مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

بھترين ورڪر، متحرڪ سماجي اڳواڻ محمد اياز ”راڻو“ ميمڻ

موري جي مردم خيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ کاهوڙي، متحرڪ، سماج سڌارڪ محترم محمد اياز راڻو ميمڻ، موري شھر جي قديم محلي قاضي محلا (موجودہ ميمڻ محلا) جي ”گاگن جي ويڙهي“ ۾، چاچي محمد حسين ميمڻ جي گهر ۾ ٽين مئي 1960ع تي اک کولي. پرائمري تعليم، پرائمري اسڪول سيد احمد شاھہ مان حاصل ڪري، ڇھين درجي لاءِ مورو هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. جتان اٺ درجا پاس ڪري، نائين ڪلاس ۾ ڪراچي جي مشھور قديمي اداري NGV هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. جتان 1977ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر جو امتحان مھراڻ ڪاليج مورو مان 1979ع ۾ ڏنائين ۽ 1982ع ۾ بي اي جو امتحان (مصطفيٰ اوورينٽل ڊگري ڪاليج نوان جتوئي مان) شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. محمد اياز، ٻہ سال 80ـــ 1979ع ۾ النور شگر مل شاهپور جهانيان جي ڪين ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪرڻ بعد 1980ع کان ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استاد (SLT) مقرر ٿيو ۽ 1992ع تائين اتي رهيو.
محمد اياز راڻو، شاگرديءَ واري زماني ۾ سپاف موري جو آفيس سيڪريٽري ۽ انفرميشن سيڪريٽري رهيو ۽ بعد ۾ ڪراچي شفٽ دوران P.S.F ڪراچي جو نائب صدر پڻ رهيو، ڪراچيءَ ۾ پي ٽي وي جي سنڌي پروگرام ”پرک“، هفتيوار پروگرام ”ڪچھري“ ۽ ”اوطاق“ ۾ پڻ ڪم ڪيو. اياز ميمڻ سنڌ جي تاريخي درسگاھہ NGV اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جو، ڇھن سالن تائين جنرل سيڪريٽري رهيو. جڏهن تہ نامور اديب، انقلابي شاعر ۽ ڏاهو محترم شمشير الحيدري ان تنظيم جو صدر هو. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان اياز، ڪيترائي پروگرام ڪرايا.
محمد اياز ميمڻ، سماجي خدمتن جي شروعات ننڍي هوندي کان موري کان ڪئي، 1980ع ۾ موري ۾ لڳندڙ جتوئي صاحبن پاران مفت اکين جي ڪئمپ ۾ هن ورڪر جي حيثيت سان خدمت ڪئي ۽ کيس ڊاڪٽر نصرﷲ قريشي هٿان بھترين ڪارڪن جو سرٽيفڪيٽ مليو. 1992ع ۾ موري ۾ شفٽنگ دوران، ”سگا“ شاخ موري جو ميمبر ٿيو ۽ سماجي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. محمد اياز، ”سگا“ موري شاخ جو 95-1994ع ۾ خزانچي چونڊجي ويو ان بعد 97-1996ع ۾ شاخ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. هن ”سگا“ موري ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ خزانچي جي حيثيت سان يو بي ايل جو اڪائونٽ مينٽين ڪيو، ميمبرن کان چندا وصول ڪري برانچ جي مالي پوزيشن مضبوط ڪئي. هن جي جنرل سيڪريٽريءَ واري دؤر ۾ موري شاخ جو مورال بلند ٿيو، ڪافي پروگرام ٿيا جن ۾ ’جمعا ڪلينڪ‘ (مناهي) ريگيولر هلي، ’شيخ اياز جو ڏهاڙو‘، ’استاد بخاريءَ جي ورسي‘، ڀٽائيءَ سرڪار جي عرس مبارڪ تي ٽي ڏينھن ميڊيڪل ڪئمپ، چمڙيءَ جي بيماري جي مفت ڪئمپ، ايڊز جي عالمي ڏينھن تي ايڊز تي ليڪچر پرگرام وغيرہ. سندس جنرل سيڪريٽري دوران ”سگا“ آفيس مورو ۽ لائبريري ورزانہ کلڻ لڳي، لائبريريءَ ۾ ڪتابن جو اضافو ٿيو. نئين ميمبرشپ وڌ ۾ وڌ ٿي، پنج وليج ڪميونٽي اسڪول نياڻين لاءِ قائم ٿيا، مرڪزي عھديدارن مورو شاخ وزٽ ڪئي وغيرہ. ”ميرپورخاص واري مرڪزي ڪنوينشن“ ۾ محمد اياز، موري مان قلندر لعل شھباز گروپ جا اسڪائوٽس ساڻ وٺي ويو جن اتي انتظام سنڀاليو.
محمد اياز راڻو ميمڻ، 1997ع ۾ موري کان ڪراچي شفٽ ٿيو ۽ چارج موري شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري نظر حسين ميمڻ حوالي ڪيائين. ڪراچيءَ رهڻ دوران هن پنھنجي ميمبر شپ شفٽ ڪرائي، ڪراچي شاخ جو ميمبر ٿيو. پاڻ ڪراچي شاخ جو ٻہ ڀيرا متحرڪ جنرل سيڪريٽري 2006-2004ع ۽ 2015-2012ع ۾ رهيو آهي. هن پنھنجي انھيءَ ٽينوئر دوران ”سراج الحق ميمڻ تي رفرنس“، ”پروفيسر مظھر ميمڻ جي 13هين ورسي“، ”خان محمد پنھور جي 14هين ورسي“، ”شمشير الحيدري تي تعزيتي رفرنس“ ۽ پروفيسر اعجاز قريشي جي ڪتاب ”ون يونٽ“ جي مھورت جھڙا بھترين ۽ شاندار پروگرم ڪيا.
محمد اياز راڻي ميمڻ کي ڪيترائي ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون مليل آهن جن ۾ ”مڃتا ايوارڊ“، بين الاقوامي سچل ڪانگريس (سگا مرڪز)، شاھہ سچل سامي انٽرنيشنل ڪانفرنس 2005-2004ع ۾ ”بھترين ڪارڪردگي ايوارڊ“ (سگا مرڪز پاران)، انسٽيٽوٽ آف ايٿڪس اينڊ ليڪچر پاران 2006ع ۾ “Peace Award”، ڪراچي شاخ پاران ”بيسٽ ورڪر ايوارڊ“، ”ايڪسينلنس ايوارڊ“ 2009ع، ”سگا“ مرڪز پاران 13-2012ع ۾ ”آئوٽ اسٽينڊنگ پرفارمنس ايوارڊ “ (جنرل سيڪريٽري ڪراچي شاخ جي حيثيت سان) اچي وڃن ٿا. محمد اياز ميمڻ، هڪ مخلص ۽ سچو ڪارڪن آهي، جنھن سچائي ۽ جذبي سان ”سگا“ ۾ رهندي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي خدمت ڪئي آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.