مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

تعليمدان، سماج سڌارڪ، عالم ۽ شاعر قاضي محمد علي ”اختر مورائي“

موري شھر جي گهڻ رخي شخصيت، علمي، ادبي خدمتن کان علاوہ سماجي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ بھترين استاد، انمول انسان، سائين قاضي محمد علي ”اختر مورائي“ جن، 8 جنوري 1927ع تي ميان عبدالڪريم سومري جي گهر اندر، پراڻي گچيري ۾ جنم ورتو. سائين محمد علي جن سومرن جي واصلاڻي پاڙي سان تعلق رکندا هئا، سندن خانداني شجرو ميان محمد واصل تائين هيٺين ريت آهي:
محمد علي پٽ عبدالڪريم پٽ محمد اسماعيل پٽ سدا جڙيو پٽ محمد واصل. ابتدائي تعليم گچيرو پراڻي مان حاصل ڪيائين. سنڌي ٻاراڻو ڪتاب سائين محمد سليمان مرحوم (شھيد عبدالرزاق سومري جي والد صاحب) وٽ پڙهيو. سنڌيءَ جي تعليم گچيري ۾ استاد پارومل ۽ سائين شفيع محمد وٽ پرايائين. فارسيءَ جو پھريون ڪتاب ”ڪريما سعدي“ پنھنجي والد محترم وٽ پڙهيو جيڪو بھترين عالم ۽ شاعر هو. جڏهن تہ ”چھل سبق“ پنھنجي ڀاءُ محمد اسماعيل وٽ پڙهيو. دادوءَ جي وڏي عالم مولوي محمد حسن سيالائيءَ جن وٽ ”گلستان ۽ بوستان“ جو ديباچو پڙهيو. سنڌي فائينل جو امتحان 43-1942ع ۾ ڏنائين. ان دوران علم عروض جو مطالعو ڪندي ۽ بحر وزن جي ڄاڻ حاصل ڪري شاعري شروع ڪيائين. پاڻ شاعري جي اصلاح حاجي محمود ”خادم“ لاڙڪاڻويءَ کان ورتائين.
سائين محمد علي ”اختر مورائي“، 1944ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. نوڪريءَ دوران آڪٽوبر 1958ع ۾ ’اديب فاضل‘ سنڌي، اردو، ’منشي فاضل‘ فارسي ۽ عربي ۾ ۽ ’عالم اديب‘ جي سند پڻ حاصل ڪيائين. سيپٽمبر 1965ع ۾ انٽر، آڪٽوبر 1970ع ۾ بي اي جو امتحان، 1973ع ۾ ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. جڏهن تہ ايم. اي. (فارسي) 1975ع ۾ پاس ڪيائين. قاضي صاحب جو 13 جنوري 1985ع ۾ HST طور پروموشن ٿيو ۽ موري هاءِ اسڪول ۾ جوائن ڪيائين، جتان 7 جنوري 1987ع تي رٽائر ڪيائين.
قاضي اختر مورائي،1951ع کان وٺي علمي توڙي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ قاضي عبدالوهاب ”عزيز مورائي“ (1915-1993ع) المعروف قاضي محمد دائود جي ساٿ سان 1959ع ۾ هڪ ادارو ”بزمِ سعيد“ جي نالي سان قائم ڪيائين. جنھن جي پليٽ فارم تان سالن جا سال هر مھيني طرحي ۽ غير طرحي سنڌي اردو مشاعرن جون محفلون سجايائين. ”بزمِ سعيد“ جو ناظم اعليٰ قاضي عبدالوهاب ”عزيز“ هوندو هو ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري ”اختر مورائي“ هو. جڏهن تہ بزم جو سرپرست محترم علي ڏنو پنھور (جيڪو ان وقت مختيارڪار مورو هو) هو. ”بزم سعيد“ کي اهو اعزاز حاصل آهي تہ هي موري جي سڀ کان پھرين ادبي تنظيم آهي جنھن پاران پھريون طرحي مشاعرو، 28 جون 1959ع تي، قاضي عبدالوهاب ”عزيز“ جي شفاخاني تي ٿيو جنھن جي مصر ع طرح هئي:
”گران هر چيز ٿي يا اڪثر، خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو“
هن بزِم سنڌ جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن کي ادبي ميدان ۾ نڪري نروار ٿيئڻ جو موقعو فراهم ڪيو. قاضي صاحب 1950ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جو سيڪريٽري هو. 1963ع ۾ وري قاضي صاحب ادبي سنگت موري جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، جنھن جو بنياد 26 اپريل 1963ع تي اديبن جي ميڙاڪي ۾ وڌو ويو هو، جنھن جي صدارت قاضي عبدالوهاب عزيز ڪئي، جنھن جو صدر قاضي محمد طيب هو ۽ خزانچي سائين پروفيسر نذير قاضي چونڊيا ويا. هن سنگت جون باقاعدگي سان پندرنھن وار گڏجاڻيون ٿينديون هيون.
