مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

محمد حنيف سومرو

محمد حنيف سومري جو 2 آڪٽوبر 1965ع تي موري ۾ چاچي محمد صفر سومري جي گهر ۾ جنم ٿيو. پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري هاءِ اسڪول موري ۾ ڇھين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ۽ اتان 1981ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر سائنس (PE)1983ع ۾ مھراڻ ڊگري ڪاليج مان ڏنائين. BA جو امتحان ڪاليج سائيڊ کان 1987ع ۾ شاھہ لطيف يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. جڏهن تہ ساڳي يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ ڪينڊيڊيٽ طور ماسٽرس ايڪنامڪس ۾ 1998ع ۾ ڪيائين. ايل ايل بي نوشھرو فيروز ڪاليج (شاھہ لطيف يونيورسٽي) مان 2021ع ۾ پاس ڪري، ڪراچيءَ ۾ محترم نذير احمد خشڪ وڪيل وٽ پريئڪٽس ڪيائين.
محمد حنيف سومري، ذاتي ڪاروبار کي ترجيح ڏني ۽ پنھنجي ڪاروبار کي لڳي ويو. پاڻ قومي ورڪر رهيو آهي ۽ عوامي تحريڪ مورو ۾ سرگرم رهيو آهي. وڪالت پاس ڪرڻ کان پوءِ هن جو شوق وڪالت طرف ٿيو ۽ پاڻ ڪراچيءَ ۾ ئي 2010ع کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ اڄ تائين وڪالت ڪري رهيو آهي. هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ جو وڪيل آهي. جيئن تہ پاڻ قومي ڪارڪن رهيو آهي ان دوران سندس سماجي ڪمن ڪارين طرف دلچسپي هئي. پاڻ 31 ڊسمبر 1989ع ۾ ”سگا“ موري جو ميمبر ٿيو ۽ فلاحي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو آهي. محمد حنيف 99-1998ع ۾ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. جنھن کان پوءِ 02-2000ع ۾ پڻ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. 06-2004ع ۾ محمد حنيف سومري کي ”سگا“ موري شاخ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو جڏهن تہ صدر محترم غلام رضا ميمڻ هو. ان کان علاوہ 09-2006ع ۾ پڻ هي موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. سندس جنرل سيڪريٽري واري دؤر ۾ مورو شاخ چمڙي جي ڪئمپ، ميڊيڪل ڪئمپ ۽ ٻِيا پروگرام ڪرايا.