سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جو مختصر تعارف
ان سبب اھڙي ھڪ تنظيم جو وجود آڻڻ لاءِ 22 فيبروري 1971ع تي ڪيفي نيويارڪ صدر ڪراچي ۾ سڄاڻ ساٿين جو ھڪ جٿو ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، مراد علي جوڻيجو ۽ موري شھر سان تعلق رکندڙ سائين بخش عباسي گڏ ٿيا.
ان بعد وري 6 اپريل 1971ع تي ڪيفي نيويارڪ صدر ڪراچيءَ ۾ ھڪ وڳي اھي ساٿي ٻيھر گڏيا ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ”سگا“ ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ھي ڪم ڪار ھڪ سال تائين متاثر رھيو ان بعد ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون، جنگ لڳي، اوڀر پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش بڻيو ۽ ان کانپوءِ سنڌ ۾ ٻوليءَ جا فساد ٿيا، پر تنظيم ٺاھڻ جون ڪوششون تيز رھيون. آخر ڪار 4 جون 1972ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ مختيار مغل جي جڳھہ تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جون ساليانيون چونڊون ٿي گذريون، جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار چونڊيا ويا.
صدر: محمد بلال سيال، نائب صدر: شمشيرالحيدري، جنرل سيڪريٽري: ڊاڪٽر محمد سليمان سيال، جوائنٽ سيڪريٽري: سائين بخش عباسي، ماليات سيڪريٽري: بخش علي لاکو، انفرميشن سيڪريٽري محمد صالح شيخ.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کي 29 سيپٽمبر 1972ع تي رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز وٽ ايڪھٺ ايڪٽ تحت رجسٽرڊ ڪرايو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ اھو طئہ ڪيو ويو ھو تہ ھيٺين ڳالھين تحت ”سگا“ کي اڳتي وڌايو ويندو.
1. سنڌ جي نجات جو واحد وسيلو تعليم آھي.
2. ماڻھن ۾ جيستائين سماجي شعور پيدا نہ ٿيندو، ايستائين پنھنجا حق بہ نہ سمجهي سگهندا.
3. تعليم يافتہ ۽ گريجوئيٽ ھن تنظيم جا ميمبر ٿي سگهندا.
4. تعليم جي انھي معيار ۾ ڊاڪٽر، وڪيل، پروفيسر، اديب ۽ شاعر آھن. پئسو، سماجي حيثيت اثر رسوخ، ذھني علمي صلاحيتون يڪجاءِ ٿيڻ سان ھڪ اھڙي سماجي تحريڪ ھلائي سگهجي ٿي جو پڙھيلن وسيلي اڻ پڙھيلن جي خدمت ڪري سگهجي.
شروع ۾ ٺھڻ وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچيءَ تائين محدود ھئي ۽ اتان جي سماجي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي رھي. 14 جولاءِ 1974ع تي ”سگا“ جون سنڌ اندر شاخون قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آئين ۾ ترميم ۽ ڦيرڦار لاءِ ھڪ ٺھراءُ پاس ڪيو ويو تہ جيئن ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شھرن جي گريجوئيٽس درميان لاڳاپا شروع ڪري سگهجن. آئين ۾ ضروري ترميم کان پوءِ سڀ کان پھريائين حيدرآباد شاخ لاءِ ڪوششون ورتيو ويون. ان کانپوءِ ھالا ۽ بعد ۾ سيوھڻ جون شاخون قائم ٿيون.
