مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) موري جا ساٿي مرڪز ۾

محترم پروفيسر نذير احمد قاضي، مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري (1977ع)
ڊاڪـٽـر بشير الدين ميمڻ، ”امپلائيمينٽ بـيـورو جو مـيـمبـر“ (1978ع)
محترم پروفيسر نذير احمد قاضي، ثقافتي ڪاميٽيءَ جو ميمبر (1978ع)
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، صحت ڪاميٽيءَ جو ميمبر (1979-1980ع)
محترم پروفيسر نذير احمد قاضي، ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي (1978ع)
محترم واحد بخش شيخ، ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي (1983ع)
ڊاڪٽر ڪئپٽن محمد سليمان سولنگي، سيڪريٽري صحت (1986-1987ع)
ڊاڪٽر ڪئپٽن محمد سليمان سولنگي، سيڪريٽري صحت (1988-1989ع)
محترم ڄام انيس الرحمان، ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي (1990-1991ع)
محترم عبدالستار ميمڻ، ميمبر مرڪزي ڪاروبار ڪاميٽي (1992-1993ع)
محترم نثار احمد ميمڻ، ميمبر سکر ڊويزن (1994-1995ع)
محترم محمد صديق دلبر، ميمبر ڪ ڪ سکر ڊويزن (1996-1997ع)
محترم عظيم سنڌي، ميمبر ڪ ڪ سکر ڊويزن (1998-1999ع)
محترم غلام النبي سيال، ايسوسيئيٽ سيڪريٽري سکر ڊويزن (2000-2002ع)
محترم محمد اسلم عباسي، ايگزيڪيوٽو ميمبر ضلع نوشھرو فيروز (2005-2006ع)
محترم غلام النبي سيال، ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي (2006-2009ع)
محترم غلام النبي سيال، ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي (2009-2012ع)
وزير حسين ”فرهاد“ سولنگي، ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي (2022ع)