پروفيسر واحد بخش شيخ
سائين واحد بخش شيخ 1966ع کان مختلف هاءِ اسڪولن ۾ HST طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جتان اڳتي هلي 1976ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. سعيد پور (ٽنڊو محمد خان) هالا، نواب شاھہ، نوشھرو فيروز ۽ مھراڻ ڪاليج ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏيندي 28 فيبروري 1998ع تي مھراڻ ڊگري ڪاليج موري مان رٽائر ڪيائين.
سائين واحد بخش شيخ، بھترين سماج سڌارڪ رهيو آهي، پاڻ آرٽس ڪاليج موري جي بنياد وجهندڙ مان هڪ آهي، ”روشن تارا ڪي جي اسڪول“ جي قائم ڪندڙن ۾ سائين شيخ صاحب پڻ شامل رهيو آهي. پاڻ ”سگا“ موري شاخ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ سندن ميمبر شپ نمبر 40 آهي. سائين واحد بخش شيخ ”سگا“ موري جي ”تعليمي سب ڪاميٽيءَ جو“ سال 1978ع ۾ ميمبر رهيو آهي، جڏهن پاڻ 82-1981ع ۾ موري شاخ جو صدر پڻ رهيو. سندن دؤر ۾ شاخ جو بھترين ۽ شاندار ڪم ٿيو، موري شھر ۾ صحت جون ڪئمپون لڳرايون ۽ پراڻي گچيري، لغاري بجراڻي ۽ ملو اسماعيل ٻگهيو، ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جون شاخون قائم ڪرائڻ سان گڏوگڏ ان دؤر ۾ ”سگا“ پاران تعليمي تقريري مقابلا، چٽا ڀيٽي، مقابلا ۽ مضمون لکڻ جا مقابلا پرائمري کان ڪاليج ليول تائين ٿيا. ان کان علاوہ ثقافتي پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويا. 1983ع ۾ موري ۾ ”سگا“ جي سالياني ڪنوينشن ۾ سائين واحد بخش شيخ صاحب تمام گهڻو ايڪٽو رول ادا ڪيو ۽ ڪنوينشن منعقد ڪرڻ لاءِ جيڪي مختلف ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيو ويون هيون انھن مان ڪيترن ئي ڪاميٽين جو پاڻ ميمبر رهيو. سال 1983ع ۾ سائين واحد بخش شيخ ’ميمبر ڪاروباري ڪاميٽيءَ‘ سان گڏوگڏ ’طبي ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر‘ پڻ رهيو آهي.
سائين واحد بخش شيخ، 1983ع ۾ ”سگا“ جي ”مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر“ پڻ رهيو آهي. پاڻ آفيسرس ڪلب موري جو ميمبر پڻ هو. ان سان گڏوگڏ سائين واحد بخش، ’مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي‘ موري جو ڪيترن ئي سالن تائين عھديدار رهيو. سائين شيخ صاحب ”مھراڻ ڪلچر سوسائٽي“ مورو جي ڪاروباريءَ ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر هو. پروفيسر واحد بخش شيخ، 16 آڪٽوبر 2009ع مطابق 26 شوال 1413ھہ تي موري ۾ وفات ڪئي ۽ خليفي صاحب جي مقام ۾ پنھنجي وڏڙن سان گڏ مدفن آهي.
