ڪلام وسيلي ماڻھن جي شعور کي جاڳائيندو رهيو. ھن پنھنجي حياتي ۾ نوجوانن ۾ علمي، ادبي ۽ قومي تحرڪ پيدا ڪيو. سندس دڪان جي بيٺڪ عوامي ۽ ثقافتي درسگاھہ ھئي جتي ڪيترائي سنڌ جا ناليوارا اديب، شاعر قومي ڪارڪن ۽ نوجوان اچي علم ادب ۽ سنڌ جي ترقيءَ بابت ڪچھريون ڪندا ھئا. نوجوان نقاد محترم خليق ٻگهيي چيو تہ عظيم سنڌي سنڌي ادبي سنگت کي ٻيھر منظم ڪرڻ، نون نوجوانن کي ادب ڏانھن آڻڻ ۽ فڪري ويجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪندو رهيو. ھن اسان جھڙن ڪيترن ئي ليکڪن کي همٿايو ۽ ادب ڏانھن راغب ڪيو. هن جي جدائيءَ سان ”سگا“ ۽ ادبي سنگت هڪ سچي ڪارڪن کان محروم ٿي وئي آهي. شاھپور کان آيل اديب اسلم لغاري چيو تہ عظيم سنڌي شاعريءَ، اشاعت، ادبي ۽ سماجي ڪمن خاص طور شاگرد سياست کي متحرڪ ڪرڻ ۾ گڏيل اھم فڪري ڪردار ادا ڪيو. سندس فڪر ۾ انساني برابري، سماجي انصاف ۽ قومي سڃاڻپ جو تصور نمايان آهي.
لاڙڪاڻي کان ڪھي آيل عظيم جي ساٿي ۽ شاعر ادل سولنگي کيس نظم ۾ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪئي. دادو کان ڪجي آيل شاعر نذير ناز جويي چيو تہ عظيم سنڌيءَ جو ڪردار فقط ادب تائين محدود نہ هو. هو تعليم، سماج سڌارڻ ۽ نوجوانن جي شعور جي تعمير لاءِ سرگرم رهيو. سندس شخصيت مان محبت، عاجزي ۽ فڪري سچائي جهلڪندي هئي. انجنيئر عمر سيال چيو تہ ھو اسان جو ويجهو دوست ھو. اڄ اسان ھڪ عظيم دوست کان محروم ٿي وياسين. عظيم سنڌيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي سورن، ڌرتيءَ سان محبت ۽ هر جدوجھد جو نقش ملي ٿو. هو شاعريءَ ذريعي شعور کي بيدار ڪرڻ ۽ سماج کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم ڪندو رهيو. عظيم صاحب جي ڪلاس فيلو ۽ اديب استاد ﷲ بچايو لغاريءَ چيو تہ عظيم محبتي، محنتي ۽ کلڻو ۽ ڪچھريءَ جو ڪوڏيو انسان ھو. ھن وٽ ھر موضوع تي ڪچھري ڪرڻ جو ڏانءُ ھو. ھيءَ لوڪ ادب، درياھہ، ٻھراڙين، ڪچي ۽ علم ادب تي ڳالھين ۾ ڪيتري ئي نئين ڄاڻ ڏئي ويندو ھو. ”سگا“ ساٿي حاجي نثار احمد ميمڻ چيو تہ استاد عظيم سان محبتن جو رشتو سال 1973ع واري زماني کان جڙيو جڏھن ھو ”سگا“ شاخ موري سان لاڳاپيل ھو. ھن ”سگا“ ۾ پنھنجي وس آهر ڪيتريون ئي سماجي خدمتون ڏنيون. ايڊووڪيٽ رجب علي ڀٽي چيو تہ عظيم سنڌي جو موري شھر ۽ استاد بخاري سان بي حد محبت ھئي. ھو استاد بخاري جي شخصيت ۽ سندس شاعريءَ جو عاشق ھو. جڏھن بہ ساڻس ملبو ھو تہ پنھنجي ڪلام جي بجاءِ استاد بخاري جي شاعري ٻڌائيندو هو. نذير احمد زرداري چيو تہ استاد عظيم سان منھنجي والد محترم پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جو بي حد پيار ھو. بابا سائين جو گهڻو وقت سائين عظيم سان گذريو. سچ پچ اڄ اسان ھڪ عظيم چاچي کان محروم ٿي ويا آهيون. استاد عظيم جون علمي ادبي خدمتون سدائين ياد رھنديون. دادو کان آيل ڪافي جي خوبصورت شاعر صوفي غلام مصطفي مڱڻيجو پنھنجي خوبصورت شاعري ۾ عظيم سنڌيءَ کي خراج عقيدت پيش ڪيو. سگا ساٿي ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ چيو تہ استاد عظيم جون سماجي ۽ ادبي خدمتون سدائين عالم آشڪار رھنديون. ھو پنھنجي فڪر عيوض سدائين حيات رھندو. ڦلجي کان ڪھي آيل اديب ۽ ڪھاڻيڪار ممتاز مصطفيٰ کوسي چيو تہ استاد عظيم وٽ نوجوانن کي همٿائڻ جي خوبي ھئي. ھن پنھنجي دور ۾ سنڌ ٻولي، ادب ۽ سماج جي سڌاري لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو.
