مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سال 91-1990ع

چونڊ ڪاميٽي:
حاجي احسان علي لغاري (چيئرمين)
ڊاڪٽر ڪئپٽن محمد سليمان سولنگي (ميمبر)
عظيم سنڌي (ميمبر)

ساليانہ چونڊون:
26 جنوري 1990ع تي، سال 91-1990ع جون ”سگا“ موري شاخ جون ساليانہ چونڊون، چونڊ ڪاميٽيءَ جي زيرنگراني، ”روشن تارا ڪي جي اسڪول“ ۾ ٿي گذريون جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار ڪامياب قرار ڏنا ويا.
صدر: عبدالحميد ميمڻ
نائب صدر: غلام رضا ميمڻ
جنرل سيڪريٽري: نثار احمد ميمڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: حاجي غلام ﷲ ”گلاب ميمڻ“
خزانچي: عبدالجبار ميمڻ
اطلاعات سيڪريٽري: نذير احمد ميمڻ

ڪاروباري ڪاميٽي:
رسول بخش ٻرڙو، غلام رسول ميمڻ، عظيم سنڌي، منظور علي جيسر، احسان علي لغاري، ڄام انيس الرحمان، شفيق احمد ميمڻ المعروف سجاد ميمڻ، عبدالستار ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان سولنگي.

ڪاميٽين جي تشڪيل:
ثقافتي سب ڪاميٽي:
محترم رسول بخش ٻرڙو (ڪنوينر)
محترم عظيم سنڌي (ميمبر)
محترم خادم حسين شيخ (ميمبر)
محترم غلام حيدر ڪانڌڙو (ميمبر)

صحت سب ڪاميٽي:
محترم غلام رضا ميمڻ (ڪنوينر)
محترم حاجي غلام ﷲ ميمڻ (سيڪريٽري)
ڊاڪٽر غلام شبير چھواڻ (ميمبر)
ڊاڪٽر سليمان سولنگي (ميمبر)
ڊاڪٽر تسليم ميمڻ (ميمبر)

مالي سب ڪاميٽي:
محترم عبدالستار ميمڻ(ڪنوينر)
محترم نثار احمد ميمڻ (سيڪريٽري)
محترم عبدالمجيد ميمڻ (ميمبر)
محترم ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ (ميمبر)
محترم اعجاز رسول انجنيئر (ميمبر)

رسم حلف برداري تقريب:
28 جنوري 1990ع تي، سومر ڏينھن شام جو 5 وڳي، روشن تارا اسڪول ۾ نون چونڊجي آيل موري شاخ جي عھديدارن جي رسم حلف برداري ٿي گذري. سڀ کان اول چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي محترم حاجي احسان علي لغاريءَ نئين چونڊجي آيل عھديدارن کان قسم کڻايو. ان بعد چونڊجي آيل عھديدارن عبدالحميد ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، عبدالجبار ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان سولنگي ۽ عظيم سنڌيءَ تقريرون ڪندي ”سگا“ جي مقصدن تي روشني وڌي.

مالي امداد:
(1) 29 جنوري 1990ع تي علاج ڪرائڻ واسطي، موري جي سماجي ورڪر استاد عبدالحق ميمڻ کي امداد طور 14500 روپيا ڏنا ويا.
(2) 14 فيبروري 1990ع تي مولانا منير احمد ميمڻ جون ٻئي ٽنگون بس ايڪسيڊنٽ ۾ ڀڄي پيون ھيون، جنھن کي شاخ پاران 2000 روپيا امداد طور ڏنا ويا.

مفت طبي ڪئمپ:
ڳوٺ ملڪ ۾ ھڪ مفت طبي ڪئمپ، موري شاخ پاران 16 فيبروري 1990ع تي لڳائي وئي، جنھن ۾ 700 مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ اٽڪل 10000 روپين جون دوائون ورھايون ويون، انھيءَ ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر روشن الدين سومرو، ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙو، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ليڊي ڊاڪٽر تسليم ميمڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. ھن ڪئمپ ۾ محترم اسد ﷲ کيڙو صاحب، عبدالمجيد ميمڻ ۽ موري شھر جي ميڊيڪل اسٽورن وارن دوائن جي مد ۾ مدد ڪئي ۽ دوائون اٽڪل ڏھه ھزارن روپين جون مليون جيڪي مريضن ۾ مفت ورھايون ويون.

