سال 95-1994ع
محترم نعيم احمد ميمڻ (چيئرمين)
محترم عبدالستار ميمڻ (ميمبر)
محترم عبدالرحيم ٻگهيو (ميمبر)
چونڊون:
سال 95-1994ع جون ساليانہ چونڊون، چونڊ ڪاميٽيءَ جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي گذريون جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار چونڊجي آيا.
صدر: ڄام انيس الرحمان
نائب صدر: ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ
جنرل سيڪريٽري: نثار احمد ميمڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: محمد اسماعيل ٻرڙو
اطلاعات سيڪريٽري: بشير احمد لغاري
خزانچي: محمد اياز المعروف راڻو ميمڻ
ڪاروباري ڪاميٽي:
ڊاڪٽر غلام شبير چوھاڻ، عبدالستار ميمڻ، عبدالجبار سومرو، امتياز حيدر ميمڻ، محمد صديق دلبر ميمڻ، حفيظ الرحمان شيخ، نظر حسين ميمڻ، اياز علي ميمڻ، محمد اسلم عباسي.
رسم حلف برداري تقريب:
”سگا“ موري جي سال 95-1994ع جي رسم حلف برداري تقريب، ”سگا“ آفيس موري جي اڳيان بئڊمنٽن گرائونڊ تي ٿي گذري جنھن جي صدارت محترم غلام النبي مورائي ڪئي جڏھن تہ محترم راشد صديق ڪوڪب ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز ۽ محترم اجمل ڪمبوھه اسسٽنٽ ڪمشنر مورو مھمان ھئا. نون چونڊيل عھديدارن کان حلف، محفل جي صدر غلام نبي مورائيءَ کڻايو.
ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي:
13 اپريل 1994ع تي اربع رات، ڄام انيس الرحمان جي صدارت ھيٺ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ھڪ گڏجاڻي ”سگا“ آفيس ۾ ٿي گذري جنھن ۾ يڪراءِ ھيٺيون سب ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون.
تعليمي سب ڪاميٽي:
ڄام انيس الرحمان (ڪنوينر)
نثار احمد ميمڻ (سيڪريٽري)
محمد يونس ميمڻ (ميمبر)
محمد اياز ميمڻ (ميمبر)
عبدالجبار سومرو (ميمبر)
ھيلٿ سب ڪاميٽي:
ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ (ڪنوينر)
محمد اسماعيل ٻرڙو (سيڪريٽري)
ڊاڪٽر غلام شبير چوھاڻ (ميمبر)
ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ (ميمبر)
غلام رضا ميمڻ (ميمبر)
مالي سب ڪاميٽي:
فقير عبدالجبار ميمڻ (ڪنوينر)
نثار احمد ميمڻ (سيڪريٽري)
محمد اياز ميمڻ (ميمبر)
محمد صديق دلبر ميمڻ (ميمبر)
حفيظ الرحمان شيخ (ميمبر)
ثقافتي سب ڪاميٽي:
امتياز حيدر ميمڻ (ڪنوينر)
نثار احمد ميمڻ (سيڪريٽري)
بشير احمد لغاري (ميمبر)
اسلم عباسي (ميمبر)
نظر حسين ميمڻ (ميمبر)
موري جي سماجي تنظيمن جي گڏيل گڏجاڻي ۽ صفائي مھم لاءِ واڪ/ ريلي:
15 اپريل 1994ع تي، ”سگا“ موري جي ميزباني ھيٺ، ”سگا“ آفيس موري ۾، موري شھر کي صاف سٿرو رکڻ ۽ صفائي جي مھم ھلائڻ لاءِ موري جي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو ھڪ اجلاس، ڄام انيس الرحمان صدر ”سگا“ شاخ مورو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ موري شھر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ ويچاريو ويو. گڏيل فيصلي تحت ھڪ ڪاميٽي ٺاھي وئي جيڪا ميونسپل ايڊمنسٽريشن سان ملي ان کي صفائيءَ متعلق درپيش مسئلا ٻڌائيندي. ان سان گڏوگڏ اھو پڻ فيصلو ڪيو ويو تہ شھرين ۾صفائيءَ متعلق سجاڳي (Awairness) ڏيڻ لاءِ ھڪ ڀرپور ريلي ڪڍي وڃي جنھن ۾ ھنن کي پنھنجي پاڙن، گهرن کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ چيو وڃي. ھن گڏجاڻيءَ ۾ 26 تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پنھنجا مفيد رايا پيش ڪيا. مورو پريس ڪلب جي صدر سميت، پريس ڪلب جي صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.
