مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

عبدالمجيد ميمڻ

مخلص سماجي ورڪر، محترم عبدالمجيد ميمڻ، موري شھر ۾ دڙي واري مسجد ڀرسان، 21 اپريل 1951ع تي، محمد رمضان ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حاجي محمد رمضان جا وڏا پراڻي کاهي ممن (تعلقي ڀريا) جا ويٺل هئا، جتان محمد رمضان، ڪوڙو ميمڻ (نظر حسين ميمڻ جو والد) ۽ غفورميمڻ، بصرالدين ميمڻ (نصير ميمڻ جو والد) ۽ موليڏنو ميمڻ، ورهاڱي کان اڳ موري لڏي آيا. محمد رمضان پنھنجن عزيزن جيڪي دڙي واري مسجد لڳ (لوهر محلا/ ميمڻ محله) ويٺل هئا اتي اچي رهيو. جڏهن تہ ٻيا پنھنجي عزيزن وٽ جامع مسجد لڳ ميمڻ محله اچي ويٺا.
عبدالمجيد ميمڻ، پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول موري مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول موري مان 1968ع ۾ ڏنائين. جڏهن تہ انٽر، ”آرٽس ڪاليج موري“ مان 1970ع ۾ ڪيائين. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ هن پنھنجي ڀاءُ محترم الھه رکئي ميمڻ، جنھن جو شاهي بازار ۾ ريزڪي دوڪان هو، جو هٿ ونڊايو. محترم عبدالمجيد جي طبيعت جوانيءَ کان وٺي سماجي ڪمن ڪارين طرف راغب هئي. پاڻ موري شھر جي دڪاندارن لاءِ مرچنٽس ايسوسيئيشن ٺھرايائين، جنھن جا سڀئي دوڪاندار، مختلف ڌنڌن وارا ميمبر ٿيا. انھن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ڪم ڪيائين. پاڻ ان جو جنرل سيڪريٽري هو ۽ فقير لعل بخش ميمڻ ان جو صدر هو. ان کان علاوہ ”ميمڻ جماعت موري“ جو پڻ جنرل سيڪريٽري هو. عبدالمجيد ميمڻ اڳتي هلي جتوئي مارڪيٽ ۾ بوٽ هائوس کولي پنھنجو ڪاروبار ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ مين روڊ مورو تي، پرائمري مين اسڪول ڀرسان ”انگلش بوٽ هائوس“ جي نالي سان، بوٽن جو دوڪان کوليائين.
1985ع ۾ غير جماعتي بنياد تي BD اليڪشن ملڪ ۾ ڪرايون ويون تہ عبدالمجيد ميمڻ موري ۾ اليڪشن ۾ بيٺو ۽ ان ۾ کٽيائين. ان دوران هن پنھنجي وارڊ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، جيئن سرن جا روڊ وغيرہ ٺھرايا. سندس جيڪو يادگار ڪم آهي تہ هن ڪائونسلر دوران ڪائونسل کان ”روشن تارا ڪي جي اسڪول“ موري لاءِ عوامي پارڪ وارو پلاٽ منظور ڪرائي ۽ پاس ڪرايو ۽ اهڙي لکت ڪائونسل جي ورتي. اڄ انھيءَ پلاٽ تي مذڪوره اسڪول جي بلڊنگ ٺھيل آهي.