حيدرآباد جي متاثرين لاءِ امدادي ڪئمپ:
26 جون 1990ع تي، ”حيدرآباد جي متاثرين“ لاءِ ھڪ امدادي ڪئمپ مين روڊ موري تي ھنئي وئي جنھن ۾ حيدرآباد جي متاثرين لاءِ ست ٻوريون ڪڻڪ، ٽي ٻوريون چانور، ھڪ ٻوري کنڊ، پنجاھہ دٻا چانھه، 13 دٻا گيھه ۽ ان کان علاوہ 3496 روپين جو ٻيو سامان ”سگا“ جي سينيئر ساٿي ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ۽ خالد حسين ڀٽي ھٿان حيدرآباد موڪليو ويو.

چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪئمپ:
ڪراچي ”واڊپ“ جي سھڪار سان، مورو شاخ پاران 27 جولاءِ 1990ع تي، مين اسڪول موري ۾ چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪئمپ لڳائي وئي، جنھن ۾ ڊاڪٽر آفتاب احمد ۽ ڊاڪٽر منظور ميمڻ مريضن کي تپاسي دوائون ڏنيون. ھن ڪئمپ ۾ 575 مريضن کي چڪاسيو ويو. ھن موقعي تي موري جي مقامي ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، ڊاڪٽر نثار احمد رضوي، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، ليڊي ڊاڪٽر ناھيد ڪمالاڻي ۽ ليڊي ڊاڪٽر تسليم ميمڻ پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.

لطيف لائبريريءَ جي مرمت:
لائبرريءَ جي مرمت لاءِ موري شاخ پاران ھڪ سب ڪاميٽي عبدالحميد ميمڻ، نثار احمد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ تي مشتمل ٺاھي وئي. جنھن ڪاميٽيءَ، لائبريري جي مرمت جو ڪم ڪرايو جنھن تي اٽڪل 11000 روپيہ ڪل خرچ آيو.

لطيف لائبريري ۽ آفيس جو افتتاح:
15 جون 1990ع تي، جمعي ڏينھن، ”لطيف لائبريري ۽ آفيس“جي افتتاح جي ھڪ تقريب ”لطيف لائبريري“ جي اڳيان عوامي پارڪ ۾ ڊپٽي ڪمشنر محترم نثار احمد صديقيءَ جي صدارت ھيٺ ٿي گذري. جنھن ۾ مھمان خاص رئيس خان محمد جمالي ۽ اعزازي مھمان عبدالعزيز شيخ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو ھئا، ھن تقريب ۾ DC صاحب روشن تارا اسڪول لاءِ ٻن ڪمرن ٺھرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ثقافتي تقريب ۽ راڳ رنگ جي محفل:
”سگا“ مرڪز 1990ع کي ”نوجوانن جو سال“ ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو ته، موري شاخ پاران ان سلسلي ۾ پھرين آڪٽوبر 1990ع تي، سومر رات جو ھڪ شاندار ثقافتي پروگرام گرلس ھاءِ اسڪول موري ۾ محترم غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي صدارت ھيٺ ڪيو. ھن تقريب جو مھمان خاص غازي صلاح الدين، (تڏھوڪو مواصلات جو وزير)، محترم محمد عالم بلوچ (سيڪريٽري آبپاشي کاتو حڪومت سنڌ) ۽ اعزازي مھمان غلام نبي مورائي ھئا. جڏھن تہ مھمانن سان گڏ اسٽيج تي ”سگا“ مرڪز جي CEC جو ميمبر ڄام انيس الرحمان ۽ موري شاخ جي صدر عبدالحميد ميمڻ کي پڻ ويھاريو ويو. تقريب تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿي جنھن جي سعادت فقير غلام الرسول ميمڻ حاصل ڪئي، جڏھن تہ عظيم سنڌيءَ ڀٽائيءَ جا بيت پڙھيا. مھمانن جي آجيان عبدالحميد ميمڻ ڪئي شاخ جي ڪارڪردگي رپورٽ محترم نثار احمد ميمڻ ۽ مالي رپورٽ عبدالستار ميمڻ پيش ڪئي. صدارتي تقرير محترم غلام مرتضيٰ جتوئي ڪئي جڏھن تہ ٿورا، ڄام انيس الرحمان مڃيا. پروگرام جي ٻي نشست محفل موسيقيءَ جي ھُئي، جنھن ۾ سنڌي موسيقي جي وڏن ناليوارن فنڪارن وحيد علي، انور حسين وسطڙو، سرمد سنڌي، اسلم تنيو، فوزيہ سومرو، اڪبر علي آڪسٽرا گروپ کان علاوہ موري پرائمري اسڪول جي شاگردن پڻ حصو ورتو. ھن فنڪشن مان شاخ کي 74970 روپيہ آمدني ٿي جڏھن تہ خرچ 43843 روپيا ھو.