موري شاخ لاءِ مرڪز ڪوشش ورتي، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب حيدرآباد شاخ جي جنرل سيڪريٽري محترم خان محمد پنھور کي اسائنمينٽ ڏني جنھن موري اچي سائين پروفيسر سيد علي بخش شاھہ ۽ سائين پروفيسر نذير احمد قاضي سان ملاقات ڪري موري ۾ ”سگا“ جي شاخ قائم ڪرڻ لاءِ ڪچھري ڪئي. ان بعد محترم خان محمد پنھور صاحب پنھنجي دوست محترم محمد خان سومري سان ملاقات ڪري ان کي موري شاخ جو ڪنوينر بنجڻ تي راضي ڪيو. ان بعد ”سگا“ جي PECH سوسائٽي ڪراچيءَ جي آفيس مان ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جي صحيح سان ھڪ ليٽر، 21 جنوري 1976ع تي جاري ڪيو ويو، جنھن ۾ موري شاخ جو ڪنوينر محترم محمد خان سومري کي مقرر ڪري، کيس چيو ويو تہ پاڻ ميمبرشپ ڪري. ان بعد شاخ جون چونڊون ڪرائي، مرڪز کي اطلاع ڪري. مرڪز پاران موري شاخ کي رجسٽرڊ ڪوڊ 05 جاري ڪيو ويو.
محترم محمد خان سومري پنھنجي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان ”سگا“ موري جي ميمبرشپ ڪرڻ شروع ڪئي. جيئن تہ پاڻ بينڪر ھو ۽ سندس دوستي جو حلقو وسيع ھو، ان ڪري ھن ٿوري عرصي اندر 60 کان مٿي ميمبر ڪيا، جن ۾ اڪثريت بينڪرس جي ھئي. ان کان علاوہ ٻيا پروفيسر، ڊاڪٽر، آفيسر ۽ شھري شامل ھئا. ان وچ ۾ محترم محمد خان سومري سان ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جو مسلسل رابطو رھيو. ڊاڪٽر صاحب ھڪ دفعو سندس بينڪ ۾ شاھپور جهانيان جتي سندس پوسٽنگ ھئي ۽ ھڪ دفعو موري ملڻ آيو. آخرڪار سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ جون چونڊون 28 مارچ 1976ع تي آچر ڏينھن، ميونسپل ھال موري ۾ سائين محترم محمد سليمان سومري (شھيد عبدالرزاق سومري جو والد محترم) جي صدارت ۾ ٿيون، جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار چونڊيا ويا:
صدر: محترم محمد ايوب وينجهر ايڊووڪيٽ، نائب صدر: محترم محمد اسحاق چنا (ان وقت موري جو مختيارڪار)، جنرل سيڪريٽري: محترم محمد خان سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري: پروفيسر نذير احمد قاضي، خزانچي: محترم رحيم بخش ميمڻ ۽ اطلاعات سيڪريٽري: محترم عبدالعظيم المعروف عظيم سنڌي چونڊيا ويا. جڏھن تہ ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي محترم صلاح الدين پنھور، پروفيسر شفيع محمد ميمڻ، محترم گل حسن ڪانڌڙو، محترم غلام الرسول سُرھيو ۽ محترم عبدالقادر ابڙو انجنيئر کنيا ويا.
”سگا“ موري جي باڊي جي قسم کڻڻ جي تقريب، 11 اپريل 1976ع تي ”سگا“ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جي صدارت ھيٺ ٿي. ڊاڪٽر شيخ صاحب نون چونڊيل عھديدارن کان قسم کڻايو. ان تقريب ۾ حيدرآباد شاخ جي جنرل سيڪريٽري محترم خان محمد پنھور، حيدرآباد شاخ جي تعليمي ڪاميٽيءَ جي چيئرمين محترم ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ پڻ شرڪت ڪئي.
21 اپريل 1976ع تي موري شاخ جي جنرل سيڪريٽري محترم محمد خان سومري ليٽر ذريعي ”سگا“ مرڪز کي چونڊ جي ڪارروائي موڪلي اطلاع ڏنو. ائين ”سگا“ موري جو قافلو روان دوان ٿيو. ”سگا“ موري شاخ 1976ع کان وٺي ھن وقت (2025ع) تائين بھترين ڪم ۽ پنھنجن ماروئڙن جي خدمت ڪري رھي آھي، جنھن جو تمام مختصر نموني ھيٺ ڪجهہ ذڪر ڪجي ٿو:
1977ع ۾ موري شاخ پاران ”مھراڻ ايڊيوڪيشنل سوسائٽي“ ٺاھي ويئي، جنھن پاران موري ۾ ڪندر گارڊن اسڪول ”مھراڻ ڪي. جي. اسڪول“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو، هن وقت روشن تارا اسڪول مورو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو ان وقت صرف سنڌ جي وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شايد نواب شاھہ ۾ ھو. ان کانسواءِ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ نہ ھو.
