مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سماج سڌارڪ، اديب، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار پروفيسر نذير احمد قاضي

موري جھڙي علمي ۽ ادبي شھر ۾ قاضي خاندان جھڙي ديني علمي ادبي گهراڻي، جي جيد عالم، شاعر ۽ بزرگ مولوي محمد صادق مورائيءَ جي فرزند، علم و ادب دوست قاضي محمد قاسم جي گهر، قاضي محله موري (نزد جامع مسجد) ۾، 09 فيبروري 1940ع تي هڪ نينگر جنم ورتو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادب جو روشن ستارو ثابت ٿيو ۽ پروفيسر نذير احمد قاضيءَ جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ جو بھترين ڪھاڻيڪار، اديب، خوبصورت شاعر ۽ سماج سڌارڪ بڻيو.
سائين نذير احمد قاضي، پرائمري تعليم، مين پرائمري اسڪول موري مان حاصل ڪئي. جڏهن تہ مئٽرڪ 1956ع ۾ ”ڊي سي هاءِ اسڪول نواب شاھہ“ مان ڪئي. انٽر جو امتحان 1958ع ۾، ”گورنمينٽ ڪاليج نواب شاھہ“ مان پاس ڪيائين ۽ بي اي جو امتحان 1960ع ۾ ”گورنمينٽ ڪاليج نواب شاھہ “ مان ڏنائين. ايم اي (مسلم هسٽري)، 1963ع ۾، ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) 1967ع ۽ ايم اي (انگريزي ادب) ۾ 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائون. سائين قاضي نذير احمد جن 1956ع ۾ ڊي سي هاءِ اسڪول نواب شاھہ ۾ استاد جي حيثيت سان جوائن ڪيو ۽ بعد ۾ ٺارو شاھہ ۽ موري هاءِ اسڪولن ۾ پڻ استاد جي حيثيت سان رهيا. ”ٺارو شاھہ هاءِ اسڪول“ ۾ نوڪريءَ دوران هاءِ اسڪول جي تاريخ ۾ پھريون اسڪول مئگزين ”ساهتي“ ڪڍيائين.
سائين نذير احمد قاضي صاحب ڪاليج سائيڊ ۾ 1963ع تي ٽنڊو محمد خان ڪاليج ۾ ليڪچرار طور جوائن ڪيو، ان بعد ٺٽو، هالا، نواب شاھہ، مورو ۽ حيدرآباد جي ڪاليجن ۾ رهيا. قاضي صاحب جن 1978ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ 1989ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيا. 1990ع ۾ حيدرآباد سچل سرمست ڪاليج بدلي ٿي ويا ۽ 97-1996ع ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد جا پرنسپال ٿيا، جتان 8 فيبروري 2000ع ۾ رٽائر ڪيائيون.
سائين نذير احمد قاضي صاحب جن سنڌ يونيورسٽي جي ”سينيٽ جو ميمبر“، ”اڪيڊمڪ ڪائونسل“ جو ميمبر ۽ 1977ع کان 2000ع تائين پاڻ ٽي سال ”پرنسپال ڪوآرڊينيشن“ تنظيم جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
سائين نذير احمد جن، 1968ع ۾ شادي ڪئي، کين اولاد ۾ چار پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. سندن اولاد تعليم يافتہ آهي، هڪ ڊاڪٽر، هڪ انجنيئر، هڪ چارٽر اڪائونٽنٽ ۽ هڪ پروفيسر ڊاڪٽر آهي، جڏهن تہ سندن هڪ نياڻي بئنڪ جي وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي.
سائين نذير احمد قاضي، جن لکڻ جي شروعات ”ڪھاڻي جي ترجمي“ سان ڪئي، جيڪا 1957ع ۾ ڪيائون ۽ اها روسي ڪھاڻي هئي. سندن پھرين ”طبع زاد“ ڪھاڻي ”پڪر“ آهي جيڪا 1964ع ڌاري لکيائون، جڏهن تہ سائين جي لکيل ٻين ڪھاڻين ۾ ”روحي“، ”پڪر“، ”واليون“، ”آخر هي داغ ڪئين ڌوپبا!“، ”پيار جي زبان“، ”عزت پوش“،”بڙجي ڇانو“، ”ٻليدان“، ”خدابخش ۽ خدا“، ”تاساري“، ”ڊڀ نہ چرسون“، ”جهنگ ننگ آهي“، ”پوءِ ڍائو“، ”سرچاءُ“ ۽ ”مجرم مورتي“ ۽ ٻيون اچي وڃن ٿيون.