جنرل باڊيءَ جو اجلاس:
21 ڊسمبر 1990ع تي ”سگا“ موري شاخ جي جنرل باڊيءَ جو اجلاس، برانچ جي صدر محترم عبدالحميد ميمڻ جي صدارت ھيٺ روشن تارا ڪي جي اسڪول موري ۾ ٿيو.

آفيس جي لکت وٺڻ:
چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو کان لئبريري ۽ آفيس واري بلڊنگ جي لکت ورتي وئي جيڪا ”سگا“ موري جي نالي لکرائي وئي ۽ ان سان گڏ 48’x26’ فوٽ اولھه طرف کان بيڊمنٽن گرائونڊ پڻ ڪائونسل کان پاس ڪرايو ويو.

ڪتابچو ڇپرائڻ:
موري جي سرگرم سماجي، قومي ۽ ادبي ڪارڪن محترم عبدالحق ميمڻ جي زندگي تي ھڪ ڪتابچو/ ڪتاب ڇپايو ويو.

برانچ پاران ڪرايل ٻيا ڪم:
ريلوي اسٽيشن لڳ ڳوٺ سولنگي جي اسڪول جي بلڊنگ لاءِ در، دريون ۽ ڇت جو سامان شھر وارن کان امداد طور وٺي ھيڊ ماستر جي حوالي ڪيو ويو.
موري تعلقي اسپتال ۾ ٽي بي جي مريضن لاءِ ھڪ ڪمرو 15’x25’ فوٽ تعمير ڪرايو ويو.
لائبريريءَ جي لاءِ ڪلارڪ رکيو ويو جنھن کي ماھوار پگهار 300 ڏنا ويندا ھئا.
لائبريري ۽ آفيس جي نئين سر مرمت ڪرائي وئي، جنھن تي اٽڪل يارنھن ھزار رپيا، خرچ ڪيا ويا.
22 جنوري 1991ع تي موري شھر لڳ ڳوٺ ’رحيم ڏنو ماڇيءَ‘ ۾ پرائمري گرلز اسڪول لاءِ انجنيئر ايجوڪيشن نوشھرو فيروز سان ملي ان اسڪول کي ڪمپائونڊ وال ۽ واش روم منظور ڪرائي ڏنو ويو.
شاھہ عبداللطيف پرائمري اسڪول موري لاءِ انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس نوشھرو فيروز سان ملي ان جي مرمت لاءِ 50000 روپيا منظور ڪرايا ويا.

مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي، جمعي ڏينھن 19 جولاءِ 1991ع تي، مھراڻ ڪلب موري ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ جي صدارت ھيٺ ٿي گذري جنھن ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي ان کان علاوہ شاخ جي ڪجهہ عھديدارن ۽ سينيئر ميمبرن مبصر جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. موري شاخ پاران سڀني شرڪت ڪندڙ معزز ميمبرن ۽ مرڪزي عھديدارن جي منجهند جي ماني جو بندوبست ڪيو ويو.


سال 93-1992ع
چونڊ ڪاميٽي:
محترم يار محمد ميمڻ (چيئرمين/ مرڪزي نمائندو)
محترم قاضي نورالدين (ميمبر)
محترم نعيم احمد ميمڻ (ميمبر)

چونڊون:
”سگا“ موري شاخ جون چونڊون، چونڊ ڪاميٽيءَ جي زيرنگراني ۾ ”لطيف لائبريري“، ”سگا“ آفيس موري ۾، 24 جنوري 1992ع تي ٿي گذريون جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار چونڊيا ويا.
صدر: ڄام انيس الرحمان
نائب صدر: نثار احمد ميمڻ
جنرل سيڪريٽري: شفيق احمد ميمڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: حاجي غلام ﷲ ميمڻ
خزانچي: فقير عبدالجبار ميمڻ
اطلاعات سيڪريٽري: لالا عبدالرزاق ڪورائي

ڪاروباري ڪاميٽي:
عبدالستار ميمڻ، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، اعجاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر ڪئپٽن سليمان سولنگي، غلام ﷲ ميمڻ وڪيل، زاھد پرويز ڀٽي، عبدالعظيم سولنگي ”عظيم سنڌي“، محمد اسلم عباسي.

ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ۽ سب ڪاميٽين جي تشڪيل:
21 فيبروري 1992ع تي، ”سگا“ آفيس موري ۾، شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي، ڄام انيس الرحمان جي صدارت ھيٺ ٿي گذري جنھن ۾ گڏيل فيصلي سان ھيٺيون سب ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون.

طبي سب ڪاميٽي:
ڪنوينر: نثار احمد ميمڻ
سيڪريٽري : حاجي غلام ﷲ ميمڻ
ميمبر: ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر غلام شبير چوھاڻ، غلام رضا ميمڻ

ثقافتي سب ڪاميٽي:
ڪنوينر: عبدالعظيم سولنگي المعروف عظيم سنڌي
سيڪريٽري: شفيق احمد ميمڻ (انجنيئر)
ميمبر: زاھد حسين ڀٽي، محمد اسلم عباسي، عبدالرحيم ٻگهيو

مالياتي سب ڪاميٽي:
ڪنوينر: ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ
سيڪريٽري: شفيق احمد ميمڻ

تعليمي سب ڪاميٽي:
ڪنوينر: ڄام انيس الرحمان
سيڪريٽري: شفيق احمد ميمڻ

بلڊ گروپ چيڪ ڪرائڻ لاءِ ڪئمپ:
20 اپريل 1992ع تي ’سگا‘ پاران بلڊ گروپ چيڪ ڪرائڻ لاءِ موري اسپتال ۾ ڪئمپ لڳائي وئي جنھن ۾ اٽڪل 145 شھرين جي رت جا گروپ چيڪ ڪري کين ڪارڊ ٺاھي ڏنا ويا ۽ انھن جو رڪارڊ بلڊ بئنڪ ۾ رکيو ويو.

اليمينٽري ڪاليج موري ۾ بلڊ گروپ چيڪ ڪرڻ جي ڪئمپ:
”سگا“ موري جي صحت ڪاميٽيءَ پاران ”اليمينٽري ڪاليج فار وومين“ ۾ رت جي چڪاس جي ھڪ ڪئمپ، آگسٽ 1992ع ۾ لڳائي وئي. جنھن ۾ نياڻين جي رت جو گروپ چيڪ ڪري کين ڪارڊ ٺاھي ڏنا ويا ۽ اھو رڪارڊ ”سگا“ بلڊ بئنڪ ۾ رکيو ويو. ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر روشن الدين سومري، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ۽ ٽيڪنيشن پرويز ڪلھوڙي سھڪار ڪيو.

مفت طبي ڪئمپون:
موري شاخ پاران تعلقي موري جي ھيٺين مختلف ڳوٺن ۾ مفت طبي ڪئمپون لڳائي مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيو ويون.
ڳوٺ قمر الدين چانڊيو ۾، ڪئمپ ۾ 700 (ست سو) مريضن جو علاج ڪيو ويو.
ڳوٺ لغاري بجراڻي (ڪچي اندر) ۾، 550 (پنج سئو پنجاھھ) ماڻھن کي تپاسيو ويو.
ڳوٺ ملڪ ۾، 3 آڪٽوبر 1992ع تي ٻوڏ جي ستايلن جي لاءِ طبي ڪئمپ ”سگا“ مرڪز جي تعاون سان لڳائي وئي. جنھن ۾ ”سگا“ مرڪز جي سيڪريٽري تعليم محترم مظھر الدين ميمڻ، ڪراچيءَ مان جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ٽيم وٺي آيو، جن مريضن کي تپاسيو ۽ دوائون مفت ڏنيون.
ڳوٺ سومر ماڇي (گڻنب) نزد گچيرو پراڻو ۾، 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪئمپ لڳائي وئي جنھن ۾ 270 مريضن کي چڪاسي دوائون ڏنيون ويون.
ڳوٺ جوڻالو (سنڌو درياھہ جي ڪچي) ۾، 10 آڪٽوبر 1992ع تي ڪئمپ ھنئي وئي، جنھن ۾ 280 مريضن کي تپاسيو ويو.
ڳوٺ علي خان کوسو ۾، 23 آڪٽوبر 1992ع تي ڪئمپ لڳائي وئي، جنھن ۾ 584 مريضن کي چيڪ ڪيو ويو.
ڳوٺ گل حسن لاشاريءَ ۾، ڪئمپ، نومبر 1992ع ۾ لڳائي وئي.
ڳوٺ گهنور خان عالماڻيءَ ۾، 17 ڊسمبر1993ع تي ڪئمپ ھنئي وئي.
ڳوٺ الھداد عالماڻيءَ ۾، 17 ڊسمبر 1993ع تي ڪئمپ لڳائي وئي.
ھنن مٿين طبي ڪئمپن ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، ليڊي ڊاڪٽر رضيا ميمڻ، ليڊي ڊاڪٽر ناھيد ڪمالاڻي، ليڊي ڊاڪٽر تسليم ميمڻ، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر مظھر الدين ڪلھوڙي، ڊاڪٽر غلام شبير چوھاڻ، ڊاڪٽر عبدالحق راھو، ڊاڪٽر طارق ميمڻ، ڊاڪٽر اسد ﷲ ڪلھوڙي ۽ ڊاڪٽر نثار علي رضوي ڀرپور سھڪار ڪيو.