عظيم سنڌيءَ جي فرزند محترم حبيب الرحمان سولنگي پنھنجي تقرير ۾ چيو تہ بابا سائين پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪيترين ئي تنظيمن جھڙوڪ شھيد عبدالرزاق سنگت جو سيڪريٽري 1972ع کان 1976ع تائين، سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جو سيڪريٽري 1976ع، مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي، ھسٽاريڪل سوسائٽي موري جو جنرل سيڪريٽري بہ رھيو. ماھوار ساڃاھہ رسالي جو 1990ع کان پبلشر بہ ٿي رھيو. بابا سائين کي موسيقيءَ سان چاھ شروع کان ئي رھيو. پاڻ خاص ڪري نيم ڪلاسيڪي ۽ عارفانہ ڪلام شوق سان ٻڌندو ھو. سنڌ جي ثقافتي راند ملھه جو شوقين رھيو. ملھه راند جي اھميت، فن ۽ ملھه پھلوانن بابت ھن معلوماتي مضمون بہ لکيا. استاد بخاريءَ سان بابا سائين جي بيحد محبت ھئي. بابا سائين جي پھرين شعري مجموعي ”مٽيءَ جي مھڪ“ جو مھاڳ بہ استاد بخاري لکيو ھو. جلد سندن ٻيو شعري مجموعو ڇپائي آندو ويندو. ھن ھال ۾ ويٺل ۽ سگا جي ساٿين کان گهر ڪئي تہ ماضي ۾ عظيم سنڌيءَ جي گهر واري پاسي کان گذرندڙ روڊ تي عظيم سنڌي روڊ جو نالو ھو ان کي آفيشلي طرح اھو نالو ڏياريو وڃي.
عظيم سنڌيءَ جي ٻئي فرزند محترم مجيب الرحمان سولنگي چيو تہ منھنجو بابا سائين پنھنجي نالي وانگر عظيم پيءُ ۽ عظيم انسان ھو. اڄ ھيترا بابا سائين جا چاهيندڙ ڏسي يقين ٿيو آھي تہ بابا جو علمي ادبي ۽ سماجي پورھيو ضايع ناھي ويو. نامياري اديب ۽ تعليمدان محترم ادريس جتوئي چيو تہ موري شھر جي ناصر مورائي، راشد مورائي، قاضي نذير احمد، سيد علي بخش شاھہ ۽ عظيم سنڌيءَ جهڙين شخصيتن ترقي پسند ادب جي واڌاري ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. عظيم سنڌي شاگرديءَ واري زماني 1972ع ۾ مھراڻ ڪاليج اندر جوڙيل ادبي سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ۽ شاگرد يونين جو چونڊيل صدر بہ رھيو. سندس پھريون شاعريءَ جو اسم ان وقت جي مھراڻ ڪاليج جي مھراڻ مخزن 1973ع ۾ ڇپيو. عظيم سنڌيءَ جو شاگرد سياست، عوامي، انقلابي توڙي مقامي سياست سان بہ واسطو رھيو. سندس شخصيت گهڻ طرفي رھي آھي. ھن علمي، ادبي، سماجي توڙي ثقافتي تنظيمن ذريعي موري شھر اندر خدمتون سرانجام ڏنيون. ”سگا“ شاخ موري جي صدر نامياري محقق پروفيسر شمشاد احمد سومري چيو تہ عظيم سنڌيءَ جون ادبي خدمتن سان گڏ سماجي خدمتون بہ عالم آشڪار آھن. ھي ”سگا“ موري جو بنيادي ميمبر ۽ 79-78-1977ع ۾ شاخ جو ٽي سال جنرل سيڪريٽري رھيو جڏھن تہ انھيءَ پيرڊ ۾ شاخ جو صدر محترم ڊاڪٽر بشيرالدين ميمڻ ھو، انھن سالن ۾ عظيم صاحب ۽ ڊاڪٽر بشير ميمڻ صاحب جن تعليم ۽ صحت جي حوالي سان شاندار ڪم ڪيا. عظيم صاحب موري شاخ جو صدر سان گڏوگڏ ”سگا“ جو مرڪزي رھنما پڻ چونڊيو ويو. تعليمي ۽ تنظيمي طور تي ھن نوجوانن جي رھنمائي ڪئي. ڇاڪاڻ تہ ھن سمجهيو ٿي تہ تعليم ئي روشن مستقبل جو واحد ذريعو آهي. جڏھن سنڌ جا نوجوان اعليٰ تعليم پرائيندا تڏھن ئي سنڌ خوشحال ٿيندي. ھن سندس ادبي پورھئي متعلق ڳالھائيندي چيو تہ عظيم صاحب جا پنج ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آھن، جن ۾ ٻہ ڪتاب سندس شاعري جا ۽ ٽي ڪتاب نثر جا اٿس، جن جي ڇپائڻ جو ترت بندوبست ڪيو وڃي. محترم تابش بخاريءَ چيو تہ استاد بخاري ۽ عظيم سنڌي سنڌو درياءَ جا اھي ٻہ ڪنارا آھن، جن پنھنجي ادبي ۽ فڪري شعور سان سنڌي سماج کي گهڻو ڪجهہ ڏنو آهي. سندن محبت ۽ دوستي سدائين قائم رھي. عظيم سنڌيء جي شاعري سنڌي قوم خاص طور نوجوانن لاءِ مشعل راھہ آهي. آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي عبدﷲ خان جيسر چيو تہ عظيم سنڌي جي شاعريءَ ۾ سماج جو مڪروھہ چھرو نظر اچي ٿو. ھن سادي ٻولي ۽ لھجي ۾ ٻھراڙيءَ جا سادا محاورا، چوڻيون ترڪيبون، تشبيھون استعمال ڪيون آھن. ھن جي ڪلام ۾ پورھيت طبقي جي پيڙا، ھمت، حوصلو ۽ سماجي شعور جا بجا آھي. ھو اسان جي دلين ۾ سدائين حيات رھندو. اھڙا ماڻھو ڪڏھن بہ مرڻا ناھن.
