مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

ڊاڪٽر محمد لائق زرداري

استاد، تعليمدان، اديب، محقق، تاريخدان، سائين محمد لائق زرداري، موري جي اوڀر ۾ ديھه لنڊڪيءَ جي ڳوٺ مڪراري/ محمد موسي زرداريءَ ۾، احمد خان زرداريءَ جي گهر، 23 آگسٽ 1943ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم 1958ع ۾، جي پي ايس مڪراري مان حاصل ڪري، 1958ع ۾ ڊي سي هاءِ اسڪول موري ۾ پھرين درجي انگريزي ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ جو امتحان 1964ع ۾ پاس ڪيائين ۽ 1963ع ۾ پاڻ فائينل جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. سائين محمد لائق انٽر جو امتحان آرٽس ڪاليج موري مان 1966ع ۾ ڏنو. بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1968ع ۾ پاس ڪيائين ۽ ايم اي سياسات 1970ع ۽ ايل ايل بي 1975ع ۾ پاس ڪيائين، جڏهن تہ پي ايڇ ڊي 1980ع ۾ ”تحرڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“، جي عنوان تي ڪيائين. زرداري صاحب 1970ع ۾ ڊرائنگ ٽيچرس ڪورس ’ڊي ٽي سي‘، حيدرآباد ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مان پڻ ڪيو.
سائين محمد لائق زرداري، 1965ع ڌاري ڊرائنگ ٽيچر طور نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول سانگهڙ ۾ جوائن ڪيو. ان بعد خيرپور ميرس، حيدرآباد ۽ نواب شاھہ جي ٽريننگ اسڪولن ۾ 1971ع تائين رهيو. پاڻ 12 سيپٽمبر 1971ع تي ليڪچرار ٿيو ۽ سندس پھرين پوسٽنگ ’سروري ڪاليج هالا‘ ۾ پوليٽيڪل سائنس ليڪچرار طور ٿي؛ جنھن کان پوءِ سجاول، سعيد پور، ڪوٽڙي ۽ مھراڻ ڊگري ڪاليج موري ۾ رهيو. 1985ع ۾ سندن اسسٽنٽ پروفيسر جو پروموشن ٿيو ۽ 1985ع کان 1994ع تائين موري ۾ رهيو. ڊاڪٽر محمد لائق، 1994ع کان 1996ع تائين پروفيسر/ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يونسيڪو اسلام آباد ۾ پڻ رهيو. ڊاڪٽر زرداري صاحب 1996ع ۾ ڇھن مھينن لاءِ ڊائريڪٽر جنرل ”بلاول انسٽيٽوٽ آف هسٽري اينڊ ڪلچر نواب شاھہ“ ۾ پڻ رهيو ان بعد وري واپس مھراڻ ڊگري ڪاليج موري آيو، جتي 1998ع ۾ پرنسپال مقرر ٿيو. اپريل 2003ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ناٿن شاھہ بدلي ٿيو ۽ اتان 22 آگسٽ 2003ع ۾ پرنسيپال (20 گريڊ طور) جي عھدي تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر محمد لائق صاحب 2009ع ۾ ”بلاول انسٽيٽوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نواب شاھہ“ ۾ وري ”ڊائريڪٽر جنرل“ مقرر ٿيو جتي 2013ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين.
ڊاڪٽر صاحب، هڪ وڏو جاکوڙي محقق، اديب ۽ تاريخدان هو، سندن 15 جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيل ۽ شايع ٿيل آهن، جن مان اڪثر تاريخ ۽ تحقيق تي آهن. جن مان ”سنڌ جي سياسي جدوجھد“ ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“، ”تاريخ ضلعو نواب شاھہ“ “History of Sidh Vol-I” ۽ “History of Sindh II” نمايان آهن.
سائين محمد لائق، جن پنھنجي زندگي جي آتم ڪٿا ”ڪيم روح رهاڻ“ جي نالي سان لکي، جيڪا ڇپيل آهي. جنھن ۾ سائينءَ پنھنجي زندگيءَ جا کوڙ سارا اهڙا واقعا وڏي سچائي سان تحرير ڪيا آهن. سندن آتم ڪٿا جو اردو ترجمو ”دل ڪي باتين“جي نالي سان پڻ شايع ٿيل اٿس، جڏهن تہ ان جو انگريزي ترجمو “Voice Satitude” جي نالي سان پڻ ڇپيل آهي.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صاحب، جيئن تہ ”سگا“ جو بنيادي ميمبر هو ۽ سندن ”سگا“ موري شاخ ۾ ميمبرشپ نمبر 03 آهي ۽ ميمبر ٿيڻ جي تاريخ 2 جنوري 1976ع اٿن. سائين محمد لائق صاحب ”سگا“ موري شاخ جو 1982ع ۾ جنرل سيڪريٽري رهيو آهي، جڏهن تہ صدر سائين واحد بخش شيخ صاحب جن هئا. ڊاڪٽر صاحب ۽ شيخ صاحب جن انھي عرصي سال 1982ع ۾ تمام بھترين ڪم ڪيو جن ۾ مفت طبي ڪئمپون، موري شھر ۽ آس پاس ڳوٺن ۾ هڻايون/ لڳرايون، تعليمي ادارن کي پنکا ڊونيٽ ڪرڻ، لائبريري جو قيام وغيرہ سرفھرست آهي.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، 02 جولاءِ 2017ع تي وفات ڪئي ۽ ’ميان جا قبا‘ (ميان نور محمد ڪلھوڙي جا قبا) واري مقام ۾ پنھنجي والد صاحب جي ڀر ۾ مدفن آهي.