سائين نذيراحمد قاضي جن، ڪھاڻيڪار سان گڏوگڏ هڪ بھترين ۽ خوبصورت شاعر پڻ آهن، ان سان گڏوگڏ سندن مزاحيہ ۽ اصلاحي شاعري ملي ٿي، جيڪا 1960ع کان 1964ع تائين عبرت اخبار جي ڪالم ”نظري خوش گذري“ ۾ شايع ٿي، جنھن ۾ قاضي صاحب جن جو تخلص ”ن. ق پاهوڙو“ هوندو هو. سائين مزاحيہ شاعريءَ سان گڏوگڏ غزل، وائي، نظم، ٽيڙو، چوسٽا، بيت ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي بہ ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع ۽ گهاڙيٽا نوان ۽ نرالا آهن.
1983ع ۾ سڄيءَ سنڌ تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، سنڌ جون وستيون ۽ واهڻ برباد ۽ تاراج ڪيا پئي ويا، هر طرف بارود جي بدبوءِ اچي رهي هئي. سنڌ جي سٻاجهن ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن مٿان مصيبت جا پھاڙ ڪيرايا ويا هئا، هر طرف لانگ بوٽن جي لتاڙ هئي. ان وقت اسان جو هيءُ شاعر، پنھنجي جذبن ۽ اُڌمن کي شعر جي صورت ڏئي، خوبصورت ٽيڙوئن جي روپ ۾ سنڌ جو ڪيڏارو تخليق ڪيو. اهي سائين نذير احمد جا ٽيڙو سڀ جا سڀ علامتي طور (Symbolical) چيل آهن جن مان هڪ ٻہ هتي نموني طور ڏجن ٿا:
* ڪانئر ! ڪُڌا ڪم،
ڳيرن جي ڪلھ ڳوٺ تي،
بندوقون ۽ بم.
* باز کنيو ڳيرو،
بازن جي بانور ڪيو،
سڃو آکيرو.
* سنجهي ساڻ سُتا،
لڳن گوليون گُجَ ۾،
پکي، ڪين اُٿيا!

* آمر جو ايمان،
ٻئي ڳاڙها رَتَ ۾،
قاري ۽ قرآن.

سائين نذير احمد قاضيءَ جي شخصيت ڪجهہ نرالي ۽ گهڻ پاسائين آهي، جيڪڏهن ائين چئجي تہ هو هڪ مڪمل ادارو آهي تہ اهو وڌاءُ نہ ٿيندو. سائين نہ رڳو ادب جو استاد آهي پر گڏوگڏ قومي درد پڻ رکي ٿو. سائين نذير احمد قاضي، هڪ بھترين استاد هئڻ سان گڏوگڏ بھترين شاعر، ڪھاڻيڪار، نثر نگار ۽ ترجمي نويس پڻ آهي. انگريزي توڙي سنڌي ۾ لکيل سندس نثر ۾ جيڪا سگهہ ۽ رواني آهي، اها سنڌ جي ٿورڙن قلم ڌڻين وٽ هوندي. سائينءَ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جا ڪيترائي نصابي ڪتاب مرتب ڪيا آهن ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن کي سنڌي زبان جو ويس پارايو آهي. سائين نذير احمد جن، اها شخصيت آهي، جيڪو روانيءَ سان انگريزي ڪلاڪن جا ڪلاڪ، انيڪ موضوعن تي ڳالھائي سگهي ٿو.
سائين قاضي صاحب، 1962ع جي مارچ مھيني ۾ موري ۾ ”بزم قاسم“ جي نالي سان هڪ ادبي ادارو قائم ڪيو، جنھن پاران ڪيترائي ادبي ميڙاڪا، طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ڪرايا ويا. پاڻ موري ۾ ”ساڃاھہ ڪلچر فورم“ جو پڻ بنياد وڌو جنھن پاران ڪيترن ڪتابن جون مھورتون ۽ ادبي پروگررام ڪرايا ويا. سائين نذير احمد صاحب موري ۾، ”باک پبليڪيشن“ قائم ڪئي، جنھن پاران باک جا ”ڇھه معياري پرچا“ نڪتا. سائين نذير احمد، جن موري جي ڪيترن ادارن جي بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي. جھڙوڪ: ”ايجوڪيشن سوسائٽي مورو“ جنھن پاران آرٽس ڪاليج مورو قائم ٿيو ۽ اڄ اهو گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي صورت موجود آهي. انھيءَ ڪاليج قائم ڪرڻ ۾ پاڻ سائين علي بخش شاھہ جا ٻانھن ٻيلي رهيا، ”مھراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي مورو“، جنھن پاران روشن تارا ڪي جي اسڪول هلندڙ آهي، ”مھراڻ ڪلچرل سوسائٽي مورو“، جنھن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري آهي جنھن پاران ٻہ ڪتاب ”مورو ناهي ٿورو“ جيڪو سائين محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جو لکيل آهي ۽ ”ٽي. ايس. ايلٽ جو فن ۽ فڪر“، جيڪو محترم بدرالدين اُڄڻ جو ترجمو ڪيل آهي شايع ڪيا ويا.
