نظر حسين ميمڻ
نظر حسين حسين، ”سگا“ موري جو 1983ع ۾ ميمبر ٿيو. ”سگا“ جي کاهوڙي ساٿين ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، عظيم سنڌي ۽ سائين واحد بخش شيخ جي سماجي ڪمن کان متاثر ٿي ”سگا“ ۾ شامل ٿيو. نظر حسين ميمڻ 1994ع کان اڄ ڏينھن تائين موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر، 97-1996ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري، 99-1998ع، 06-2004ع، 09-2006ع، 15-2012ع ۽ 18 ـــ 2015ع ۾ موري شاخ جو نائب صدر رهيو آهي. 02-2000ع ۾ نذر حسين، موري برانچ جو صدر پڻ رهيو آهي. جنھن دوران هن جمعا ڪلينڪ کي فعال رکڻ، ميڊيڪل ڪئمپن ۽ چمڙي جي بيمارين جي مفت ڪئمپن جي نگراني ڪرڻ کان علاوہ موري شاخ پاران ٿيندڙ فلاحي ڪمن ۾ اول دستي جو رول ادا ڪيو آهي، نظر حسين جي صدر رهڻ واري دؤر ۾ شاخ تمام گهڻو سرگرم رهي ۽ ڪيترا ئي پروگرام ۽ فنڪشن ڪيا. نذر حسين کي ”سگا“ مرڪز پاران بھترين ڪارڪردگيءَ جي سلسلي ۾ 1995ع ۾ ”سلور ايوارڊ“ لاءِ نامزد ڪيو ويو، جيڪو 14 آڪٽوبر 1996ع ۾، آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ کيس ڏنو ويو. جڏهن تہ 2017ع ۾ سندس برانچ ۾ڪيل صحت ۽ سماجي خدمتن عيوض کيس مرڪز پاران ”گريجوئيشن شيلڊ“ پڻ ڏني وئي. هن وقت بہ پاڻ سماجي ڪم ڪرڻ ۾ اڳي کان اڳرو آهي ۽ حاجي ڀليڏنو ويلفيئر ايسوسيئشن جي پليٽ فارم تان خيراتي ۽ فلاحي ڪم ڪري رهيو آهي.