ھن تقريب ۾ دادو مٺياڻي شاھپور جهانيان، دولتپور، نوان جتوئي، مناھي ۽ موري جي اديبن شاعرن سماجي اڳواڻن استاد بھاول لغاري، زاھد حسين ڏيپر، رضا لانگاھہ، بالا بلوچ، رسول بخش گچيرائي، زاھد حسين سومرو، امام الدين سولنگي، انيس خاصخيلي، محمد امين چانڊيو، ڊاڪٽر نظام الدين ڏاهري، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، محمد قاسم ڪوري، ھاشم سولنگي، محمد افضل ڪلھوڙو، اميد سنڌي، سڪندر ڪورائي، اشرف سولنگي، دين محمد سيتائي، رائو محمد اسلم ٽيپو، عنايت سولنگي، غلام اصغر چانڊيو، عرفان علي ڀنگر، پير منظور علي، امير علي شاھہ، نذير ميمڻ مورائي، جي. ايم. ڀان، ارشاد علي شاھہ، وفا حيدر سومرو، نويد حسين ملاح، مرتضيٰ ڀنڀرو اسلم ڪوريجو ۽ ٻين ڪيترن ئي مختلف مڪتبِ فڪر جي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آخر ۾ مرحوم لاءِ دعا ڪئي وئي تہ ﷲ پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس علمي، ادبي ۽ سماجي ورثي کي هميشہ زندھہ رکي. ھن پروگرام جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي سيڪريٽري ۽ ”سگا“ موري جي جوائنٽ سيڪريٽري خالد ’ساحل‘ ڪيرئي ھلائي.
ان تقريب ۾ ”سگا“ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ محترم پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي پنجويھين ورسي جي ڏھاڙي جي مناسبت سان سندس ڪيل علمي سماجي خدمتن تي پڻ روشني وجهندي کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ويوـ ان سان گڏوگڏ استادن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان پڻ استادن جي عظمت کي سلام پيش ڪيو ويو.
”سگا“ موري پاران ڊينگي بخار بابت جاڳرتا مھم ـــ
گرلس ڪاليج موري ۾ ليڪچر:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري پاران گورنمينٽ گرلس ڪاليج مورو ۾ ھڪ ليڪچر پروگرام ڊينگي بخار، بچاءُ، علاج ۽ حفاظت، 08 نومبر 2025ع تي ٿيو . ليڪچر سنڌ جي ناليواري ليکڪ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي ڏنو . پروگرام جي شروعات ۾ ”سگا“ موري شاخ جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري ”سگا“ جي متن ۽ مقصدن تي روشني وجهندي ”سگا“ موري جي ڪارڪردگي بيان ڪئي ۽ ليڪچرڪار ڊاڪٽر غلام سرور جو تعارف پڻ ڪرايو ،ان بعد ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي ليڪچر ڏيندي ٻڌايو تہ ھر سال سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر مھينن دوران ڊينگي بخار ڦھلجي ٿو. دنيا ۾ چار ڪروڙ ماڻھو ھن بخار ۾ متاثر آھن. ڊينگي مڇر آھي جنھن جي چڪ پائڻ سان وائرس پيدا ٿئي ٿو. چڪ سبب جسم ۾ چئن ڏينھن کان ستن ڏينھن اندر تيار ٿئي ٿو. جنھن سبب بخار ھڪ سؤ چار ڊگري تائين پھچي سگهي ٿو. جسم ۾ سور پيڙا ٿڪاوٽ ڪمزوري ٿئي ٿي. پليٽيليٽس گهٽجي وڃن ٿا. جسم مان رت پڻ وھي ٿو. ان جي ٽيسٽ ذريعي خبر پوي ٿي.
سڀ کان اول ڊينگي بخار ۾ مبتلا مريضن جي ھسٽري معلوم ڪئي ويندي آهي ان بعد بخار ڪيترو آھي چيڪ ڪيو ويندو آھي. ليب ٽيسٽ زريعي ان ڊينگي بخارجي معلومات ملندي آهي. ھن بخار ۾ مريض جي پليٽيليٽس جو تعداد تمام گهڻو گهٽجندو ويندو آھي ۽ ڪن مريضن جو تہ چند ھزارن تائين پھچي ويندو آھي. ڪن حالتن ۾ وات مان رت وھڻ شروع ٿي ويندو آهي.