1978ع ۾ موري شھر سان گڏ ڏکڻ ۾ ”ڳوٺ شادي خان ڍلو“ ۾ پرائمري اسڪول جي لاءِ ٻہ ڪمرا 16’x12’ جا تعمير ڪرايا ويا ۽ ان اسڪول کي چار پنکا پڻ ڊونيٽ ڪياويا.
1978ع ۾ پنجن پرائمري اسڪولن کي ٻہ ٻہ پنکا ڪل ڏھہ پنکا ڊونيٽ ڪيا ويا.
1979ع ۾ پرائمري اسڪولن کي 15 واٽر ڪولر ڏنا ويا.
1979ع کي دنيا ۾ ٻارڙن جو سال ڊڪليئر ڪيو ويو تہ ”سگا“ مرڪز طرفان ھن سال کي ”سنڌي ٻارڙن جو تعليمي سال“ ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ موري شاخ پاران ”25 مئي تي ھڪ يادگار ۽ شاندار پروگرام“ ڪيو ويو.
7 سيپٽمبر 1979ع تي موري ۾ ”سگا“ شاخ موري جي ميزبانيءَ ۾ ”نواب شاھہ ضلعي جي ”سگا“ برانچن جو ضلعي ڪنوينشن“ ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ مرڪزي عھديدار ن پڻ شرڪت ڪئي.
نومبر 1979ع ۾ ”شاھہ لطيف لائبريري ۽ ريڊنگ روم“ قائم ڪيو ويو.
1979ع ۾ موري شھر جي مختلف پرائمري اسڪولن کي ”سگا“ پاران ھڪ سؤ بئنچون ٺھرائي ڏنيون ويون.
1979ع ۾ ”سگا“ موري پاران ”مھراڻ ڪاليج موري“ جي ھاسٽل لاءِ ڪوششون ورتيون ويون ۽ 33 لکن جي لاڳت سان ھاسٽل تعمير ٿي. هن وقت بحريہ اسڪول هلندڙ آهي.
انھيءَ سال ”ٽيچرس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ فار وومين“ واري اسڪيم ”سگا“ پاران مرڪز جي تعاون ۽ وفاقي سرڪار جي تعاون سان خصوصي طور سائين فضل ﷲ قريشي جن جي ساٿ سان 53 لکن جي لاڳت سان تعمير ٿي. پلاٽ ”سگا“ موري پاران ھٿ ڪري ڏنو ويو. جنھن کي هاڻ ٽريننگ ڪاليج وومين سڏيو وڃي ٿو ۽ درس روڊ تي واقع آهي.
1980ع کي ”سگا“ مرڪز پاران ”صحت جو سال“ ڪري ملھايو ويو، تہ ان سلسلي ۾ موري شاخ پاران ”ڊرگ بينڪ“ قائم ڪئي وئي، جنھن پاران غريبن، مسڪينن، ضرورتمندن ۽ بيمارن کي دوائون فراھم ڪيون ويون.
1980ع ۾ ”سگا“ جي پليٽ فارم تان ’گرلس پرائمري اسڪول‘ جي بلڊنگ لاءِ ڪوشش ورتي ويئي. اسڪول جي لاءِ پلاٽ، ”سگا“ موري شاخ پاران ھٿ ڪري ڏنو ويو ۽ اسڪول جي خوبصورت بلڊنگ ٺھي ملي.