سائين قاضي نذير احمد، جن سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جي بنياد وجهندڙن مان پڻ هڪ آهي، ان سان گڏوگڏ سائين نذير احمد ”سگا“ موري شاخ جا بنيادي ميمبر آهن. سندن ميمبرشپ نمبر 2 ۽ ميمبر ٿيڻ جي تاريخ 2 جنوري 1976ع آهي. قاضي صاحب 1976ع ۾ موري شاخ جا ”جوائنٽ سيڪريٽري“ ۽ تعليمي سب ڪاميٽيءَ جو ميمبر، 1977ع ۾ ”جنرل سيڪريٽري“، 1978ع ۾ ڪارباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ ”ثقافتي سب ڪاميٽيءَ جو چيئرمين“، رهيو آهي ان کان علاوہ 1979ع ۾ ’چيئرمين چونڊ ڪاميٽي‘ ۽ ’ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر‘، 82-1981ع ۾ چيئرمين چونڊ ڪاميٽي، ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي ۽ ثقافتي سب ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. سائين نذير احمد قاضي 1983ع ۾ ”سگا“ موري شاخ جو صدر رهيو آهي. سائين نذير احمد جن ”سگا“ موري شاخ کي پنھنجي ساٿين سان گڏ متحرڪ ڪيو ۽ سندن دؤر ۾ ”سگا“ ۾ تعليم ۽ صحت تي تمام بھترين ڪم ٿيو. 1983ع ۾ جڏهن سائين نذير احمد موري شاخ جو صدر هو تہ موري ۾ ”سگا جو مرڪزي ستون ساليانو ڪنوينشن“ منعقد ٿيو جنھن ۾ سنڌ جي 51 شاخن جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن يادگار ۽ شاندار ڪنوينشن ۾ ڪالا باغ ڊئم خلاف يڪراءِ طور قرارداد پاس ڪئي وئي، جنھن جو ڊرافٽ سائين نذير احمد جن جو لکيل آهي. ان کان پوءِ حڪمرانن خائف ٿي سرڪاري ملازمن جي ”سگا“ ۾ ميمبر ٿيڻ تي بندش وڌي. سائين قاضي صاحب جن 1977ع ۾ ”سگا“ مرڪز پاران نڪرندڙ ٽماهي پبليڪشن ”روشني مخزن“، جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1978ع ۾ ”سگا“ مرڪز جي ”ثقافتي ڪاميٽي“ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ان کان علاوہ سائين نذير احمد قاضي صاحب جن ”سگا“ مرڪز جا 1977ع ۾ ’اطلاعات سيڪريٽري‘ پڻ رهيا آهن.
سماج لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ، علم ۽ ادب جي آبياري ڪندڙ هن مھان شخصيت، 17 جنوري 2023ع تي وفات ڪئي، کين پنھنجي اباڻي قبرستان، ”خليفو صاحب جي مقام” موري ۾ پنھنجي وڏڙن سان گڏ دفن ڪيو ويو.
سائين نذير احمد قاضي جن جي شاعريءَ جو خوبصورت مجموعو ”ھيءَ سرمستي الستي آ“ جي نالي سان 2024ع ۾ سندن فرزندن ڇپايو آھي، جيڪو ٽي سؤ صفحن تي مشتمل آھي، جنھن جو شاندار مھاڳ ڊاڪٽر سحر گُل لکيو آھي. سائينءَ جون ڪھاڻيون، مضمون، ڪالم ۽ ٻيو مواد سندن ننڍو فرزند ابوذر قاضي گڏ ڪري مرتب ڪري رھيو آھي، جيڪو ڪتاب بہ جلد شايع ٿيندو.