سال 1977ع
موري شاخ جي جنرل باڊي جو اجلاس، سال 1977ع جي عھديدارن جي چونڊ لاءِ ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ جي صدارت هيٺ، ”سگا“ آفيس ۾ ٿي گذريو. سڀ کان پھريان جنرل سيڪريٽري محترم محمد خان سومري شاخ جي ڪارڪردگيءَ بابت رپورٽ پيش ڪئي ۽ افسوس ظاهر ڪيو تہ اسان جي شاخ خاطر خواھہ ڪم ڪري نہ سگهي آهي اميد آهي تہ چونڊجي ايندڙ عھديدارن جي ڪوشش ۽ ميمبرن جي وڌيڪ تعاون سان خاطر خواھہ ڪم ڪندي. جنھن بعد صدر صاحب موجودہ باڊيءَ کي ٽوڙن جو اعلان ڪيو ۽ جنرل باڊيءَ ۾ شامل سڀني ميمبرن جي متفق راءِ سان چونڊن لاءِ هيٺين ”چونڊ ڪاميٽي“ مقرر ڪئي.
چونڊ ڪاميٽي:
محترم سيد علي بخش شاھہ (صدر)
محترم محمد لائق زرداري (ميمبر)
محترم محمد يونس سولنگي (ميمبر)
چونڊ ڪاميٽيءَ 4 جنوري تي، چونڊ لاءِ شيڊول پڌرو ڪيو جنھن مطابق فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ 8 جنوري ۽ چونڊن جي تاريخ 16 جنوري مقرر ڪئي وئي.
چونڊون:
16 جنوري 1977ع تي، موري شاخ جون ساليانہ چونڊون، محترم سائين علي بخش شاھہ جي صدارت هيٺ ٿي گذريون جنھن ۾ هيٺيان عھديدار چونڊيا ويا.
صدر: ڊاڪٽر ڪيپٽن بشير الدين ميمڻ
نائب صدر: محمد خان سومر و
جنرل سيڪريٽري: نذير احمد قاضي
جوائنٽ سيڪريٽري: محمد صديق ”دلبر“ ميمڻ
اطلاعات سيڪريٽري: عظيم سنڌي
خزانچي: رحيم بخش ميمڻ
ان موقعي تي هيٺيون مختلف سب ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون.
صحت سب ڪاميٽي:
ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ (چيئرمين)
ڊاڪٽر ڪئپٽن بشير الدين ميمڻ (ميمبر)
ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ (ميمبر)
تعليمي سب ڪاميٽي:
محترم پروفيسر سيد علي بخش شاھہ (چيئرمين)
محترم محمد نوح ميمڻ (ميمبر)
محترم توڪل حسين ڪمالاڻي (ميمبر)
مالياتي سب ڪاميٽي:
محترم علي گوهر شيخ (چيئرمين)
محترم حاجي محمد عاقل سولنگي (ميمبر)
محترم رحيم بخش ميمڻ (ميمبر)
سماجي بھبود سب ڪاميٽي:
محترم قاضي محمد علي ”اختر مورائي“ (چيئرمين)
محترم حاجي خان ڪمالاڻي (ميمبر)
محترم رب پرتو انصاري (ميمبر)
”سگا“ موري شاخ جو جنرل سيڪريٽري انھن مڙني سڀني ڪاميٽين جو ايڪس آفيشو سيڪريٽري هوندو. هن چونڊ اجلاس ۾ هيٺين ميمبرن شرڪت ڪئي.
ڊاڪٽر ڪئپٽن بشير الدين ميمڻ، محمد صديق ”دلبر“، نذير احمد قاضي، سيدعلي بخش شاھہ، قاضي محمد علي ”اختر مورائي“، پروفيسر شفيع محمد ميمڻ، سائين محمد نوح ميمڻ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، علي گوهر شيخ، توڪل حسين ڪمالاڻي، محمد بخش سيھڙ، حاجي محمد عاقل سولنگي، رب پرتو انصاري، محمد يونس سولنگي، عظيم سولنگي، محمد خان سومرو، رحيم بخش ميمڻ، عبدﷲ ”افضل“ جيسر، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، سليم جمال ميمڻ.
رسم حلف برداري تقريب:
”سگا“ موري شاخ جي چونڊيل عھديدارن جي قسم کڻڻ جي تقريب، 19 فيبروري 1977ع تي شام جو ستين وڳي ٽائون هال مورو ۾ ٿي گذري، جنھن جي صدارت محترم پروفيسر عبدالحميد ميمڻ ’حميد سنڌي‘ (ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن) ڪئي تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ جنرل سيڪريٽري محترم پروفيسر نذير احمد قاضي معزز مھمان جو تعارف ڪرايو ۽ مرحبائي تقرير ڪئي ان سان گڏ هن پوري سال لاءِ پروگرام پيش ڪيو.
”سگا“ جي نون چونڊيل عھديدارن کان محفل جي صدر عبدالحميد ميمڻ (حميد سنڌيءَ) قسم کڻايو ۽ بعد ۾ حميد سنڌي صاحب پنھنجي تقرير ڪندي ”سگا“ جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ نوجوانن جي ڪم کي ساراهيو. ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ ”سگا“ موري جي صدر آخر ۾ معزز مھمانن ۽ ٻين آيل دوستن جو ٿورو مڃيو ۽ پنھنجي عزم کي ورجايو تہ ”سگا“ مورو، گريجوئيٽ ساٿين جي مدد سان نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي. بعد ۾ مشاعرو ٿيو جنھن ۾ اختر مورائي، سائين نذير احمد قاضي، عظيم سنڌي ۽ صلاح الدين پنھور شعر پڙهيا ۽ آخر ۾ پُرتڪلف چانھه پارٽي ٿي. هي محفل رات جو 9 وڳي ختم ٿي. هن تقريب ۾ موري شاخ جي عھديدارن کان علاوہ عبدﷲ جيسر، حاجي خان ڪمالاڻي، شفيع محمد ميمڻ، سليم جمال ميمڻ، سائين محمد نوح ميمڻ، محمد رمضان ميمڻ، حسين بخش ميمڻ، حاجي محمد عاقل سولنگي، رب پرتو انصاري، غلام النبي سمون، رحم علي سيال، فتح محمد سومرو، فتح علي شاھہ، غلام رسول سرهيو، صلاح الدين پنھور، عبدالقيوم صديقي، سائين رستم خان، سائين محمد ڇتل سرهيو، سائين محمد سليمان سومري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
* 1977ع ۾ مورو شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر سائين نذير احمد قاضي جن کي مرڪز پاران ٽماهي پبلڪيشن ”روشني مخرن“ جو ”اسسٽنٽ ايڊيٽر“ مقرر ڪيو ويو.
ڪي. جي. اسڪول جو قيام:
”سگا“ موري جي ساٿين سال 1977ع جي آخر ۾ ”مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽيءَ“ جي نالي سان هڪ تنظيم ٺاهي ان پاران ڪي جي اسڪول، ”مھراڻ ڪي. جي. اسڪول“ جي نالي سان شروع ڪيو جنھن کي اڳتي هلي ”روشن تارا ڪي. جي. اسڪول“ سڏيو ويو.