ڪالرا ۽ گيسٽرو جي لاءِ ويڪسينيشن:
موري شھر ۾ برسات سبب ڪالرا ۽ گيسٽرو جي بيمارين جي بچاءُ لاءِ ”سگا“ موري برانچ پاران گهر گهر وڃي ويڪسينيشن ڪئي وئي ۽ اٽڪل ٽي ھزار (3000) ٻارن کي بچاءُ جا ٽڪا ھنيا ويا.

ڪچي کان لڏي آيل متاثرين جي امداد:
برساتن ۽ ڪچي ۾ آيل ٻوڏ سبب لڏي آيل 60 خاندانن جي پَرگهور لھڻ لاءِ کين اجهو اٽو لٽو ۽ ٻيون ضرورت جون شيون موري شاخ پاران مھيا ڪيون ويون.
خليق مورائي ۽ قاضي خدا بخش مورائيءَ جي ورسي:
موري شاخ جي ثقافتي ڪاميٽيءَ پاران سنڌ جي مشھور اديب، عالم، ناول نگار، شاعر، صحافي ۽ حڪيم قاضي عبدالخالق ”خليق مورائي“ ۽ ڪراچيءَ جي پھرئين مسلمان ميئر، الوحيد اخبار جي ايديٽر ۽ سنڌ جي پبلڪ پراسيڪيوٽر، قاضي خدابخش مورائيءَ جي گڏيل ورسي ملھائي وئي. جنھن جي صدارت مولانا عزيز ﷲ ٻوھئي ڪئي، جڏھن تہ مھمان خاص ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ھئا.

محفل مشاعرو:
موري شاخ جي ثقافتي ڪاميٽيءَ پاران ھڪ محفل مشاعرو منعقد ڪيو ويو، جنھن جي صدارت مانواري ساغر جعفري ڪئي، جڏھن تہ مھمانن ۾ سائين راشد مورائي، پروفيسر نذير احمد قاضي ۽ عظيم سنڌي شامل ھئا. شروعات ۾ ھارون ڪلھوڙي ڀٽائيءَ جي وائي پيش ڪئي، ھن مشاعري ۾ موري جي شاعرن پنھنجو ڪلام پيش ڪيو، جڏھن تہ ڪاروائي اسلم عباسي ھلائي.

اسڪولن کي پنکا ڊونيٽ ڪرڻ:
ڳوٺ رحيم چند (ھيسب) ۾ پرائمري اسڪول کي ٻہ ڇت جا پنکا ڏنا ويا.
مورو گرلس ھاءِ اسڪول کي ھڪ عدد ڇت جو پنکو ڏنو ويو.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پرائمري اسڪول موري کي ھڪ عدد ڇت جو پنکو ڏنو ويو.

پرائمري اسڪول جو قيام:
”سگا“ پاران موري ۾ ريلوي اسٽيشن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ان جي عمارت ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪرايو ويو آھي.

اکين جي ڪئمپ ۾ ڀرپور سھڪار:
گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول موري ۾، جتوئي خاندان پاران لڳرايل ”جتوئي اکين جي مفت ڪئمپ“ 22 ڊسمبر 1992ع کان 31 ڊسبمر 1992ع تائين ۾ ”سگا“ موري پاران ڀرپور سھڪار ڪيو ويو ۽ ان جو سمورو انتظام ”سگا“ حوالي ھو، جنھن ۾ 583 مريضن کي تپاسيو ويو ۽ 200 ماڻھن جا آپريشن ڪيا ويا.

محترم محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جي ورسي:
موري شاخ پاران، ”مورو ناھي ٿورو“ ڪتاب جي مصنف، محترم محمد مٺل ڪمالاڻي، ”م. ع. ترابي“ جي ورسي 12 فيبروري 1993ع تي ملھائي وئي. جنھن جي صدارت ھدايت ﷲ راڄپر اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڪئي جڏھن تہ مھمان خاص محترم اسد ﷲ ڀٽي ۽ سائينءَ محمد مٺل جو فرزند فياض ڪمالاڻي ھئا.

