مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

غلام نبي سيال

غلام نبي سيال، ”سگا“ موري جو هڪ جاکوڙي ڪارڪن رهيو آهي، جنھن پنھنجي ٽينوئر ۾ بھترين پروگرام، فنڪشن ۽ تعليمي سيمينار ڪرايا، ميڊيڪل ڪئمپون ۽ چمڙيءَ جي بيمارين جون ڪئمپون، ”سگا“ ساٿين جي مدد سان لڳرايون. ”سگا“ موري جي سلور جوبليءَ جي موقعي تي هڪ خوبصورت سووينئر 2001ع ۾ شايع ڪرايو، جيڪو 40 صفحن تي مشتمل آهي جنھن ۾ بھترين مرڪز ۽ موري شاخ جو مواد فوٽن سميت موجود آهي.
غلام النبي سيال، موري جي اوڀر ۽ اتر ۾، موري شھر کان تقريباً ڏھہ پندرنھن ڪلوميٽر مفاصلي تي، ڳوٺ حاجي جان محمد سيال (يوسي مصر جي واھہ، تعلقي نوشھري فيروز) ۾ محترم عبدﷲ خان سيال جي گهر ۾، 24 مئي 1966ع تي جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ جان محمد سيال مان حاصل ڪئي جڏهن تہ مڊل تائين تعليم مڊل اسڪول قمرالدين چانڊيو مان پرائي، مئٽرڪ 1981ع ۾ موري هاءِ اسڪول مان ڪيائين. انٽر سائنس (P.E) مھراڻ ڪاليج موري مان، 1984ع ۾ ۽ بي. ڪام سنڌ مسلم آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ مان 89-1985ع ڌاري پاس ڪيائين. ايم.اي اڪنامڪس، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان (ڪاليج سائيڊ ۾) ڏنائين.
غلام النبي سيال، نوڪري جي شروعات رائس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن ۾ ڪلارڪ طور ڪئي، جتي 1986ع کان 1999ع تائين رهيو. ان بعد موري شھر ۾ اَنَ جو واپار (پيڊي) 1999ع کان 2002ع تائين ڪيائين، جنھن بعد ”سگا“ ۾ نوڪري، پروگرام آفيسر ۽ پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر طور 03-2002ع تائين ڪيائين جنھن بعد 05-2004ع تائين سوشل انٽر پرائيز مئنيجمينٽ سرٽيفڪيٽ پروگرام (جيڪو لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنس (لمس) ۽ هيڪ گل يونيورسٽي ڪئناڊا جي سھڪار سان هو) ان ۾ رهيو. غلام النبي سيال 2003ع کان2007ع تائين مختلف ملڪي توڙي غير ملڪي تنظيمن جا ٽريننگ پروگرام اٽينڊ ڪيا. ان کان علاوہ هن تعليم کاتي سنڌ طرفان تعليم تي ريسرچ ماسٽر ٽرينر ۽ سوشل موبلائيزيشن Reproductive Health رهيو. هن وقت ريجنل ڊائريڪٽر، ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف بيسڪ ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ، گورنمينٽ آف پاڪستان جي عھدي تي فائز آهي ۽ سندس آفيس ڪراچي ۾ آهي.
غلام النبي سيال، ”سگا“ ساٿي محترم عبدالرحمان سيال جي رهائش گاھہ تي، ”سگا“ ساٿين جي گڏجاڻين ۽ ڪچھرين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ انھن جو هن تي گهرو اثر پيو. 1989ع ۾ جيئن هن بي ڪام پاس ڪئي تہ هي پڻ 1990ع ۾ ”سگا“ موري شاخ جو ميمبر ٿيو. اڳتي هلي 99-1998ع ۾ ۽ 02-2000ع ۾ موري شاخ جو جنرل سيڪريٽري رهيو، جڏهن تہ 04-2002ع، 09-2006ع ۽ 15-2012ع ۾ شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. غلام النبي سيال، ”سگا“ سکر ڊويزن جو 02-2000ع تائين ايسوسيئيٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ان کان علاوہ 09-2006ع ۽ 12-2009ع ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. غلام النبي سيال پنھنجي دؤر ۾ شيخ اياز جي وفات کان جلد پوءِ موري ۾ ”شيخ اياز جي ياد“ ۾ هڪ شاندار تعزيتي ميڙاڪو ڪرايو. هن يادگار ۽ تاريخي پروگرام ۾ محترم بخش علي لاکو، تاج جويو، احمد سولنگي، بيدل مسرور ۽ ٻيا ڪيترائي نالي وارا اديب، شاعر ۽ سماج سڌارڪ شامل ٿيا.