مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

”سگا“ موري آفيس جو قيام

1983ع ڌاري ”سگا“ شاخ مورو جي صدر پروفيسر قاضي نذير احمد سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو جي مستقل بنيادن تي شھر ۾ آفيس قائم ڪرڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي/ ميونسپل مورو چيئرمين محترم جان محمد سرھيي کي ھڪ درخواست پيش ڪئي تہ ”سگا“ مورو صحت تعليم روزگاري شعبي ۾ سماجي خدمت ڏيڻ سان گڏوگڏ ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ”سگا“ مورو کي آفيس نہ ھجڻ سبب ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. ٽائون ڪاميٽي/ ميونسپل مورو طرفان مستقل بنيادن تي ”سگا“ آفيس مورو کي آفيس مفت مھيا ڪئي وڃي.
چيئرمين حاجي جان محمد سرھيي اھا درخواست ڪائونسل ۾ پيش ڪئي ۽ منظور ڪئي وئي. ان بعد ميونسپل ڪاميٽي مورو لڳ تعمير ٿيندڙ شاپنگ سينٽر ۾ 2 عدد دوڪان ”سگا“ مورو کي مفت الاٽ ڪيا ويا. ھڪ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي لائبريري ۽ ٻئي ۾ مفت طبي ڪلينڪ ۽ آفيس لاءِ استعمال ھيٺ آندي وئي، جيڪا اڄ ڏينھن تائين ”سگا“ آفيس نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ۽ قائم آھي.
اھڙي لکت ميونسپل ڪاميٽي مورو جي رڪارڊ ۾ محفوظ ۽ موجود آهي. ”سگا“ آفيس جي ضروري مرمت ڪم ڪار رنگ وغيرہ مختلف رھندڙ چيئرمينن ۽ ميونسپل آفيسرن جي تعاون سان ٿيندو رھي ٿو.