مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

مثالي سماج سڌارڪ، بھترين منتظم ۽ باوقار شخصيت ڊاڪٽر ڪئپٽن بشير الدين ميمڻ

درٻيلي جي زرخيز مٽيءَ ڪيترن بزرگن، سياستدانن، استادن کان علاوہ سنڌ ڌرتي کي پاڻ ارپيندڙ سماجي اڳواڻن کي پڻ جنم ڏنو آهي، جن پنھنجي زندگي، تعليم ۽ صحت جي شعبي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. انھن املھه هيرن ۾ ڊاڪٽر ڪئپٽن بشير الدين ميمڻ پڻ هڪ آهي، جنھن درٻيلي جي اباڻي شھر کي ڇڏي موري جي ماڻھن جي اچي خدمت ڪئي، ان وقت سڄي موري ۾ صرف ئي صرف هڪ يا ٻہ ڊاڪٽر موجود هئا، پاڻ نيشنل بئنڪ موري لڳ محمد عثمان ڪورائيءَ جي جڳھہ ڀرسان ”بشير ڪلينڪ“ جو بنياد وجهي عوامي خدمت شروع ڪيائين.
ڊاڪٽر بشيرالدين صاحب، درٻيلي ۾ محترم عبدالغفور ميمڻ جي گهر ۾ جنوري 1937ع ۾ جنم ورتو، جيڪو هڪ هر هاري هو. کيس ڊاڪٽر بشير الدين صاحب کان علاوہ ٻيا ٽي فرزند محمد ابراهيم، انور الدين ۽ غلام حيدر پڻ هئا. پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول درٻيلي مان حاصل ڪري مئٽرڪ جو امتحان ٺاروشاھہ هاءِ اسڪول مان 1955ع ۾ ڏنو. جڏهن تہ انٽر سائنس 1957ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج (ڪالي موري) حيدرآباد مان پاس ڪري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ داخلا ورتي. جتان 1962ع ۾ MBBS پاس ڪيائين. جنھن کان پوءِ ايل ايم سي ڄام شورو مان هائوس جاب ڪرڻ بعد اتي ايمرجنسي وارڊ ۾ رجسٽرار ٿيو ۽ خدمتون سرانجام ڏنائين. ڊاڪٽر بشيرالدين صاحب، آرمي جي ميڊيڪل ڪور ۾ ڪئپٽن طور جوائن ڪيو ۽ 1965ع جي جنگ ۾ سيالڪوٽ سيڪٽر ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. جنگ بعد 1967ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي واپس ڳوٺ آيو.
ڊاڪٽر بشير الدين صاحب، 1967ع ۾ موري اچي، نيشنل بئنڪ موري ڀرسان محمد عثمان ڪورائي جي بلڊنگ جي هيٺان دڪانن ۾ اچي ”بشير ڪيلنڪ“ جي نالي سان اسپتال کولي. سندن وٽ پھريون ۽ شروعاتي ڪمپائونڊر محترم قمرالدين ميمڻ ”قمر مورائي“ هو. جيڪو سندن وٽ 1974ع تائين رهيو (ڇاڪاڻ تہ قمر مورائي کي ڪراچي ۾ سرڪاري نوڪري ملي وئي هئي) جنھن بعد ڊاڪٽر صاحب وٽ محترم عبدالحق ميمڻ مرحوم ڪمپائونڊر رهيو. ڊاڪٽر صاحب موري ۾ اچڻ بعد پنھنجي رهائش شاهي بازار ۾ محمد صالح ميمڻ درسائي جي ماڙيءَ تي ڪئي جتي جهنڊو فقير نول بورچي هئن. ان کان پوءِ سيد محلا ۾ خدا بخش ٻُڍاڻي جي جڳھہ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جنھن کان پوءِ شھيد عبدالرزاق سومري جي مقبري لڳ قاضي محمد هاشم جن جي جڳھہ ۾ رهائش پذير ٿيو. جنھن بعد جوکيا پاڙي ۾ پنھنجو بنگلو ”قصرِ فيصل“ جي نالي سان ٺھرائي ان ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
ڊاڪٽر بشير الدين صاحب، 1968ع ۾ ڪُنڊا کاهيءَ جي معزز فيملي جي فرد، انجنيئر عبدالرسول ميمڻ وٽان شادي ڪئي. عبدالرسول ميمڻ صاحب چيف انجنيئر اريگيشن، جنرل مئنيجر واپڊا سائوٿ ۽ چيئرمين ارسا رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب کي اولاد ۾ چار ٻار، ٻہ پٽ ۽ ٻہ نياڻيون آهن، سندن وڏو فرزند فيصل بشير پھرين آڪٽوبر 1973ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. جنھن قائدِ عوام يونيورسٽي نواب شاھہ مان 1999ع ۾ سول انجنيئرنگ پاس ڪئي ۽ 1999ع ۾ CSS جو امتحان پاس ڪيو. هن وقت DIG پوليس نواب شاھہ ريجن طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندن ٻيو نمبر فرزند شھزاد بشير ميمڻ، 18 آگسٽ 1974ع ۾ ڄائو، هي سول انجنيئر آهي ۽ يونيورسٽي آف لنڊن مان MBA، 1992ع ۾ ڪئي اٿائين. هن وقت پنھنجي هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپني اٿس. ڊاڪٽر صاحب جون ٻہ نياڻيون هائوس وائيفز آهن، وڏي نياڻي ڪئناڊا ۾ رهائش پذير آهي ۽ ننڍي نياڻي حيدرآباد جي ميمڻ فيملي ۾ ڏنل آهي.