ڊينگي مڇر ڏينھن جو چڪ ھڻي ٿو. ھي تازي پاڻيءَ اندر رھي ٿو، پاڻيءَ سان ڀريل بالٽيون جيڪي ڍڪيل نہ ھونديون آھن، واٽر ٽينڪ جيڪي پڻ کليل ھوندا آھن ۽ صفائي جو ناقص انتظام ھن جا بنيادي سبب آھن. ھن جو احتياط ڪرڻ گهرجي ۽ بچاءُ واسطي اپاءَ وٺڻ گهرجن. ھن بخار ۾ صرف پيراسيٽامول گوريون وٺڻ گهرجن ٻيون دوائون جھڙوڪ اينٽي بائيوٽڪ وغيرہ ن وٺڻ گهرجن، پپيتو فروٽ ۽ جوسن جو جهجهو تعداد واپرائڻ گهرجن.
ھن موقعي تي گورنمينٽ گرلس ڪاليج مورو جي پرنسپال ميڊم افشان ڪانڌڙو پاران ليڪچرڪار محترم ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي، ”سگا“ شاخ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري ۽ ”سگا“ موري جي اڳواڻ اسلم عباسي جن کي لونگي جا تحفا پروفيسر گل ميمڻ ۽ پروفيسر انيس الرحمان پيش ڪيا.
ميڊم افشان ڪانڌڙو ليڪچر کانپوءِ پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو تہ ”سگا“ مورو شاخ موري شھر ۾ تعليم صحت ۽ ثقافت تي پنھنجو ڪم بھترين انداز سان ڪري رھي آھي. ”سگا“ موري پاران اسڪن ۽ ميڊيڪل ڪيمپون کان علاوہ ٻيا سماجي ڪمن پڻ ڪري رھي آھي جنھن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آھي. ”سگا“ موري پاران اسان جي ڪاليج ۾ جڏھن ڪمپيوٽرن جي کوٽي ھئي تہ ”سگا“ اسان کي ان وقت بھترين ست ڪمپيوٽر ڊونيٽ ڪيا اسان سندن شڪرگذار آھيون ۽ اڄ ھتي اويئرنيس پروگرام دوران اھم موضوع تي ليڪچر پروگرام ڪيو اٿن. ھن اھم موضوع بابت ليڪچر پروگرام منعقد ڪرڻ تي ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين کي جس ڏنو ۽ چيو تہ اڳتي بہ اھڙن ڪارائتن موضوعن تي ھن ڪاليج ۾ ”سگا“ مورو پاران ليڪچر ڪرائيندا تہ اسان ”سگا“ جا احسانمند رھنداسين.
ھن ليڪچر پروگرام ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين سان گڏوگڏ ڪاليج جي ليڪچرارن ۽ پروفيسرن بہ شرڪت ڪئي.
ٽي ڏھاڙا ڪتابي ميلو ۽ شاندار افتتاحي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران ٽي ڏھاڙا ڪتابي ميلو 6-7-8 ڊسمبر 2025ع بروز ڇنڇر آچر ۽ سومر تي موري جي عظيم استادن سائين فيض محمد سومري ۽ سائين فتح الدين سومرو جي مڃتا طور سندن ياد ۾ ”مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو“ ۾ ”وديا پبليڪيشن“ جي سھڪار سان لڳايو ويو. جنھن جي افتتاحي تقريب 6 ڊسمبر بروز ڇنڇر تي ٿي، جنھن جي صدارت ميونسپل ڪاميٽي موري جي چيئرمين محترم نذير احمد ميمڻ ڪئي، جڏھن تہ مھمانن ۾ سگا شاخ موري جو صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو، ڪلچر کاتي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام مجتبيٰ جوکيو، مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو جو پرنسپال پروفيسر عبدالغفار ڪيريو، يو ڪي (UK) ۾ رھندڙ ڊاڪٽر مشتاق احمد سومرو، سويڊن ۾ رھندڙ انجنيئر عبدﷲ عثمان مورائي، محمد اسلم امين آرائين ۽ مھراڻ سٽيزن ڪلب جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ھئا. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي ويئي، جنھن جي سعادت محمداسلم رائو حاصل ڪئي، جنھن بعد پروفيسر شمشاد احمد سومري مھمانن جي آجيان ڪندي سندن ٿورا مڃيندي چيو تہ سگا موري شاخ پاران اڄ اسان پنھنجي عظيم استادن جي نالي سان ڪتابي ميلو لڳايو آھي. اسان جي عظيم استادن سائين فيض محمد سومري ۽ سائين فتح الدين سومري ”بيدار مورائي“ اسان شاگردن کي نہ صرف بھترين نموني سان پڙھايو پر اسان جي تربيت پڻ ڪئي ۽ شاگردن جي اخلاقيات تي ھنن استادن وڏو ڪم ڪيو . سائين فتح الدين سومرو نہ صرف بھترين استاد ھئا پر بھترين ليکڪ ھئا، سندن 60 کان مٿي ڪتاب لکيل ۽ ڇپيل آھن. اسان سگا موري شاخ پاران 2015ع کان لڳاتار ھرسال ڪتابي ميلو لڳرائيندا آھيون ۽ اڄ مسلسل ھي ڏھون ڪتابي ميلو آھي جيڪو ھن سال لڳايو آھي. اسان ھرسال ڪتابي ميلي سان گڏوگڏ اسڪن ڪيمپ ۽ ٻيا علمي ادبي سماجي پروگرام ڪندا رھندا آھيون. آءٌ سگا موري جي صدر جي حيثيت سان توھان سڀني مھمانن جو دلي طور شڪر گذار آهيان جو اوھان اسان جي نماڻي نينڍ کي مان ڏنو آھي. ان بعد تقريب ۾ پروفيسر عبدالغفار ڪيريي ڳالھائيندي چيو تہ ڪتاب انسان جو بھترين ساٿي آھي جيڪو ذھنن کي روشن ڪري ٿو ۽ نوجوانن جي مستقبل کي تعمير ڪري ٿو. ”سگا“ موري جي اڳواڻ محمد اسلم عباسيءَ چيو تہ ڪتاب انسان لاءِ نيون راھون نوان رستا کولين ٿا ۽ نئين دنيا روشناس ڪرائين ٿا. انھيءَ ڪري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي خاص طور تي اھا ڪوشش رھي آھي تہ نوجوان لاءِ، شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ خاص طور علم ادب جي فروغ لاءِ ھن قسم جھڙا ڪتابي ميلا سنڌ اندر منعقد ٿيڻ کپن، ان سلسلي ۾ اڄ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران پڻ ھي ڪتابي ميلو لڳايو ويو آھي. اوھان ڏسو تہ ھن ميلي م خاص طور نوجوانن جو ڪيترو تعداد آھي ان سان گڏ بزرگ آھن شھري آھن جيڪي هن ڪتابي ميلي ۾ شريڪ ٿيا آھن ۽ اھوئي مان سمجهان ٿو تہ ڪتابن سان علم سان وڏو پيار آھي. علم ادب دوست ڊاڪٽر مشتاق سومرو جيڪو سڪرنڊ ڄائو آهي ڪيترن ئي سالن کان يو. ڪي. ۾ رھندڙ آھي ڳالھائيندي چيو تہ ڪتابن جو قدر جي پڇڻو آھي تہ اوھان يورپ جي ماڻھن کان پڇو جيڪي ڪتابن کي دل سان سانڍين ٿا. اڄ ھتي اچي مون کي خوشي ٿي آھي خاص طور نوجوانن جو جهجهو تعداد ڏسي، ان لاءِ مان ”سگا“ موري وارن کي واڌايون ڏيان ٿو. ھھڙا ڪتابي ميلا ئي اسان جي سوچ کي تبديل ڪندا ۽ ھنن سان سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. خادم بالاديءَ چيو تہ ڪتاب سماج جا سونھان آھن ڪتاب سماج جا رھنما آھن، ڪتاب سماج جا فڪري اوھان آھن جيڪي قومون ڪتابن سان پيار ڪنديون آھن، اھي امن پسند ھونديون آھن محبت ڪندڙ ھونديون آھن، اخلاقي سماجي ۽ ثقافتي قدرن ۾ اوچيون ھونديون آھن. ان سلسلي ۾ ڪتاب جو ڪردار سماج ۾ اھم آھي. سگا موري پاران ڪتابي ميلو اھم آھي ۽ نوجوانن کي پيغام ڏيندس تہ اسين غير ثقافتي صورتحال ۾ رھون پيا وري ثقافتي قدم ڏانھن موٽائڻ لاءِ پاڻ ڪتاب پڙھن، ڪتابن ڏي ڌيان ڏين ۽ ڪتاب پڙھن. موري ڄائي اديب ۽ سماجي ايڪٽوسٽ اڄڪلھه سويڊن ۾ رھائش پذير عبدﷲ عثمان مورائي سگا موري جي ساٿين کي مبارڪون ڏيندي چيو تہ سگا مورو ھر سال ڪتابي ميلا اسڪن ڪيمپون، ميڊيڪل ڪيمپون ، فلاحي ڪم، اسڪولن جي سار سنڀال لھن ٿا جيڪا فخر لائق ڳالھ آھي. ھي ڪتاب ئي اسان جي سوچ کي تبديل ڪري ٿو ۽ صحيح معنيٰ ۾ اسان کي انسان بڻائي ٿو. اھڙا ڪتابي ميلا سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ وستي وستيءَ ۾ لڳڻ کپن. ان بعد چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو محترم نذير احمد ميمڻ صدارتي تقرير ڪندي چيو تہ مون کي ”سگا“ موري جي ڪيل سماجي ڪمن تي فخر آھي جيڪي ھر سال ڪتابي ميلو ھڻندا رھن ٿا ۽ ھنن اڄوڪو ميلو اسانجي عظيم استادن جي نالي ڪيو آھي جن اسان کي بھترين نموني سان پڙھايو ۽ گڏوگڏ اسان جي اخلاقي تربيت پڻ ڪئي. انھن عظيم استادن کي ڪڏھن بہ وساري نٿو سگهجي. ھنن