محترم راشد مورائي سان رھاڻ:
سنڌ جي مشھور انقلابي شاعر، سائين راشد مورائيءَ سان ھڪ رھاڻ، ”سگا“ پاران 28 مارچ 1993ع تي رچائي وئي. جنھن جي صدارت محترم عبدالعزيز ٻرڙي ڪئي، جڏھن تہ مھمانِ خاص محترم ڄام ساقي ۽ عظيم سنڌي ھئا.

شھيد نياز مورائي بئڊمنٽن ٽورنامينٽ:
ڊاڪٽر نياز احمد ميمڻ شھيد جي ياد ۾، ھڪ بيڊمنٽن ٽورنامينٽ ڪرائي وئي جنھن ۾ ضلعي سطح جي رانديگرن حصو ورتو.

بلڊ ڊونيشن ڪئمپ:
پھرين جولاءِ 1993ع/ 10 محرم تي ھڪ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ جي گهر ويجهو لڳائي وئي.

تعليمي سيمينار:
”سگا“ مرڪز 1993ع کي ”عورتن جي تعليم جو سال“ ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو ۽ سڀني شاخن کي چيو تہ ھو بہ پنھنجي برانچن اندر ”نياڻيون پڙھايو، گهر سنواريو“ جي عنوان ھيٺ مذاڪرا، سيمينار ڪرائين. ان سلسلي ۾ موري شاخ پاران ھڪ شاندار تعليمي سيمينار، مين اسڪول موري ۾ ڪرايو. جنھن جي صدارت تعليمي ماھر سائين محمد نوح ميمڻ ڪئي، جڏھن تہ مھمان خاص ھدايت ﷲ راڄپر (اسسٽنٽ ڪمشنر مورو)، پروفيسر گل حسن ٻرڙو ۽ سائين محمد اسماعيل ميمڻ (SDEO Moro) ھئا. ھن سيمينار ۾ ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن نديم ملڪ، اظفر سعيد ميمڻ، آصف ميمڻ (ھن وقت ميجر ڊاڪٽر آصف ميمڻ) ۽ ٻين پنھنجون تقريرون ڪيون. ھن سيمينار ۾ سائين محمد يونس ميمڻ، ”نياڻين جي تعليم“ جي حوالي سان مقالو پڙھيو، جڏھن تہ تعليم سان سلھاڙيل تعليمي ماھرن سائين ميان عبدالفتاح ميمڻ، سائين راشد مورائي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، پروفيسر گل حسن ٻرڙو (پرنسپال) محمد سليمان سيال، محمد صديق پڙھيار ۽ ٻين نياڻين جي پڙهائڻ جي حوالي سان تقريرون ڪيون. ھن تعليمي سيمينار ۾ موري شھر جي مختلف اسڪولن جي استادن، شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن تہ ھن سيمينار ۾ عورتن جي وڏي تعداد پڻ شرڪت ڪئي، ڪاروائي ”سگا“ موري جي سينئر ساٿي عظيم سنڌي ھلائي.

ملاکڙو:
ملھہ جي مشھور پھلوان در محمد عالماڻيءَ جي ياد ۾ موري ۾ ’سگا‘ پاران ملاکڙو ڪرايو ويو.

بيڊمنٽن ڪلب جو قيام:
موري شاخ پاران شھر ۾ راندين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ”بيڊمنٽن ڪلب“، ”سگا“ آفيس آڏو قائم ڪئي.

”سگا“ بلڊ بئنڪ پاران رت ڏيڻ:
تعلقہ اسپتال موري ۾ ”سگا“ بلڊ بئنڪ طرفان ھن عرصي دوران ضرورتمند ماڻھن کي 300 بوتلون رت جون ڏنيون ويون.
شاخ پاران قائم ڪيل لطيف لائبريري روزانہ شام جو کلندي ھئي.

اسڪولن کي پکا ڊونيٽ ڪرڻ:
A.P اسڪول موري کي ھڪ ڇت جو پنکو ڊونيٽ ڪيو ويو. جڏھن تہ پرائمري اسڪول شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، گچيرو روڊ مورو ۽ سڪندريہ پرائمري اسڪول موري کي پڻ ھڪ ھڪ پنکو ڊونيٽ ڪيو ويو.