مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سال 82-1981ع

چونڊ ڪاميٽي:
محترم سائين نذير احمد قاضي (چيئرمين)
محترم صلاح الدين پنھور (ميمبر)
محترم محمد صديق دلبر (ميمبر)

جنرل باڊي ۽ ساليانہ چونڊ اجلاس:
15 فيبروري 1981ع تي روشن تارا اسڪول موري ۾، ”سگا“ جي جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي شاخ جي نائب صدر محترم قاضي محمد علي ”اختر مورائي“ جي صدارت هيٺ ٿي گذري. تلاوت ڪلام پاڪ محمد صديق دلبر ڪئي. شاخ جي جنرل سيڪريٽري عظيم سولنگيءَ سال جي ڪار گذاري پڙهي، جنھن کي سڀني ميمبرن يڪراءُ طور منظور ڪيو. جنھن بعد گڏجاڻيءَ جي صدر پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو ۽ بعد ۾ باڊيءَ جي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ چونڊ ڪاميٽيءَ کي اليڪشن پراسيس شروع ڪرڻ جو چيو. هن چونڊ واري اجلاس ۾ محترم قاضي اختر مورائي، عظيم سولنگي، منظور احمد قريشي، حاجي محمد يونس سولنگي، سيد علي بخش شاھہ، واحد بخش شيخ، سائين نذير احمد قاضي، محمد بخش سيھڙ، رب پرتو انصاري، حاجي محمد عاقل سولنگي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، محمد صديق ”دلبر“، شفيع محمد ميمڻ، حسين بخش ميمڻ، محمد هارون ٻلال، عبدﷲ ڪورائي ۽ حاجي خان ڪمالاڻيءَ شرڪت ڪئي.

ساليانيون چونڊون:
سال 82-1981ع جون سالانہ چونڊون، چونڊ ڪاميٽيءَ جي زيرِ نگراني، 15 فيبروري 1981ع تي ”روشن تارا اسڪول موري“ ۾ ٿي گذريون، جنھن ۾ هيٺيان عھديدارن بنا مقابلي ڪامياب ٿيا.

صدر: واحد بخش شيخ
نائب صدر: قاضي محمد علي ”اختر“ مورائي
جنرل سيڪريٽري: ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
جوائنٽ سيڪريٽري: عبدﷲ خان ڪورائي
اطلاعات سيڪريٽري: محمد يونس سولنگي
خزانچي: رب پرتو انصاري

ڪاروباري ڪاميٽي:
پروفيسر سيد علي بخش شاھہ، محمد صديق دلبر ميمڻ، منظور احمد قريشي، پروفيسر نذير احمد قاضي، محمد بخش سيھڙ، پروفيسر شفيع محمد ميمڻ، صلاح الدين پنھور، محمد هارون ٻلال ۽ عظيم سنڌي.

رسم حلف برادري تقريب:
سال 82 ــ 1981ع جي رسم حلف برادري تقريب، روشن تارا اسڪول موري ۾، 27 فيبروري 1981ع تي، ”سگا“ جي مرڪزي نائب صدر محترم نظام الدين سومري جي صدارت هيٺ ٿي گذري، محترم سومري صاحب شاخ جي چونڊيل عھديدارن ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کان حلف ورتو.

ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس:
”سگا“ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس، شاخ جي صدر محترم واحد بخش شيخ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ سال 82-1981ع لاءِ هيٺيون ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون.

ثقافتي سب ڪاميٽي:
محترم صلاح الدين پنھور
محترم قاضي محمد علي اختر مورائي
محترم عظيم سولنگي
محترم پروفيسر نذير احمد قاضي

مالي سب ڪاميٽي:
محترم رب پرتو انصاري
محترم منظور احمد قريشي
محترم محمد بخش سيھڙ
محترم محمد صديق دلبر

سڪندريہ اسڪول کي پنکا ڊويٽ ڪرڻ:
هن ٽينوئر ۾ ”سڪندريہ پرائمري اسڪول“ مورو کي ”سگا“ پاران ٻہ ڇت جا پنکا، هڪ 56 انچ جو ۽ ٻيو 48 انچ جو ڊونيٽ ڪيا ويا، جيڪي ”سگا“ موري کي ٻن مخير حضرات مولوي عبدالحميد ۽ نصر ﷲ سيال ڊونيٽ ڪيا.