ڪتابي ميلن سان نوجوان نسل جو لاڙو ڪتابن ڏانھن ٿيندو مون کي ھتي نوجوانن کي جهجهي تعداد ۾ ڏسي انھن کي ڪتاب خريد ڪندي انتھائي خوشي ٿي رھي آھي. آئون ھن شاندار ڪتابي ميلي منعقد ڪرڻ تي سگا موري جي ساٿين کي مبارڪون ڏيان ٿو. تقريب جي ڪاروائي سگا موري شاخ جي اڳوڻي صدر محمد اسلم عباسي ھلائي. ھن تقريب ۾ مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جي پروفيسرن، پروفيسر غلام محمد گل ميمڻ، پروفيسر محمد يوسف شيخ، پروفيسر افتخار ٻگهيو، پروفيسر ظھير ميمڻ، پروفيسر زاھد سيال، پروفيسر اعجاز ڦل، پروفيسر زاھد حسين لانگاھہ، پروفيسر غلام حسين ڦل، سائين اشرف گلاباڻي، سائين رياض ميمڻ، اسلم ڪوريجو، جاويد ملاح، جاويد ڪانڌڙو، يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول جو پرنسپال سائين محمد ياسين جيسر، محمد يعقوب ڍلو، عبدالرحمان چنو، آئيڊيل پبلڪ اسڪول جو سي اي او قاضي شفيع محمد، پروفيسر انيس خاصخيلي، پروفيسرمعشوق محسن ابڙو، انجنيئر عنايت ميمڻ، سائين ذاڪر ميمڻ ۽ ٻين علمي ادبي سياسي سماجي شخصيتن سان گڏ صحافي جاني جماڻي، اسحاق ڪورائي، بشير لغاري، وحيد مستوئي، رياض عالماڻي، رائو تيمور، رائو عزيز، عزيز سابقي، رضوان جماڻي، خدا بخش ميمڻ، ظفر پنھور، جاني مورائي، منظور لغاري، اياز سولنگي، وحيد مستوئي، الطاف سومرو، محمد جمن مورائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ھن ڪتابي ميلي ۾ خاص طور نوجوانن جي ڀرپور شرڪت رھي .
تقريب کانپوءِ نذير احمد ميمڻ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو معزز مھمانن سان گڏجي ڪتابي ميلي جي افتتاحي پٽي ڪٽي ڪتابي ميلي کي وزٽ ڪيو. تقريب جي سڀني شرڪاء ڪتابي ميلي مان ڪتاب خريد ڪيا.
ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينھن 7 ڊسمبر بروز آچر تي پڻ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو، آئيڊيل پبلڪ اسڪول مورو ۽ يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول مورو جي شاگردن وڏي تعداد ۾ پھچي ڪتابن جي خريداري ڪئي. ان ڏينھن تي موري جي اديبن شاعرن خليق بگهيو، اسلم عباسي، بالا بلوچ، اشرف سولنگي، اسير ڏاھري، محبتي ملاح، ھاشم سولنگي، اعجاز دونگهہ، امين چانديو، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، اظھار مخدوم ۽ شھرين شاگردن سماجي ورڪرن پڻ ڪتابي ميلو وزٽ ڪيو. سگا مرڪز جو ڊپٽي سيڪريٽري پروفيسر بخش علي چانڊيو ۽ سگا ڦل شاخ جو جنرل سيڪريٽري پروفيسر رياض احمد چانڊيو پڻ ڪتابي ميلي ۾ آيا ۽ ڪتابي ميلي کي گهمي ڪجهہ ڪتاب خريد ڪيا.
ڪتابي ميلي جي ٽئين ڏينھن 8 ڊسمبر بروز سومر تي پڻ ڪتابي ميلي ۾ ڪتابن ڏسڻ ۽ خريد ڪرڻ وارن جي رش رھي. ھن آخري ڏينھن تي آئيڊيل پبلڪ اسڪول جي شاگردن ء شاگردياڻين سان گڏوگڏ مارئي ڪاليج مورو جي شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ پنھنجي ٽيچرس پروفيسر انيس خاصخيلي، ميڊم ڪنول ٻرڙو ۽ ميڊم نرجيس بيبي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪتابي ميلي کي وزٽ ڪئي ۽ ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. ان موقعي تي ڪاليج جي شاگردياڻين ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪتابي ميلي کي ساراهيندي چيو تہ اسان کي خوشي ٿي آھي جو اسان کي پنھنجي شھر ۾ ڪتابي ميلي ۾ شرڪت جو موقعو مليو آھي ان لاءِ اسان پنھنجي پرنسپال ميڊم افشان ڪانڌڙو ۽ ”سگا“ موري جا شڪر گذار آهيون. ھتي اسان کي گهر ويٺي بھترين ڪتاب مليا آھن.
