سال 1985ع
محترم عظيم سنڌي (چيئرمين)
محترم سيد محرم علي شاھہ (ميمبر)
محترم امام الدين سولنگي (ميمبر)
ساليانيون چونڊون:
10 جنوري 1985ع تي روشن تارا اسڪول موري ۾، چونڊ ڪاميٽيءَ جي زير نگراني، ”سگا“ موري شاخ جون سال 1985ع لاءِ ساليانہ چونڊون ٿي گذريون، جنھن ۾ هيٺيان عھديدار بنا مقابلي چونڊيا ويا.
صدر: غلام رسول سرهيو
نائب صدر: عبدالجبار ميمڻ
جنرل سيڪريٽري: ڊاڪٽر ڪئپٽن محمد سليمان سولنگي
جوائنٽ سيڪريٽري: باز محمد سيال
اطلاعات سيڪريٽري: غلام مرتضيٰ ميمڻ المعروف زاهد ميمڻ
خزانچي: غلام عباس سرهيو
ڪاروباري ڪاميٽي:
ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، شير علي سومرو، سيد محرم علي شاھہ، غلام رضا ميمڻ، محمد بخش سيھڙ، امام الدين سولنگي، نثار احمد ميمڻ ۽ عظيم سنڌي.
رسم حلف برداري تقريب:
15 فيبروري 1985ع تي روشن تارا اسڪول موري ۾، ”سگا“ موري شاخ جي چونڊجي آيل نون عھديدارن جي رسم حلف برداري تقريب ٿي گذري. جنھن جي صدارت موري شاخ جي سينيئر ميمبر ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ ڪئي. تلاوت ڪلام پاڪ جناب قاضي محمد علي ”اختر مورائي“ جن ڪئي، ان بعد صدر محفل سڀني عھديدارن کان گڏيل حلف ورتو. بعد ۾ برانچ جي نئين چونڊجي آيل صدر محترم غلام رسول سرهئي تقريب ۾ شريڪ سڀني ساٿين جا ٿورا مڃيا. جنھن بعد جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ پنھنجي ذميندارين ۽ مستقبل جي پروگرامن تي روشني وڌي. ان بعد صدر مجلس ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ صاحب، ”سگا“ جي ڪيل ڪمن تي روشني وجهندي پنھنجي طرفان هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو. آخر ۾ چانھه بسڪوٽن سان مھمانن جي خاطر تواضع ڪئي وئي. هن تقريب ۾ شھرين، ”سگا“ ساٿين ۽ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
مختلف ڪاميٽين جي تشڪيل:
20 مارچ 1985ع تي، ”سگا“ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي، شاخ جي صدر محترم غلام رسول سرهئي جي صدارت هيٺ ٿي، جنھن ۾ هيٺيون ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون.
ثقافتي سب ڪاميٽي:
محترم عبدالعظيم سولنگي (چيئرمين)
محترم نثار احمد ميمڻ (ميمبر)
محترم عبدالمجيد ميمڻ (ميمبر)
محترم غلام مرتضيٰ ميمڻ (ميمبر)
طبي سب ڪاميٽي:
محترم ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ (چيئرمين)
محترم غلام عباس سرهيو (ميمبر)
محترم محرم علي شاھہ (ميمبر)
مالياتي سب ڪاميٽي:
محترم محمد بخش سيھڙ (چيئرمين)
محترم غلام رسول سرهيو (ميمبر)
محترم شير علي سومرو (ميمبر)
محترم عبدالجبار ميمڻ (ميمبر)
ليڪچر پروگرام ”علم ادب ۾ موري جو حصو“:
”سگا“ موري جي ثقافتي ڪاميٽيءَ پاران پھرين فيبروري 1985ع تي، روشن تارا اسڪول موري ۾ هڪ ليڪچر، ”علم، ادب ۾ موري جو حصو“، جي عنوان سان موري جي جهوني اديب قاضي محمد علي ”اختر مورائي“ جن ڏنو. جنھن جي صدارت تعليمي ماهر محترم سائين خدا بخش سيھڙ ڪئي، جڏهن تہ مھمان خاص پ ٽ الف جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري محترم قادر بخش طالباڻي هو. تلاوت ڪلام پاڪ محترم سائين جمال الدين ”مومن“ ڪئي، جنھن کان پوءِ ثقافتي ڪاميٽيءَ جي چيئرمين عظيم سولنگيءَ ليڪچرڪار محترم سائين قاضي محمد علي ”اختر مورائي“ جو مختصر تعارف ڪرايو. ان بعد سائين اختر مورائيءَ پنھنجو ليڪچر ڏنو. ليڪچر کان پوءِ محترم سائين نذير احمد قاضي، سائين محمد اسماعيل ميمڻ ۽ سائين راشد مورائيءَ ليڪچر متعلق پنھنجي راءِ ڏني. مھمان خاص ۽ محفل جي صدر آخر ۾ ڳالھائيندي هن ڪم جي ساراھہ ڪئي ۽ ”سگا“ موري جي ساٿين کي اهڙن مثبت پروگرام ڪرڻ جون مبارڪون ڏنيون.