1981ع کي ”سگا“ مرڪز پاران ”ساھت سال“ ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو تہ موري شاخ دوڙ ڀرسان سنڌ جي وڏي عالم مخدوم ابوالحسن ڏاھريءَ جي مزار تي چادر چاڙھي ’ساھت سال‘ جو آغاز ڪيو.
1982ع سال کي مرڪز ”ڳوٺ سڌار سال“ ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو تہ ”سگا“ موري شاخ پاران ٻن ڳوٺن ”ملو اسماعيل ٻگهيو“ ۽ ”گچيرو پراڻي“ ۾ ڳوٺ سڌار سنگتون قائم ڪيون ويون. ان کان علاوہ ڳوٺ ”ماڙي“ ۾ پڻ ڳوٺ سڌار سنگت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
سال 1982ع ۾، 5 نومبر تي دادو ــ مورو پُل ٺھڻ جي خوشيءَ ۾ موري شاخ پاران ”دادو ــ مورو ڳانڍاپو“ پروگرام ترتيب ڏنو ويو، جنھن ۾ دادو شاخ جا عھديدار، ميمبر ۽ اديب قافلي جي صورت ۾ استاد بخاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ دادو ــ مورو پُل تي پھتا، جتي ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين کين کِلي کِيڪاريو ۽ گڏجي درياءَ تي ڳاڙھن گلن جي ورکا ڪئي، جنھن بعد سڀ ساٿي موري پھتا، جتي استاد بخاري جي صدارت ھيٺ ھڪ شاندار پروگرام منعقد ٿيو، جنھن ۾ تقريرون ۽ مشاعرو ٿيو.
1983ع ۾ شاخ پاران ’شاھہ لطيف لائبريري‘ قائم ڪئي ويئي، جنھن جو افتتاح 21 مارچ تي موري جي اسسٽنٽ ڪمشنر محترم مبارڪ ھنڱورجي ڪيو.
سال 84 ــ 1983ع ۾، ”سگا“ موري پاران فري ڪنسلٽيشن/ ٽريٽمينٽ سينٽر ”سگا“ موري جي آفيس سان گڏ مليل ڪمري ۾ هلايو ويو، جنھن ۾ هر روز شام جو 2 ڪلاڪ ڊاڪٽر بندہ علي ٻرڙو شھيد مفت مريضن کي تپاسيندو هو.
1983ع ۾ ”سگا“ ’مرڪز جو ساليانو ستون ڪنوينشن‘ موري ۾ 14 ۽ 15 اپريل تي ٿي گذريو، جنھن ۾ ڪالا باغ ڊيم ٺھڻ خلاف يڪراءِ ٺھراءُ پاس ڪيو ويو.
سال 1985ع ۾ ”سگا“ موري شاخ جي ثقافتي ڪاميٽيءَ پاران ليڪچر پروگرام ڪرايا ويا.
1985ع ۾ 24 جون تي، ”سگا“ جو مرڪزي چيئرمين محترم بشير مورياڻي، ”سگا“ جو باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ”سگا“ جو سيڪريٽري جنرل محترم منير احمد چانڊيو وزٽ تي آيا، تہ انھن جي مان ۾ ”سگا“ موري شاخ پاران ھڪ ادبي گڏجاڻي رکي ويئي. جنھن ۾ موري جي اديبن شاعرن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي شاعري ٻڌائي. ان پروگرام ۾ مشھور اديب ڪھاڻيڪار سائين ناصر مورائي ۽ محترم خاڪي جويي پڻ شرڪت ڪئي.
1986ع ۾ 20 جون تي ”سگا“ موري پاران موري جي اوڀر ۾ ڳوٺ قمرالدين چانڊيو جي مڊل اسڪول ۾ ”مفت طبي ڪئمپ“ لڳائي وئي، جنھن مان هن ڳوٺ سان گڏوگڏ آس پاس جي ڳوٺن جي 300 کان مٿي مريضن فائدو حاصل ڪيو. هن ڪئمپ ۾ پنج ڊاڪٽرن ۾ هڪ ليڊي ڊاڪٽر پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
1988ع ۾ 15 سيپٽمبر تي مين اسڪول موري ۾ ”مفت طبي ڪئمپ“ لڳائي وئي جنھن ۾ مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون.