ميلي جي ھن ٽئين ۽ آخري ڏينھن تي پڻ موري جي اديبن اسد سولنگي، ايڊووڪيٽ امداد سولنگي، وقار سيال، انجنيئر نواز چنا، سابق ھيڊ ماستر سائين گل محمد ٻگهيو، سائين محمد يوسف سومرو، سائين اشرف گلاباڻي، سائين رياض ميمڻ، استاد محمود علي اعواڻ، سيد ماجد علي شاھہ، ڪامريڊ خادم چانڊيو، نور سولنگي، سائين محمد اسلم ٽيپو، ساگر حب، ڪالو فقير، حاجي نياز احمد جويو (دادو)، يوسف سومرو(دادو )، صحافي ۽ شاعر ظفر ٻگهيو، صحافي محمد طالب کوسو، صحافي جاني مورائي ۽ الطاف سومرو سان گڏ موري جي مختلف ڪوچنگ سينٽرن ۽ اڪيڊمين جي اسٽوڊنٽس، شھرين ۽ سگا ساٿين پڻ ڪتاب خريد ڪيا. ائين ھي يادگار ۽ شاندار ڪتابي ميلو شام جو ڇھين وڳي پڄاڻيءَ تي پھتو.
سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي ايڪتا مشاعرو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو ۽ سنڌي ادبي سنگت مورو پاران ثقافت واري ڏينھن 7 ڊسمبر 2025ع آچر ڏھاڙي تي مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ شاندار ايڪتا مشاعرو ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي بھترين نقاد محقق شاعر خليق ٻگهيو ڪئي جڏھن تہ مھمان خاص ’سگا‘ مرڪز جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر محقق پروفيسر بخش علي چانڊيو ھو. جڏھن تہ اعزازي مھمانن ۾ ’سگا‘ شاخ موري جو صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو، ’سگا‘ ڦل شاخ جو جنرل سيڪريٽري پروفيسر رياض احمد چانڊيو ۽ ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ھئا. مشاعري جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت موري جي جوائنٽ سيڪريٽري اشرف سولنگي ھلائي. ھن ايڪتا مشاعري جي شروعات ڀٽائيءَ جي بيتن سان ڪئي. ان بعد ھن مھمانن کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ ’سگا‘ موري جي صدر پروفيسر شمشاد احمد سومري کي سڏ ڪيو، جنھن ڀٽائي جا بيت پڙھي سڀني آيل معزز مھمانن جا ٿورا مڃيندي سندن شڪريو بجا آندو ۽ چيو تہ اڄ اسان ’سگا‘ ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ثقافتي ڏھاڙي تي ھي شاندار مشاعرو ڪرايو آهي، جنھن ۾ اوھان شامل ٿيا آھيو، اوھان جا لک احسان ۽ ٿورا. اڄ اسين پنھنجو ثقافتي ڏھاڙو ملھائي رھيا آھيون، ان جون اوھان کي واڌايون ڏيان ٿو. ھن مشاعري ۾ موري جا ساڃاھہ وند اديب ۽ شاعر ’سگا‘ ۽ سنگت جي پليٽ فارم تان گڏجي پنھنجي ڌرتي ،پنھنجي ثقافت جا سر ۽ شاعريءَ ۾ ويچار ونڊيندا جنھن ۾ سنڌ جو درد، پيڙا ۽ تڪليفن جو ذڪر پڻ ھوندو. ’سگا‘ جو بنيادي مقصد آھي. سنڌ جي تعليم صحت ۽ ثقافت کي پروموٽ ڪرڻ اسان ’سگا‘ موري وارا فخر سان چئي سگهون ٿا تہ اسان انھن ٽنھي تي ڪم ڪيو آھي ۽ ڪري رھيا آھيون. اڄ اسان ڪتابي ميلي سان گڏ ھي ”ايڪتا مشاعرو“ پڻ ڪرايو آھي. اميد آھي تہ اڄ اسان جا شاعر حضرات سنڌ جي ثقافتي حوالي سان شاعري پيش ڪندا.
جنھن بعد موري ۽ آسپاس جي خوبصورت شاعرن پنھنجي خوبصورت ثقافتي شاعري پيش ڪئي جنھن ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏيپارجا جي سيڪريٽري الھڏني محبتي ملاح (نظم)، مٺياڻي جي سيڪريٽري امين چانڊيو (غزل)، بالا بلوچ (غزل)، ساگر اعجاز دونگه (نظم)، اسير لغاري (غزل)، محمد ھاشم سولنگي (ھاشماڻو نظم)، اشرف سولنگي (غزل) ۽ نواب شاھہ جي مھمان اسير ڏاھري شامل آھن. جڏھن تہ خوبصورت آواز جي مالڪن ڪالو فقير لطيف سرڪار جي وائي، عزيز سابقي سائين اعجاز راشدي جو ڪلام ۽ علي دوست عاجز ڀٽائي سائين جي وائي ترنم سان ٻڌايون.