ليڪچر پروگرام ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“:
روشن تارا اسڪول موري ۾، ”سگا“ جي ”ثقافتي ڪاميٽيءَ“ پاران، 3 مارچ 1985ع تي، هڪ ليڪچر ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“، جي عنوان سان ٿي گذريو. جنھن جي صدارت سينئر ”سگا“ ساٿي ۽ موري جي پھرئين گريجوئيٽ ڊاڪٽر، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ ڪئي. جڏهن تہ خاص مھمان موري جو جهونو تعليمي ماهر سائين محمد ڇتل سرهيو هو. تلاوت پاڪ سائين اختر مورائي ڪئي ان بعد عظيم سنڌي (چيئرمين ثقافتي ڪاميٽيءَ) ليڪچرڪار، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جو تعارف پيش ڪيو. جنھن کان پوءِ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صاحب ليڪچر ڏنو جنھن ۾ تمام وسيع معلومات هئي، جنھن کي حاضر دوستن تمام گهڻو ساراهيو. ليڪچر جي خامين ۽ خوبين تي ادريس جتوئي، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، قاضي نذير احمد، ڊاڪٽر محمد بچل ۽ سائين محمد ڇتل سرهئي ڳالھايو. هن پروگرام ۾ مورو جي شھرين، صحافين ۽ ”سگا“ جي ساٿين جهجهي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
مرڪزي مھمانن جي آمد ۽ ادبي گڏجاڻي:
”سگا“ جي مرڪزي چيئرمين محترم بشير احمد مورياڻي، مرڪزي سيڪريٽري جنرل منير احمد چانڊيو، مرڪزي سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ پروفيسر مظھر الدين ميمڻ سان گڏ 24 جون 1985ع تي موري ۾ وزٽ تي آيا. سندن مان ۾ ”سگا“ موري پاران هڪ ادبي گڏجاڻي جو اهتمام ”روشن تارا اسڪول“ ۾ ڪيو ويو. جنھن جي صدارت ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ڪئي. جڏهن تہ مھمان خاص محترم بشير احمد مورياڻي ۽ محترم منير احمد چانڊيو هئا. هن گڏجاڻي ۾ اديبن ۽ شاعرن علي شير ٿھيم، ”عاجز مورائي“ (گيت)، غلام عباس سرهيو (آزاد نظم)، اسلم عباسي (غزل)، غلام مرتضيٰ ميمڻ (مقالو)، شاھہ عنايت شھيد، قاضي عتيق الرحمان (مقالو) ”سنڌ جي تعليم جو معيار“، راشد مورائي (غزل)، ڊاڪٽر سليمان سولنگي (آزاد نظم)، قاضي نذير احمد (آزاد نظم)، ناصر مورائي ”تعارف بشير مورياڻي“ ان کان علاوہ خاڪي جويي ۽ منير چانڊيي پڻ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. ان بعد بشير مورياڻي ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ پنھنجن تقريرن ۾ موري، موري جي ساٿين ۽ ”سگا“ جي فلاحي ڪمن جي حوالي سان ڀرپور ڳالھايو. ڊاڪٽر سليمان شيخ ڳالھائيندي چيو تہ اڄوڪي محفل اسان جي ستل جذبن کي جاڳائڻ لاءِ ڀرپور هئي. موسم جي گرمي ۽ اسان جي جذبن جي گرمي ضرور رنگ لائينديون. محترم بشير مورياڻيءَ چيو تہ مورو، سنڌ جي دل آهي، هتي جي ماڻھن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو وسارڻ جھڙو ناهي. ان لحاظ کان موري کي سنڌ ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي. آئون پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان جو اوهان سان مخاطب آهيان ۽ هتان جي ماڻھن کي اوهان جي معرفت سلام پيش ڪريان ٿو. شاباس موري جي ”سگا“ ساٿين کي آهي، جو هن دوري ۾ اوهان موري وارن هي محفل رچائي آهي.
هن يادگار ادبي محفل ۾ مٿين اديبن شاعرن کان علاوہ محترم واحد بخش شيخ، ڪئپٽن ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي، غلام عباس سرهيو، باز محمد سيال، غلام مرتضيٰ ميمڻ، عبدالجبار سيال، عبدالجبار ميمڻ، غلام رسول سرهيو، حبيب ﷲ دونگهہ، سيد محرم علي شاھہ لڪياري، امام الدين سولنگي، عاشق حسين ميمڻ پڻ شرڪت ڪئي هن يادگار محفل جي ڪارروائي عظيم سولنگيءَ هلائي.