سائين محمد علي ”اختر مورائي“، ان کان علاوہ ”بزم لطيف“ موري جو جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي (جڏهن تہ ان بزم جو صدر نور الدين قاضي هو ۽ آڪٽوبر 1964ع ۾ هن جو بنياد پيو) هو. جڏهن تہ ”ادارہ روحِ ادب مورو“، ”بزمِ عزيز ادب مورو“ ۽ ”ادارہ بھارِ ادب“ مورو سان سندس گهاٽي وابستگي پڻ هئي.
سائين محمد علي ”اختر مورائي“، هڪ بھترين افسانا نويس، مضمون نگار ۽ ناٽڪ نويس هو، 1950ع جي لڳ ڀڳ سندن افسانا ۽ مضمون سنڌ جي ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ ٽڙيل پکڙيل نظر اچن ٿا. ماهوار ”فردوس“ (هالا) پاران ڪرايل چٽا ڀيٽيءَ ۾ ”سائين اختر مورائي“ جي افساني کي پھريون نمبر قرار ڏنو ويو ۽ رسالي پاران رکيل انعام کين مليو، ”فردوس“ رسالي ۾ سندن ڪجهہ هي افسانا پڻ شايع ٿيل آهن، جيڪي ريسرچ دوران مون کي هٿ آيا. ”عجيب جرم جي عجيب سزا“ (مغلن جي تاريخ جو هڪ ورق) (اپريل 1953ع)، ”ڪيمياگر“ (افسانو جولاءِ 1954ع)، ”زهر جي شيشي“ (افسانو 1954ع)، ”صرف ٻہ طريقا“ (مضمون 1958ع). ”اختر مورائيءَ“ جا اڪثر مضمون ۽ افسانا ماهوار ”نئين زندگي“، ”فردوس“، ”ڳوٺ سڌار“، ”اخبار تعليم“ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ نظر اچن ٿا. سندس ڪيترائي لکيل ناٽڪ ”دودي چنيسر“ سميت موري شھر جي اسٽيج تي موري جي مشھور تعليمي ماهر ۽ استاد ۽ بھترين منتظم سائين محمد ڇتل سرهئي مرحوم جي هدايت ڪاريءَ هيٺ ٿيا، جيڪي تمام گهڻو مقبول رهيا. اختر صاحب ڊرامن جا تمام گهڻا اسڪرپٽ پڻ لکيا.
قاضي محمد علي صاحب، جن سنڌ جي مشھور صوفي شاعر خوش خير محمد هيسباڻي فقير تي Ph.D ڪرڻ لاءِ پاڻ کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرڊ ڪرايو، جنھن ۾ سندن گائيڊ پروفيسر علي نواز جتوئي هو. سندن پھريون موضوع هو ”فقير خير محمد هيسباڻي جي شاعري ۽ ان جو تنقيدي ۽ مجموعي مطالعو“ ان کان پوءِ سندن گائيڊ انھيءَ موضوع کي ٿورو تبديل ڪرائي، ”فقير خير محمد هيسباڻي جو سنڌي ڪلام ۽ ان جو تنقيدي ۽ مجموعي مطالعو“ ڪرايو. تحقيق دوران نواز علي ڀٽو ڊپٽي رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي جي صحيح سان، 15 آڪٽوبر 1975ع جو نڪتل هڪ ليٽر سائين محمد عليءَ جي فرزند قاضي خليل احمد وٽان مليو جنھن ۾ مٿيون موضوع لکيل آهي. ان سلسلي ۾ اختر صاحب جن ڪم شروع ڪيو ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ سنڌ جي ڪيترن عالمن اديبن سان مليو جن ۾ سرفھرست محترم عبدالحسين شاھہ موسوي (روهڙي وارو)، حڪيم غلام محمد عرشي سومرو، فقير خوش خير محمد جو گادي نشين ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. سندن تحقيقي ڪم جاري هو تہ پاڻ وفات ڪيائون، قاضي محمد علي ’اختر مورائي‘ جي تصوف تي لکيل مضمون تي ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ صاحب تنقيد ڪئي ۽ بعد ۾ سائين ان جا جواب ڏنا ۽ ائين اهو سلسلو ٻن ٽن قسطن تائين هليو. اهي مضمون ”عبرت“ يا ”مھران“ اخبار ۾ ڇپيا هئا. اختر سائينءَ، صديقي ٽرسٽ جا هڪ سو کان مٿي ڪتاب ۽ پمفليٽ اردو مان سنڌي ۾ پڻ ترجمو ڪيا ۽ اهي ٽرسٽ پاران شايع ٿيا.