ان بعد سنڌي ثقافت ۽ تمدن جي حوالي سان انجنيئر علم الدين ڪلھوڙي، اظھار مخدوم نظام الدين ڏاھري پڻ پنھنجا ويچار ونڊيا. مشاعري جي محفل کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ چيو تہ اسان جيڪڏهن چاھيون ٿا تہ اسان جي ثقافت اجاگر ٿئي تہ اسان عام ماڻھن تائين پنھنجو ميسيج پھچايون جنھن جي ذريعي انھن ۾ شعور پيدا ٿيندو ثقافت جو شعور سنڌ سان محبت جو شعور. سنڌ سان ڇا وھي واپري پيو ان جي آگاھي ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي ڳوٺن ۾ ٻھراڙين ۾ مچ ڪچھريون قائم ڪرڻيون پونديون، اھي اوطاق ڪچھريون قائم ڪرڻيون پونديون. مختلف گوٺن ۾ اھي ڪچھريون ڪرائي اسان پنھنجن پوڙھن پڪن ۽ نئين نسل کي انھن ڳالھين کان آگاھہ ڪنداسين تہ اسان کي اھو ساھڙ بہ ملي ويندو ۽ مقصد بہ حاصل ٿي ويندو. ان بعد اعزازي مھمان پروفيسر رياض احمد چانڊيو ڳالھائيندي چيو تہ اسان کي پنھنجي سنڌي ٻولي تي ڏيان ڏيڻ گهرجي. اصلوڪن سنڌي لفظن کي نہ وسارڻ گهرجي. سنڌي ماڻھن کي پنھنجن رشتن جا نالا ڌارين ٻولين ۾ نہ پر پنھنجي ٻوليءَ سنڌيءَ ۾ رکڻ ۽ پڪارڻ گهرجن.
مشاعري جي مھمان خاص پروفيسر بخش علي چانڊيو ڳالھائيندي چيو تہ اڄ ھتي جيڪا شاعري دوستن پيش ڪئي آھي اوھان جھڙا خوبصورت لفظن جا تخليقڪار خوبصورت شاعر سامھون ھجن انھن جنھن معيار جي شاعري پيش ڪئي آھي تہ سچ پُڇو تہ وقت جي خبر ئي ن پئي آھي. ’سگا‘ موري کي اھو امتياز حاصل آھي تہ ھنن پنھنجي سڄڻن کي ڪڏھن بہ نہ وساريو آھي انھن جون ورسيون ھجن يا سالگرھہ جا ڏھاڙا يا انھن جا ڇڏيل نقش قدم ھجن انھن قدمن تي ھلڻ ڪو سائين شمشاد کان سکي. سائين مون ڏي جيڪو ڪارڊ موڪليو ھو ان تي جيڪا تصوير آھي سائين فتح الدين سومري جي، سائين فتح الدين سومرو سنڌ جو اهو سٻاجهو ڪردار ھو جيڪو يقيناً اوھان سڀني کان نہ وسريو ھوندو. اھڙن ڪردارن جي اڄ معاشري کي سخت ضرورت آھي. ان بعد پروفيسر صاحب ثقافت ۽ تمدن تي ڳالھايو جنھن بعد سائين بخش عليءَ سنڌي ثقافت جي حوالي سان خوبصورت شاعري پيش ڪئي. سندس ھڪ نظم جون سٽون ھيون:
جيئي سنڌ سدائين جيئي، سنڌي زندھہ آباد ھجن،
ٽوپي اجرڪ پٽڪي وارا ھر غم کان آزاد ھجن.
ان بعد صدارتي تقرير ڪندي خليق ٻگهئي چيو تہ اڄ ايڪتا جي ڏينھن تي ايڪتا مشاعرو ڪرڻ تي آءٌ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري ۽ سنڌي ادبي سنگت موري کي جس ڏيان ٿو، جن اڄ اھڙي خوبصورت محفل سجائي آھي. ايڪتا ڏينھن ملھائڻ جو مقصد آھي تہ قوم ھڪ قوميت جي وحدت ۾ ھڪ لڙيءَ جيان پوئين وڃي. اھو تڏھن ممڪن آھي جڏھن اسان قبيلائي، نسلي ۽ فرقيواريت مان نڪري ھڪ باوقار قوم جيان ھڪ قومي جذبي ۾ سمائجي وينداسين. سنڌي ثقافت، ايڪھين صديءَ ۾ اندروني ۽ ٻاھرين چئلينجن جو شڪار آھي. ھڪ طرف گلوبلائزيشن تحت مقامي ثقافتون ميسارجي رھيون آھن ٻئي طرف ٻولي، ادب، ثقافت يا ڪلچر تي ڪو ايڏو وڏو معياري ڪم نہ پيو ٿي سگهي، جنھن سطح جي ڪم جي ضرورت آھي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو ۽ سنڌي ادبي سنگت مورو جي اڄوڪي ننڍڙي پر وقار تقريب ھڪ ڪوشش آھي، نئين ڪلچرل شعور جي، جنھن شعور کي نوجوانن تائين منتقل ڪرڻو آهي. اڄ سائنسي ۽ ڊجيٽل ايجادن جي بدولت، ڪلچر نئين معنائن ۽ نون قدرن وارا چئلينج کڻي آيو آھي. انھيءَ لاءِ اڪيڊمڪ ۽ فڪري آبياري جي ضرورت آھي.
ھن محفل ۾ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، سيد حسن شاھہ صوفاڻي، دين محمد ساحل سولنگي، اسلم عباسي، اسد دونگهہ، الطاف سومرو سنڌي، محمود اعواڻ، عبدالرحمان چني ۽ ٻين ڪيترن شرڪت ڪئي. صدارتي تقرير کانپوءِ پروقار مشاعري جي محفل ڀٽائيءَ جي بيتن سان پڄاڻيءَ تي پھتي.
