مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

فقير عبدالجبار ميمڻ

عبدالجبار ميمڻ 4 اپريل 1956ع ڌاري موري ۾ محترم عبداللھ ميمڻ جي گهر جنم ورتو. ھن پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول موري مان پاس ڪرڻ بعد ميٽرڪ موري ھاء اسڪول ۽ انٽر ۽ بي اي مھراڻ ڊگري ڪاليج موري مان ڏني اٿائين. عبدالجبار نوڪري ڪرڻ بدران ڪاروبار کي ترجيح ڏني موري ۾ پنھنجو ڪتابن جو دوڪان کوليائين. ان سان گڏوگڏ پاڻ سئي سدرن گيس ڪمپني موري ۾ ٺيڪداري پڻ ڪيائين. پاڻ ”سگا“ شاخ جو پراڻو ميمبر آھي. ھيء موري شاخ جو 1985ع ۽ 87_1986ع ۾ نائب صدر رھيو آھي ان سان گڏوگڏ 2004-2006ع، 2000-2002ع، 1993- 1992ع، 1990-1991ع، 2006-2009ع ۽ 2009-2012ع ۾ ”سگا“ موري جو خزانچي رھيو آھي. ان کان علاوہ 2002_2004ع ۾ شاخ جو صدر پڻ رھيو آھي. کيس اولاد ۾ ٽي فرزند عبدالشڪور غلام شبير ۽ عبدالرسول آھن. فقير عبدالجبار اڄڪلھه ڪراچي ۾ رھائش پذير آھي.