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ صاحب جي ڪلاس فيلوز ۾ پروفيسر ڊاڪٽر سرجن اطھر، پروفيسر ڊاڪٽر قدير (پيٿالاجسٽ) ۽ ڊاڪٽر علي بخش جتوئي اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر بشير الدين جي ويجهن دوستن ۾ عبدالحميد ميمڻ المعروف ”حميد سنڌي“ (وي سي شاھہ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور)، عبدالغفور ميمڻ (چيف انجنيئر واپڊا)، عبدالسلام بلوچ (ڊي جي نيشنل سيونگ) ۽ الاهي بخش سومرو (وائيس پريزيڊنٽ مسلم ڪمرشل بئنڪ) شامل آهن. ڊاڪٽر بشير الدين موري ۾ 1968ع ۾ آيو ۽ هتي موري ۾ 1995ع تائين رهيو.
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، ”سگا“ موري جو بنيادي ميمبر هو سندس شاخ ۾ ميمبر شپ نمبر 20 آهي ۽ ميمبر ٿيڻ جي تاريخ 02 جنوري 1976ع اٿس. پاڻ 1977ع کان 1980ع تائين سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن موري شاخ جو چار سال متحرڪ صدر رهيو، ان کان علاوہ ڊاڪٽر صاحب ”سگا“ مرڪز جو 1978ع ۾ ”ايمپلائيمينٽ بيورو“ جو ميمبر رهي چڪو آهي. جڏهن تہ 1980ع ۾ ”سگا“ مرڪز جي ”صحت ڪاميٽيءَ“ جو چيئرمين پڻ رهيو آهي.
ڊاڪٽر بشير الدين صاحب جو ”سگا“ موري جي صدارت وارو دؤر، ”سگا“ جي تاريخ جو شاندار دؤر رهيو آهي، هن چئن سالن ۾ ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس ٽيم صحت ۽ تعليم جھڙن بنيادي اشوز تي فوڪس ڪري، تعليم ۽ صحت جي واڌاري ۽ بھتري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. هنن، موري جي اسڪولن خاص ڪري پرائمري اسڪولن جي تعليم تي ڌيان ڏنو. انھن جي مسئلن تي خصوصي توجھہ ڏنو ۽ اسڪولن جي بيسڪ مسئلن جھڙوڪ فرنيچر جي کوٽ، پاڻي جي اُڻاٺ جھڙن اُشوز کي ”سگا“ جي پليٽ فارم تان حل ڪيو. اسڪولن کي بئنچون، واٽر ڪولر ۽ پنکا ڊونيٽ ڪيا ويا. متعلقہ آفيسرن سان ملاقاتون ڪري اسڪولن جا ڪجهہ مسئلا ”سگا“ جي پليٽ فارم تان حل ڪرايا.
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ جن جو بھترين ڪم ۽ ڪارنامو موري ۾ ”ڪي جي اسڪول“ کولڻ آهي، 1977ع ۾ حيدرآباد، ڪراچي، سکر شايد نواب شاھہ کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ پھريون ”ڪئنڊر گارڊن“ اسڪول هو، جيڪو موري ۾ کوليو ويو. ڊاڪٽر صاحب ”سگا“ موري جي پليٽ فارم تان پنھنجي ساٿين سائين علي بخش شاھہ، سائين پروفيسر نذير قاضي، سائين محمد نوح ميمڻ، پروفيسر واحد بخش شيخ، عظيم سنڌي ۽ ٻين جي مدد ۽ تعاون سان، ”مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي“ جھڙي ذيلي تنظيم جي پاران کوليو.
ڊاڪٽر بشير الدين صاحب جي صدارت واري دؤر 1978ع ۾، موري شھر جي ڇھن پرائمري اسڪولن ۾ پاڻي جي پيئڻ لاءِ سيمينٽ جون ٽانڪيون ٺھرائي ڏنيون ويون. ڊاڪٽر صاحب جي Tenure ۾ ”سگا“ پاران مختلف وقتن ۾ ميڊيڪل جون مفت ڪئمپون لڳايون ويون، جن ۾ مختلف بيمارين جھڙوڪ: ڪن، نڪ ۽ گلي، ٻارن جي بيمارين، اسڪن ڊزيز، اکين جي بيمارين، جا ماهر ڊاڪٽر محمد اعظم يوسفاڻي، ڊاڪٽر پرڀولال راٺي، ڊاڪٽر عبدالقيوم ”طراز“، ڊاڪٽر مجاهد صديقي، سرجن رسول بخش ميمڻ ۽ ٻيا وقت بوقت ايندا رهندا هئا.
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، موري جي عوام جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. سندس ڪيل سماجي ۽ طبي خدمتن کي ڪڏهن بہ مورائي وساري نٿا سگهن. ڊاڪٽر صاحب موري ۾ 1995ع تائين رهيو بعد ۾ حيدرآباد لڏي ويو جتي سندس فيملي رهائش پذير هئي. حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر صاحب، 8 نومبر 2002ع تي رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪئي ۽ نسيم نگر جي ويجهو گرڊ اسٽيشن لڳ مقام ۾ مدفن آهي.