مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سال 1976ع

چونڊون: 28 مارچ 1976ع بروز آچر، صبح 10 بجي ٽائون هال موري ۾ هڪ ميٽنگ ٿي جنھن ۾ ”سگا“ موري شاخ جون چونڊون ٿي گذريون ۽ هيٺيان عھديدار چونڊيا ويا.
صدر: محمد ايوب وينجهر ايڊووڪيٽ
نائب صدر: محمد اسحاق چنا
جنرل سيڪريٽري: محمد خان سومرو
جوائنٽ سيڪريٽري: پروفيسر نذير احمد قاضي
فنانس سيڪريٽري: رحيم بخش ميمڻ
اطلاعات سيڪريٽري: عبدالعظيم سولنگي
ڪاروباري ڪاميٽي: پروفيسر شفيع محمد ميمڻ، صلاح الدين پنھور، گل حسن ڪانڌڙو، غلام الرسول سرهيو، عبدالقادر ابڙو انجنيئر.
هن ميٽنگ ۾ هيٺين ميمبرن شرڪت ڪئي: 1. محمد اسحاق چنا، 2. پروفيسر نذير احمد قاضي، 3. حاجي محمد عاقل سولنگي، 4. پروفيسر شفيع محمد ميمڻ، 5. عبدالعظيم سولنگي، 6. محمد صالح لانگاھہ، 7. سليم جمال ميمڻ، 8. رحيم بخش ميمڻ، 9. محمد صديق دلبر ميمڻ، 10. غلام رسول سرهيو، 11. غلام شبير ميمڻ، 12. محمد ايوب وينجهر، 13. حسين بخش ميمڻ، 14. نثار احمد ميمڻ، 15. گل حسن ڪانڌڙو، 16. محمد خان سومرو، 17. عبدالخالق ميمڻ.
حلف برادري تقريب ۽ افتتاح:
”سگا“ موري شاخ جي حلف برداري تقريب ۽ افتتاح، يارهين اپريل 1976ع تي آچر ڏينھن، يارهين وڳي مرڪزي صدر ”سگا“ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي صدارت هيٺ، ٽائون هال موري ۾ ٿيو، جنھن ۾ خصوصي مھمان، سائين محمد سليمان سومرو (والد شھيد عبدالرزاق سومرو) هئا. جڏهن تہ محترم خان محمد پنھور (جنرل سيڪريٽري حيدرآباد شاخ) مھمان هئا. ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب، سڀني نون چونڊيل عھديدارن کان حلف کڻايو. ان بعد شاخ جي جنرل سيڪريٽريءَ مھمانن کي آجياڻو پيش ڪيو. ان موقعي تي صلاح الدين پنھور، ”سگا“ ۽ موري جي حوالي سان ڳالھايو. خان محمد پنھور (جنرل سيڪريٽري حيدرآباد شاخ) ۽ ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ (چيئرمين تعليمي ڪاميٽي حيدرآباد شاخ)، ”سگا“ جي مول، مقصدن ۽ افاديت تي روشني وڌي. آخر ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جن ”سگا“ جي تنظيمي حوالي سان تفصيل سان ڳالھايو ۽ سڀني چونڊيل عھديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو تہ هو پنھنجي وت ۽ وس آهر ”سگا“ جھڙي سماجي تنظيم سان ساٿ ڏين ۽ ”سگا“ جي پليٽ فارم تان صحت، تعليم جھڙن شعبن ۽ سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪار ڪن.
هن تقريب ۾ مھمانن کان علاوہ محمد ايوب وينجهر، سيد علي بخش شاھہ، رسول بخش ديناڻي ميمڻ، حاجي خان ڪمالاڻي، حنيف سولنگي، رحيم بخش ميمڻ، سليم جمال ميمڻ، حسين بخش ميمڻ، ربپرتو انصاري، حاجي محمد عاقل سولنگي، محمد بخش سيھڙ، مقبول احمد سيھڙ، غلام النبي سمون، محمد اسحاق چنا، مير ملاح، محمد سليمان سولنگي (ڊاڪٽر)، صلاح الدين پنھور، عبدالقيوم صديقي، ڊاڪٽر محمد شريف، محمد صديق دلبر، محمد لائق زرداري، نذير احمد قاضي ۽ محمد خان سومري شرڪت ڪئي.


ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس:
30 جولاءِ 1976ع تي ”سگا“ موري شاخ جي هڪ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ايڊووڪيٽ محمد ايوب وينجهر جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنھن ۾ هيٺيون سب ڪاميٽيون چونڊيون ويون:

تعليمي سب ڪاميٽي:
محترم قاضي محمد علي ”اختر مورائي“
پروفيسر سيد علي بخش شاھہ
پروفيسر قاضي نذير احمد قاضي
محترم توڪل حسين ڪمالاڻي
محترم سائين محمد نوح ميمڻ

سماجي ۽ ثقافتي سب ڪاميٽي:
محترم ڊاڪٽر ڪئپٽن بشيرالدين ميمڻ
محترم علي گوهر شيخ
محترم صلاح الدين پنھور
محترم عظيم سولنگي
محترم سيد صالح محمد شاھہ
محترم منظور احمد قريشي
محترم قاضي محمد علي ’اختر مورائي‘

طبي سب ڪاميٽي:
ڊاڪٽر ڪئپٽن بشير الدين ميمڻ
ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ
ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ

مالي سب ڪاميٽي:
محترم محمد اسحاق چنا
محترم ڊڪٽر بشير الدين ميمڻ
محترم ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ
محترم محمد خان سومرو
محترم محمد رمضان ميمڻ

ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ:
15 اپريل 1976ع تي جمح شام جو 7 وڳي، محترم محمد خان سومري جي جڳھہ تي، ”سگا“ موري جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ محترم محمد ايوب وينجهر (صدر ”سگا“ شاخ مورو) جي صدارت هيٺ ٿي گذري. جنھن ۾ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا:
جنرل سيڪريٽري کي اختيار ڏنو ويو تہ آفيس لاءِ دڪان جي مالڪ سان ايگريمينٽ ڪري، يڪراءِ طور فيصلو ڪيو ويو تہ 500 يا 500 کان مٿي چندو ڏيندڙ جو لکت ۾ شڪريو ادا ڪيو ويندو.
ميمبرشپ ڪاميٽي جنھن جو ڪم ميمبر وڌائڻ هوندو، ان تي هيٺيان پنج ميمبر کنيا ويا.
محترم نذير احمد قاضي
محترم رسول بخش ٻگهيو وڪيل
محترم رحيم بخش ميمڻ
محترم رب پرتو انصاري
محترم عظيم سولنگي
يڪراءِ طور فيصلو ڪيو ويو تہ آفيس لاءِ فرنيچر جنرل سيڪريٽري محترم محمد خان سومرو وٺي ايندو، کيس اجازت ڏني وئي تہ هو مذڪوره فرنيچر لاءِ 500 رپين کان وڌيڪ خرچ ڪري سگهي ٿو.

جنرل باڊي جي ميٽنگ:
موري شاخ جي جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ، بروز جمع 15 آڪٽوبر تي، شاخ جي صدر محترم محمد ايوب وينجهر جي صدارت هيٺ ٿي گذري جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ هيٺين دوست کي ڪنوينش ۾ شرڪت لاءِ موڪليو ويندو.
1. محترم محمد ايوب وينجهر، 2. محترم نذير احمد قاضي، 3. محترم رسول بخش ٻگهيو ايڊووڪيٽ، 4. محترم شفيع محمد ميمڻ، 5. محترم رحيم بخش ميمڻ، 6. محترم عظيم سنڌي، 7. محترم امانت علي مغل، 8. محترم محمد خان سومرو، 9. محترم غلام النبي سمون، 10. محترم قاضي محمد علي اختر مورائي، 11. محترم محمد لائق زرداري، 12. محترم حاجي محمد عاقل سولنگي.