”سگا“ آفيس مورو نزد ميونسپل ڪاميٽي مورو 1988ع ۾ 23 سيپٽمبر تي ”مھراڻ ڪلب“ موري ۾، ”سگا“ جي ”سنڌ ڪائونسل جو اجلاس“ منعقد ٿيو، جنھن ۾ مرڪزي عھديدارن سان گڏ ”سگا“ سنڌ جي شاخن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
نومبر 1989ع ۾ ”سگا“ مرڪز پاران ”سچل بين الاقوامي ڪانگريس“ ٿي، جنھن کانپوءِ ڪانگريس ۾ شامل ھندوستان جي اديبن جو وفد سنڌ جي دوري دوران موري پڻ آيو، جن جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو. ان بعد کين شاندار آجياڻو ڏنو ويو.
سال 1990ع کي ”سگا“ مرڪز، ”نوجوانن جو سال ملھائڻ“ جو رٿيو تہ موري ۾ پھرين آڪٽوبر تي ھڪ شاندار ثقافتي پروگرام ٿيو، جنھن جي صدارت غلام مرتضيٰ جتوئي ڪئي. جڏھن تہ مھمانِ خاص غازي صلاح الدين (تڏھوڪو آبپاشي وزير) هو، جڏهن تہ مھمان محترم محمد عالم بلوچ (تڏھوڪو سيڪريٽري آبپا شي کاتو حڪومت سنڌ) ھو.
سال 1991ع ۾ 11 جولاءِ تي ’مھراڻ سٽيزن ڪلب موري‘ ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ (CEC) جو اجلاس، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي صدارت ھيٺ ٿيو.
1994ع ۾ پھرين نومبر تي شھيد نياز مورائي بيڊمنٽن ٽورنامينٽ ڪرائي وئي، جنھن ۾ ضلعي نواب شاھہ جون ڪيترين ئي ٽيمن حصو ورتو.
1995ع ۾ ”سگا“ مرڪز 1995ع کي، ”ھنر سِکو ـــ روزگار حاصل ڪريو“ سال ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو تہ موري شاخ پاران بہ 11 مئي تي ھڪ شاندار ”فني تعليمي سيمينار، ھنر سکو روزگار حاصل ڪيو“ جي عنوان ھيٺ ڪينجهر ڪمرشل سينٽر مورو ۾ عبدالغفور ڪلھوڙي جي تعاون سان ڪرايو ويو. جنھن جي صدارت ان وقت جي صوبائي ٽرانسپورٽ وزير محترم عاقب جتوئي ڪئي، جڏھن تہ مھمانِ خاص ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن سنڌ محترم امام علي سومرو ۽ اعزازي مھمان محترم غلام النبي مورائي جنرل مئنيجر نيشنل ھاءِ وي ھئا.
1996ع جي جولاءِ مھيني ۾ شاھہ لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي ٽنھي ڏينھن تي ”سگا“ موري شاخ پاران مُفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي.
5 ڊسمبر 1996ع تي، ”ايڊز جي عالمي ڏينھن“ تي ”ايڊز ۽ پوليو خلاف ريلي/ واڪ“ ڪئي وئي.
1997ع جي جون مھيني ۾ لطيف سرڪار جي عرس مبارڪ تي ٽي ڏينھن مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي.
1998ع جي 24 مارچ تي، ”TB جي عالمي ڏينھن“ تي ’ٽي. بي خلاف عالمي جهاد ريلي/ واڪ‘ ڪئي وئي.
1999ع جي آڪٽوبر ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ”ايڪيھين صديءَ جون سماجي گهرجون ۽ ’سگا‘ جو ڪردار“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنو.