عبدالمجيد ميمڻ، 1980ع ڌاري ”سگا“ موري شاخ جو ميمبر ٿيو سال 1985ع جي باڊيءَ ۾ ”ثقافتي ڪاميٽيءَ جو ميمبر“ ۽ 89ــ 1988ع ۾ موري شاخ جو صدر چونڊيو ويو. ان کان علاوہ سال 91-1990ع ۾ مالي ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. پاڻ شروع کان وٺي ايڪٽو سماجي ڪارڪن هو، پاڻ جڏهن شاخ جو صدر هو تہ ٻوڏ دوران پرائمري اسڪول موري ۾ ڪئمپ لڳل هئي، جنھن ۾ ڪچي کان متاثرين اچي رهيا هئا جن کي ”سگا“ موري پاران راشن ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان پھچايو ويندو هو. مرحوم سائين عبدالحق ميمڻ جي زيرنگراني انھيءَ ڪئمپ ۾ ماڻھن کي راشن ۽ ٻيو سامان ڊسيپلين سان پھچايو ويندو هو. محترم عبدالمجيد جي صدارت واري دؤر ۾ ”سگا“ موري جي لائبريريءَ ۾ هڪ ڪلارڪ 200 روپيا ماهوار پگهار تي رکيو ويو، جيڪو روزانو شام جو لائبريري کوليندو هو. هن دؤر ۾ موري شھر ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ مفت طبي ڪئمپون لڳايون ويون. هن ئي دؤر ۾ ”سگا“ سنڌ جي شاخن جي ”سنڌ ڪائونسل جو اجلاس“، 28 سيپٽمبر 1988ع تي مھراڻ ڪلب موري ۾ ٿيو، جنھن ۾ سنڌ مان ”سگا“ جي مختلف شاخن جي عيوضن شرڪت ڪئي. موري شاخ پاران انھن جي منجهند جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو. نومبر 1988ع ۾ ”بين الاقوامي سچل ڪانگريس“ جو هڪ وفد موري پھتو، تہ مھمانن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ مورو سٽيزن ڪلب ۾ مھمانن کي پُرتڪلف آجياڻو ڏنو ويو.
عبدالمجيد ميمڻ، جي روڊ واري دڪان تي ماڻھن جي رش هوندي هئي هُو انھن جي مسئلن حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ان وقت جو SDM مورو محترم بدرالدين اڄڻ جو، سندس سان گهرو تعلق هو ۽ اڪثر سندس دوڪان (انگلش بوٽ هائوس) جيڪو مين روڊ تي هو، اتي ايندو هو ۽ اتي اچي ويھندو هو، ان ڪري عام ماڻھو ڪم ڪار جي حوالي سان، سندس وٽ ايندا ويندا هئا ۽ هو ڪوشش ڪندو هو تہ انھن جا مسئلا حل ٿين. ”مھراڻ ڪلچر سوسائٽي مورو“ جنھن جو سرپرست بدرالدين اڄڻ صاحب هو ۽ ان جو صدر سائين محمد نوح ميمڻ هو جڏهن تہ ان جو جنرل سيڪريٽري سائين پروفيسر نذير احمد قاضي هو. عبدالمجيد ميمڻ ان جو خزانچي هو. ان سوسائٽيءَ پاران سائين محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جو ڪتاب ”مورو ناهي ٿورو“ ڇپايو ويو. عبدالمجيد ميمڻ، موري جي هڪ ٻي سماجي تنظيم جنھن پڻ پنھنجي وت ۽ وس آهر بھترين سماجي ڪم ڪيا، ”مورو فلاحي ڪاميٽيءَ“ جو پڻ جوائنٽ سيڪريٽري هو، جڏهن تہ ان جو صدر فقير لعل بخش ميمڻ هو. موري ۾ هڪ دردناڪ ٽرين حادثو ٿيو، جنھن ۾ تمام گهڻا ماڻھو شھيد ۽ زخمي ٿيا، جنھن ۾ سائين عبدالحق ميمڻ سان گڏ عبدالمجيد ميمڻ جي خدمتن کي ڪڏهن بہ فراموش ڪري نہ ٿو سگهجي. پاڻ ميمڻ جماعت موري جو بہ جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. فقير غلام الرسول ميمڻ، عظيم سنڌي ۽ غلام الرسول ماڪاڻي ميمڻ، سندس ڪلاس فيلوز هئا. محترم عظيم سنڌي جي چوڻ مطابق عبدالمجيد ڇھين کان اٺين درجي تائين اسان جي ڪلاس جو مانيٽر هو ۽ سندس هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو.
عبدالمجيد ميمڻ کي اولاد ۾ چار فرزند انجنيئر عبدالوحيد، ڪامران احمد، انجنيئر جنيد احمد ۽ عبدالقادر ۽ ٽي نياڻيون آهن. بيماريءَ سبب پاڻ 31 جنوري 1999ع/ 13 شوال 1419ھہ ۾، ننڍي وهيءَ ۾ 48 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين ۽ موري ۾ خليفي سائين جي مقام ۾ مدفن آهي.