مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

رضا ايوب لانگاھہ

محمد ايوب لانگاھہ ولد ولي محمد لانگاھہ، 9 مئي 1969ع تي موري شھر جي بيگن پير محلا/ لانگاھہ محلا ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم مين اسڪول موري مان حاصل ڪري مئٽرڪ جو امتحان 1985ع ۾ ھاءِ اسڪول موري مان ڏنائين. انٽر مھراڻ ڊگري ڪاليج مان ڏنائين. سندس ماسٽرس سنڌي، ايڪانامڪس ۽ پولٽيڪل سائنس سبجيڪٽ ۾ ڪيل اٿس. پيشي جي لحاظ کان استاد آھي جنھن ۾ 1992ع ۾ داخل ٿيو. پاڻ 1985ع ۾ ادبي دنيا ۾ شاعر جي حيثيت سان آيو. شاعريءَ جي ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿائين پر غزل ۽ وائي جو تمام پڪو پختو شاعر آھي. ان سان گڏوگڏ رضا لانگاھہ جو نثر پڻ خوبصورت آھي. پاڻ ڪيترن شاعريءَ جي مجموئن جا مھاڳ پڻ لکيا اٿائين. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجوعا ”دعائون ننڊ مان جاڳيون“ (2014ع) ۽ ”مان دراوڙ ديس جو“ (2018ع) شايع ٿيل اٿس. رضا جي سنڌي ادبي سنگت موري سان گهري وابستگي رھي آھي. پاڻ موري شاخ جو ٻہ دفعا خزانچي ۽ سيڪريٽري رھي چڪو آھي.
رضا لانگاھہ 2006-2004ع ۾ ”سگا“ موري شاخ جو ڪجهہ وقت جنرل سيڪريٽري رھيو آھي.