واڪ/ ريلي:
فيصلي تحت 17 اپريل 1994ع تي آچر ڏھاڙي، مورو پريس ڪلب کان ھڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا، شاھي بازار ۽ ھر پاڙي/ وارڊ کان ٿيندي آخر ۾ ”سگا“ آفيس مورو نزد ميونسپل ڪاميٽيءَ تي اختتام پذير ٿي. ريلي جي شرڪاء جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا جنھن تي ”صفائي نصف ايمان آھي“،”پنھنجن پاڙن ۽ گهٽين کي صاف سٿرو رکو“، ”پنھنجي شھر کي صاف رکو“ وغيرہ لکيل ھو.
برسات سٽيلن لاءِ مرڪز کي دوائون موڪلڻ:
مرڪز طرفان برسات سٽيلن لاءِ امدادي سامان ۽ دوائن موڪلڻ جي شاخن کي ڪيل اپيل جي موٽ ۾ موري شاخ پاران دوائون گڏ ڪري، شاخ جي جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ ۽ خزانچي راڻو اياز احمد ميمڻ اھي دوائون کڻي ”سگا“ شاخ دادو جي صدر حوالي ڪري آيا.
غلام النبي مورائيءَ پاران مورو شاخ کي دوائون موڪلڻ:
مورو شاخ جي ھيلٿ ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر ۽ شاخ جي نائب صدر ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ ٻڌايو تہ محترم غلام النبي مورائيءَ پاران آڪٽوبر 1994ع ۾ پنجن ھزارن جون دوائون ”جمعا ڪلينڪ“ ۽ ”طبي ڪئمپن“ لاءِ پھتيون آھن. منھنجي راءِ آھي تہ طبي ڪئمپ ان ڳوٺ ۾ ھنئي وڃي جتي ڪابہ ميڊيڪل سھولت نہ ھجي.
ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس ۽ مرڪزي عھديدارن جي شرڪت:
موري شاخ جي ڪ-ڪ جو اجلاس، ”سگا“ آفيس موري ۾، 16 آڪٽوبر 1995ع تي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سگا، محترم مظھر الدين ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ سيڪريٽري ماليات محترم مريد علي لاکي پڻ شرڪت ڪئي.
شھيد نياز احمد مورائي بيڊمنٽن ٽورنامينٽ:
ھي ٽورنامينٽ، ”سگا“ موري پاران ”مھراڻ ڪلب“ موري ۾، پھرين نمبر 1994ع تي ٿي، جنھن ۾ موري کان علاوہ ضلعي نوشھري جي ڪافي ٽيمن ڀرپور حصو ورتو. مئچ جو افتتاح ھدايت ﷲ راڄپر SDM مورو ڪيو. ھي ٽورنامينٽ ”سگا“ بيڊمنٽن گرائونڊ (”سگا“ آفيس سان گڏ) تي ٿي ۽ فائينل تقريب ”سگا“ آفيس سامھون گرائونڊ تي ٿي گذري هن تقريب جا مھمان محترم هدايت ﷲ راڄپر SDM مورو، سول جج لغاري صاحب ۽ مھراڻ ڪلب مورو جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ ھئا، جن ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ کٽي آيل رانديگرن محمد جاويد شيخ (پھريون نمبر)، خالد شيخ (ٻيون نمبر)، محمد نعيم ميمڻ (ٽيون نمبر) ۽ نديم ميمڻ (چوٿون نمبر) کي ٽرافيون انعام طور ڏنيون. ھن تقريب ۾ ”سگا“ ساٿين، معزز شھرين محترم ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، محترم عبدالواحد ميمڻ، محترم احسان علي لغاري، محترم عظيم سنڌي، محترم آفتاب احمد ٻگهيو، محترم الطاف احمد ميمڻ، محترم اعجاز رسول ميمڻ، محترم عبدالستار ميمڻ ۽ ٻين معزز شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
مورڙي فقير جي ورسي:
مورڙي فقير جو ساليانو عرس مبارڪ/ ورسي، ”سگا“ موري شاخ پاران ملھائي وئي. فقير محمد سليمان ڪوري جي مئخاني (ڪوري محلا مورو) مان پَڙُ/ چادر کڻي صوفي راڳين جي سُنگَ سان، ڳائيندا وڄائيندا موري شھر جي مختلف پاڙن مان ٿيندا، مورڙي فقير جي مزار تي پھچي، اھا چادر سائين راشد مورائي، فقير سليمان، فقير الھه رکئي ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، اياز راڻي ميمڻ، محمد صديق دلبر ميمڻ، عظيم سنڌي، صوفي راڳي فقيرن جي صوفيانہ ڪلامن جي گونج ۾ مورڙي فقير جي مزار تي چاڙھي. انھيءَ چادر چاڙھڻ واري رسم کان پوءِ فقير محمد سليمان ڪوريءَ جي مئخاني تي راڳ ويراڳ جي شاندار محفل ٿي، جنھن ۾ مشھور صوفي ويراڳين مختلف عُشاقن جا ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ھن ورسيءَ جي تقريب ۾ شھرين، ”سگا“ ساٿين، صوفي فقرائن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