2000ع ۾ موري ۾ ”سگا“ جي ’ڪائونسل آف ميمبرس‘ (COM) جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ”سگا“ جي مختلف شاخن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
2009ع تي موري ۾ 14 کان 16 نومبر تي ٽي ڏينھن مرڪزي ساليانو ڪنوينشن ٿيو.
ان کان علاوہ ”سگا“ موري شاخ پاران مختلف وقتن تي موري شھر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ مفت طبي ڪئمپون ۽ موري ۾ اِسڪن ڪئمپ ھنيون وينديون ھيون.
”سگا“ موري شاخ پاران 16-2015ع کان اڄ تائين ھر سال ڪتابي ميلو لڳايو ويندو آھي، جيڪو اڳتي ھلي ٽي روزہ لڳندو آھي. جنھن ۾ ٽيئي ڏينھن ڪو نہ ڪو ايونٽ ڪيو ويندو ھو/ آھي، ڪتابي ميلو جيڪو اڄ ڏينھن تائين لڳايو وڃي ٿو.
2016ع کان اڄ ڏينھن 2025ع تائين ھر سال ’پروفيسر مظھرالدين ميمڻ‘ جي ياد ۾ مفت اِسڪن ڪئمپ ”سگا“ موري پاران لڳائي ويندي آھي، جنھن سندس فرزند ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ خدمتون سرانجام ڏيندو آهي.
ھر سال ”سگا“ موري پاران علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرام ڪرايا ويندا آھن، جن ۾ ”سگا“ ۾ رھندڙ مرڪزي عھديدارن ۽ موري شاخ جي کاھوڙي ۽ جاکوڙي ساٿين ۽ اديبن، شاعرن جا ڏھاڙا، ڪتابن جون مھورتون ۽ رھاڻيون وغيرہ شامل آھن.
2022ع ۾ برساتن ۽ ٻوڏ متاثرين جي ”سگا“ موري شاخ پاران ڀرپور مدد ڪئي ويئي، لکين روپين جو راشن ۽ امدادي سامان ترپالون، مڇردانيون ۽ ڪمبل متاثرين ۾ ورھايا ويا. ان کان علاوہ ٻوڏ ۽ برساتن کان پوءِ مختلف بيمارين منھن ڪڍيا، جنھن ڪري ”سگا“ موري شاخ پاران ڪچي جي علائقن ۽ متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون ھنيون ويون، جن ۾ مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون.
”سگا“ موري شاخ پاران موري تعلقي جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي وزٽ ڪئي وئي. ان دوران اسڪولن جي بلڊنگ جي خستا حالت، فرنيچر جي اڻھوند، استادن جي کوٽ، اسڪولن ۾ واش رومن جو نہ ھئڻ سان گڏوگڏ ٻين مسئلن جي نشاندھي ڪري لاڳاپيل عملدارن جھڙوڪ ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نوشھرو، ڊائريڪٽر پرائمري اسڪولس شھيد بينظير آباد ڊويزن، ڊويزنل محتسب اعليٰ نوشھرو فيروز سان گڏوگڏ سيڪريٽري تعليم کاتو سنڌ، وزير تعليم سنڌ کي انھن متعلق درخواستن ذريعي آگاھي ڏئي، مطالبو ڪيو ويو تہ جلد از جلد انھن اسڪولن جا مطالبا حل ڪيا وڃن. ان سان گڏوگڏ ”سگا“ موري شاخ جي صدر (پروفيسر شمشاد احمد سومري) پاڻ تعليم کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسرن ۽ تعلقا آفيسرن سان سندن آفيسن ۾ وڃي ملاقات ڪري، کين انھن مسئلن کان آگاھي ڏني.
هيءُ آهي ڪجهہ وچور ”سگا“ موري شاخ جي اهم سرگرمين جو، جيڪي شاخ پاران ڪيون ويون. اڄ بہ مورو شاخ متحرڪ آهي، جيڪا پنھنجون تعليمي، علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرميون جاري رکيو اچي.
