مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

محترم غلام رسول سرهيو

محترم غلام رسول سرهيو، موري جي سرهيا خاندان جي معزز فرد محمد يعقوب بن محمد لائق سرهئي جي گهر ۾ 23 اپريل 1964ع تي جنم ورتو. ”پرائمري تعليم“ مين اسڪول موري مان حاصل ڪري، موري جي پراڻي هاءِ اسڪول نزد سرهيا محله موري ۾ انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ داخل ٿيو ۽ مئٽرڪ جي تعليم اتان حاصل ڪري ان جو امتحان خواجہ هاءِ اسڪول نواب شاھہ مان 1963ع ۾ ڏنائين. انٽر جو امتحان ”آرٽس ڪاليج موري“، مان 1965ع ۾ پاس ڪيائين. جڏهن تہ بي اي 1967ع ۾ ”سچل آرٽس ڪاليج نواب شاھہ“ مان ڪيائين. ايل ايل بي ”سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد“ مان 1974ع ۾ پاس ڪيائين.پاڻ 1970ع کان 1973ع تائين مسلم ڪمرشيل بئنڪ ۾ ڪئشر طور نوڪري ڪيائين بعد ۾ بئنڪ جي نوڪريءَ کي خيرآباد چئي موري شھر ۾ واپار شروع ڪيائين.
محترم غلام رسول سرهيو، ”سگا“ موري جو بنيادي ميمبر رهيو آهي. پاڻ 15 مارچ 1976ع تي موري شاخ جو ميمبر بڻيو ۽ سندس ميمبرشپ نمبر 18 آهي. پاڻ ”سگا“ جو ايڪٽو ميمبر رهيو آهي. ”سگا“ مرڪز جو 1983ع ۾ موري ۾ جيڪو ساليانو ڪنوينشن ٿيو، ان ۾ شاخ پاران جيڪي مختلف ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون هيون ان ڪافي ڪاميٽين ۾ غلام الرسول سرهيو صاحب شامل رهيو ۽ انھن ۾ ايڪٽو رول ادا ڪيائين. 1985ع ۾ محترم غلام الرسول کي ”سگا“ موري شاخ جو صدر چونڊيو ويو. سندس دؤر ۾ ”سگا“ ايڪٽو رهي. ”سگا“ جي ثقافتي ڪاميٽيءَ پاران علمي ادبي ليڪچر پروگرام ٿيا، جن مان ”علم ۽ ادب ۾ موري جو حصو“، جيڪو سائين قاضي محمد علي ”اختر مورائي“ ڏنو جڏهن تہ ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ جي عنوان تي ليڪچر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ڏنو. سرهئي صاحب جي دؤر ۾ ”سگا“ جي ان وقت جو مرڪزي چئرمين، محترم بشير احمدمورياڻي ۽ سيڪريٽري جنرل منير احمد چانڊيو، ”سگا“ جي سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ محترم مظھر الدين ميمڻ موري شاخ جو دورو ڪيو، ”سگا“ جي ساٿين سان ملاقات ڪئي. انھن مرڪزي اڳواڻن جي مان ۾ موري شاخ پاران هڪ ادبي گڏجاڻيءَ جو اهتمام ڪيو ويو. انھيءَ گڏجاڻيءَ ۾ ناصر مورائي، خاڪي جويو، سائين پروفيسر نذير احمد قاضي، عظيم سنڌي، راشد مورائي، ڊاڪٽر سليمان سولنگي ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن پنھنجون تخليقون پيش ڪيون. ان يادگار گڏجاڻيءَ ۾ شھر جي ڪيترن ئي معززين ۽ ”سگا“ ساٿين شرڪت ڪئي. معزز مھمانن جي رات جي رهڻ ۽ صبح جي ناشتي جو بندوبست غلام الرسول سرهئي صاحب پاڻ وٽ ڪيو هو. محترم غلام الرسول سرهيو، روشن تارا ڪي جي اسڪول جو فائونڊر ميمبر پڻ رهيو آهي. ۽ ”مھراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي“ جنھن پاران اسڪول قائم ڪيو ويو جو فائونڊر/ پھريون خزانچي آهي ۽ ان سوسائٽي جو 20 سالن کان صدر پڻ رهيو آهي.