استاد بخاريءَ جي ورسي:
استاد بخاريءَ جي ورسي جو شاندار پروگرام ميونسپل ھال موري ۾ سيد حاڪم علي شاھہ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. جنھن ۾ سائين الھنواز رڪڻائي مھمان خاص ھئا، جڏهن تہ راشد مورائي ۽ احمد سولنگي اعزازي مھمان هئا. مھمانن جي آجيان شاخ جي صدر ڄام انيس الرحمان ڪئي ۽ جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ شاخ جي ڪارڪردگي رپورٽ پڙھي. حافظ محمد بخش خاصخيلي، عظيم سنڌي، احمد سولنگي، راشد مورائي، الھه نواز رڪڻائي ۽ ٻين اديبن، شاعرن استاد بخاريءَ جي حوالي سان سندس شاعريءَ تي ڀرپور ڳالھايو. ان بعد راڳ رنگ جي محفل ٿي جنھن ۾ فنڪار خادم حسين سمون، صوفي راڳي سوڍل فقير لغاريءَ فن جو مظاھرو ڪيو.
جمعا ڪلينڪ:
95/1994ع ۾ ”سگا“ موري شاخ پاران پڻ ”جمعا ڪلينڪ“ باقاعدگي سان ”مناھي ڳوٺ“ ۾ ھر جمعي تي ھلندي ھئي.
”ھنر سکو، روزگار حاصل ڪريو“ فني تعليمي سيمينار:
”سگا“ مرڪز پاران سال 1995ع کي، ”ھنر سکو، روزگار حاصل ڪريو“، طور ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو جنھن جو مقصد نوجوانن ۾ ھنر سکڻ لاءِ لاڙو پيدا ڪرڻ ھو. مرڪز جي فيصلي مطابق موري شاخ پاران ”ھنر سکو، روزگار حاصل ڪريو“ جي نالي سان اسٽيڪر ٺھرايا ويا. جڏھن تہ موري شاخ ۽ ”ڪينجهر ڪمرشل سينٽر“ موري جي گڏيل تعاون سان 11 مئي 1995ع بروز خميس جو شام ستين بجي، مين پرائمري اسڪول ۾ ھڪ شاندار فني تعليمي سيمينار ”ھنر سکو روزگار حاصل ڪريو“ جي عنوان ھيٺ ڪرايو ويو. جنھن جي صدارت ان وقت جي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ۽ روينيو، غلام الرسول خان عرف عاقب خان جتوئي صاحب ڪئي، جڏھن تہ مھمان خاص ان وقت جو ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن سنڌ محترم امام علي سومرو صاحب ۽ اعزازي مھمان جنرل مئنيجر نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي محترم غلام النبي مورائي صاحب ھئا.
ھن موقعي تي ”ڪينجهر ڪمپيوٽر سينٽر“ موري پاران، مين اسڪول ۾ ”ڪمپيوٽر نمائش“ جو اھتمام ڪيو ويو ھو، جنھن جو مقصد نوجوان کي فني تعليم ڏانھن لاڙو ڪرائڻ ۽ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ڏيڻ ھو. ھن سيمينار ۾ محترم عبدالغفور ڪلھوڙي، ”ھنري تعليم ڇو ضروري آھي“، تي مقالو پڙھيو جڏھن تہ شمشاد سومري، محمد صديق پڙھيار، غلام مصطفيٰ ڇڄڙي ۽ ساغر جعفريءَ ھنري تعليم متعلق پنھنجا ويچار ونڊيا. جڏھن تہ عظيم سنڌي، غلام النبي مورائي، امام علي سومري ۽ عاقب خان جتوئيءَ پڻ سيمينار کي خطاب ڪيو. ھن سيمينار ۾ ”سگا“ موري ۽ موري جي شھرين پاران وزير صاحب کان پُرزور مطالبو ڪيو ويو تہ موري شھر ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج/ مونو ٽيڪنڪل انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو وڃي تہ جئين نوجوان فني تعليم مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهن. ”سگا“ شاخ موري جي صدر ڄام انيس الرحمان مھمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو. ھن سيمينار جي ڪاروائي محمد اسلم عباسيءَ ھلائي.