قاضي محمد علي ”اختر مورائي“، افسانا نويس، مضمون نگار ۽ ناٽڪ نويس هئڻ سان گڏوگڏ هڪ بھترين شاعر پڻ هو، پاڻ شاعري ۾ سڀني صفن، غزل، وائي، گيت، ٽيڙو حمد، نعت، ڪافي، مخمس، وائي گيت ۽ قطعه تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس سنڌي شاعريءَ کان سوءِ اردو ۾ پڻ ڪافي شاعري ملي ٿي. شاعريءَ ۾ ”اختر“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سائين محمد علي ”اختر مورائي“ جي مزاحيہ شاعري پڻ ملي ٿي، جيڪا 1958ع کان 1963ع تائين ڪيل اٿن جنھن ۾ سندن تخلص ”علامہ کڙپي“ آهي. انھي دؤر ۾ موري شھر جا ٻہ ٻيا مزاحيہ شاعر ملن ٿا. جن ۾ سائين نذير احمد قاضي ”ن.ق. پاڙهو“ ۽ سائين گل محمد ساٽي ”علامہ ڏندئي“ پڻ مشاعرن ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا.
صدر ايوب جي دؤر ۾، لاڙڪاڻي ميونسيپل ڪارپوريشن جو چيئرمين، رضوي صاحب هو، جنھن جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ــ اردو مشاعرو“ ڪرايو، جنھن ۾ تقريباً سنڌ جا وڏا وڏا شاعر اياز قادري، نياز همايوني، شمشير الحيدري سميت شريڪ ٿيا جنھن مشاعري ۾ سائين ”اختر مورائي“ پڻ شريڪ ٿيو ۽ پنھنجو هيٺيون غزل پيش ڪيو.

وطن جو مخالف ڪو آهي تہ ڇاهي،
نڀاڳو سو گهر پنھنجو ڊاهي تہ ڇاهي.
ملي غير کي ويندي جلدي تباهي،
ڇڏيس لاک ڪنھن مرد لاهي تہ ڇاهي.
ٿي حب وطن آ جڏهن نصف ايمان،
ڪو انسان انھيءَ کي نہ چاهي تہ ڇاهي،
ڪبو ديس تا مال ۽ جان قربان،
جي پھتي ڪا تڪليف ڪاهي تہ ڇاهي،
اسان کي تہ آهي هي اعلان ڪرڻو،
انھيءَ تي ڪتو ڪو باهي تہ ڇاهي.
رکي پاڻ کي محفوظ ڪنڊا لڳائي،
ٿيو مثل ڄاهي جي آهي تہ ڇاهي.

سائين محمد علي ”اختر مورائي“ هڪ بھترين سماجي ورڪر پڻ رهيو آهي. پاڻ ”سگا“ موري شاخ جو بنيادي ميمبر هو. موري شاخ ۾ سندس ميمبر شپ نمبر 56 آهي. 1977ع ۾ ”سگا“ موري شاخ جي ”فلاح بھبود سب ڪاميٽي“ جو چيئرمين هو، جڏهن تہ 1978ع ۾ شاخ جي ”ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر“ سان گڏوگڏ ”تعليمي سب ڪاميٽيءَ“ ۽ ”ثقافتي سب ڪاميٽيءَ“ جو پڻ ميمبر رهيو آهي. 1979ع ۾ ”سگا“ موري جو ”جوائنٽ سيڪريٽري“، 1980ع ۾ شاخ جو ”نائب صدر“ ۽ 84-1983ع ۾ برانچ جو نائب صدر“پڻ رهيو آهي. سائين قاضي محمد علي ”اختر مورائي“، ”سگا“ موري جو هڪ متحرڪ ميمبر ۽ عھديدار رهيو آهي. سائين محمد علي اختر مورائيءَ جن وٽ هڪ بھترين هزارين شاندار ڪتابن تي مشتمل لائبريري هئي. پاڻ آخري وقت تائين تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪندا رهندا هئا.
قاضي اختر مورائي جن، 4 مارچ 1991ع تي موري ۾ وفات ڪئي ۽ خليفي صاحب جي مقام ۾ مدفن آهن.