لائبريري ۽ مفت طبي مشورہ مرڪز:
شاھہ لطيف لائبريري ۽ مفت طبي مشورہ مرڪز، عارضي طور تي روشن تارا اسڪول موري ۾ شروع ڪيو ويو، هن مرڪز ۾ شھيد ڊاڪٽر بندہ علي ٻرڙو پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.

1981ع ساهت سال:
مرڪز پاران 1981ع کي ”ساهت سال“ ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو تہ موري شاخ جي نون عھديدارن ۽ ميمبرن جو قافلو ”سگا قافلو“ موري کان اٽڪل 15-10 ميل دوڙ طرف، سنڌ جي مشھور بزرگ مخدوم ابوالحسن ڏاهري جي مزار تي چادر چاڙهي شاخ طرفان ”ساهت سال“ جي شروعات ڪئي وئي.


شاخ جي وفد جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ شرڪت:
موري شاخ جو وفد محترم پروفيسر واحد بخش شيخ (صدر) محترم ڊاڪٽر محمد لائق زرداري (جنرل سيڪريٽري) محترم پروفيسر نذير احمد قاضي (ميمبر ڪ ڪ ) ۽ عظيم سنڌي تي مشتمل، مرڪزي سالياني ڪنوينشن ۾ 28-27 مارچ 1981ع تي راڻي پور ۾ شرڪت ڪئي.

مرڪزي صدر ۽ (مرڪزي) مالياتي سيڪريٽري جي وزٽ ۽ گڏجاڻي:
15 مئي 1981ع، تي روشن تارا اسڪول موري ۾، ”سگا“ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب ۽ محترم بخش علي لاکو صاحب (مرڪزي ماليات سيڪريٽري) جن وزٽ تي آيا. گڏجاڻي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي صدارت هيٺ شروع ٿي. جنھن ۾ موري برانچ جي مسئلن تي بحث ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو تہ ڊاڪٽر شيخ صاحب ۽ لاکو صاحب، حاجي جان محمد سان ملاقات ڪن. ڊاڪٽر صاحب ۽ لاکي صاحب محترم جان محمد سرهئي سان ملاقات ڪئي بعد ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب موري برانچ جي ٻن نمائندن، محترم واحد بخش شيخ ۽ محترم محمد هارون ٻلال کي هدايت ڪئي تہ هو ست سو روپيا سرهئي صاحب کي ادا ڪري برانچ جي لائبريري ۽ مفت طبي مشورن جو سامان ۽ دوائون حاجي جان محمد کان حاصل ڪن.

عيد ملن پارٽي:
عيد جي ٻئي ڏينھن، روشن تارا اسڪول موري ۾، ”سگا“ شاخ موري پاران عيد ملن پارٽي منعقد ڪئي وئي، جنھن جي صدارت مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ولي محمد روشن ڪئي، جڏهن تہ مھمان خاص خان محمد پنھور هو. هن تقريب ۾ مھمانن کان سواءِ موري جي ڪافي دوستن شرڪت ڪئي.

اسٽيج ناٽڪ شو:
”سگا“ مرڪز پاران سال 1981ع کي ”ساهت سال“ قرار ڏنو ويو ۽ سڀني شاخن کي چيو ويو تہ هو پنھنجي پنھنجي برانچن ۾ پرگرام ڪن. موري شاخ پڻ ان سلسلي ۾ 3 ۽ 4 آڪٽوبر 1981ع تي، شاھہ لطيف آرٽس ڪائونسل موري جي سھڪار سان هڪ اسٽيج ڊرامو ”دلاور“ پيش ڪيو. هن ڊرامي جو ڊائريڪٽر محمد صديق پرهيار هو.

طبي مشورہ جو سينٽر:
هن سال موري شاخ پاران روشن تارا اسڪول موري ۾مفت طبي مشورہ سينٽر قائم ڪيو ويو. جنھن ۾ هر روز شام جو ڊاڪٽر شھيد بندہ علي ٻرڙو وهندو هو ۽ مفت مريضن کي ڏسندو هو.

مفت طبي ڪئمپ:
2 آڪٽوبر 1981ع تي، روشن تارا اسڪول موري ۾ ”سگا“ موري پاران مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي. هن ڪئمپ ۾ سرجن ڊاڪٽر انور الدين ميمڻ، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، اکين جو ماهر ڊاڪٽر سيد ڏنل شاھہ ۽ گائناڪولاجسٽ ڊاڪٽر خورشيد شاھہ مريضن کي مفت چيڪ اپ ڪري مشورا ڏنا ۽ ڪافي مريضن کي مفت دوائون ۽ انجيڪشنون پڻ ڏنيون ويون. اٽڪل چار سو مريضن کي چڪاسيو ويو ۽ کين دوائون مليون. محترم ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ جي ڪوشش سان موري جي ميڊيڪل اسٽورن تان ڪافي دوائون ”سگا“ موري کي مليون، ڊاڪٽرن جي ماني جو بندوبست محترم سائين علي بخش شاھہ جن ڪيو هو.

سنڌي ادب سيمينار:
22 ڊسمبر 1981ع تي، ٽائون ڪاميٽي موري ۾، ”سگا“ پاران ”ساهت سال“ جي حوالي سان هڪ ”سنڌي ادب تي سيمينار“ موري جي اسسٽنٽ سيشن جج محترم محمود احمد چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. هن سيمينار ۾ ڪيترن ئي اديبن سنڌي ادب ۽ تاريخ تي مقالا پڙهيا ۽ مشھور شاعرن پنھنجي شاعري پيش ڪئي. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي.

ڳوٺ سڌار سنگتن جو قيام:
”سگا“ مرڪز جي ڏنل سڏ تي تہ ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگتون قائم ڪيون وڃن ۽ مرڪز پاران 1982ع کي ”ڳوٺ سڌار سال“ قرار ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ موري شاخ پاران ”پراڻي گچيري“ ۽ ”ملو اسماعيل ٻگهيو ڳوٺ“ ۾ ڳوٺ سڌار سنگتن جو قيام عمل هيٺ آندو ويو.

ڳوٺ سڌار سنگت ملو اسماعيل ٻگهيو جي وزٽ:
11 فيبروري 1982ع تي، ”سگا“ موري جا ساٿي ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پروفيسر نذير احمد قاضي ۽ عظيم سنڌي تي مشتمل وفد، ”ڳوٺ سڌار سنگت محمد اسماعيل ٻگهيو“ پھتو جتي هڪ ننڍڙي تقريب زير صدارت محترم پروفيسر نذير احمد قاضيءَ جي ٿي گذري جنھن ۾ آيل دوستن ڳوٺ سڌار سنگت جي مقصدن تي روشني وڌي، ڳوٺ سڌار سنگت جون ٻہ گڏجاڻيون ٿيون.

ڳوٺ سڌار سنگت پراڻي گچيري جو دورو:
25 فيبروري 1982ع تي، ”سگا“ موري جو وفد، محترم سيد علي بخش شاھہ جي قيادت ۾ ڳوٺ سڌار سنگت پراڻو گچيرو پھتو، جنھن ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پروفيسر قاضي نذير احمد ۽ عظيم سولنگي شامل هئا. هن تقريب ۾ سڀني دوستن ”سگا“ جي ڪارڪردگي، ڳوٺ سڌار سنگت جي مقصد ۽ پروگرام کي واضع ڪيو. هن تقريب جي صدارت محترم سائين علي بخش شاھہ ڪئي.

مفت طبي ڪئمپ:
5 مارچ 1982ع تي، ”سگا“ موري پاران موري شھر ۾ ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ جي اسپتال ۾، مفت طبي ڪئمپ جو انعقاد ڪيو ويو جنھن ۾ ماهر ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر اعظم يوسفاڻي (ماهرڪن، نڪ، گلو) ڊاڪٽر نصرﷲ قريشي (اکين جو ماهر)، ڊاڪٽر غفرانہ ميمڻ (زناني بيمارين جي ماهر) ۽ سرجن ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ نواب شاھہ کان اچي مريضن جي مفت چڪاس ڪئي. هن ڪئمپ مان تقريباً 350 مريضن فائدو ورتو ۽ مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون.

ماڙي ڳوٺ۾ ’ ڳوٺ سڌار سنگت‘ لاءِ ڪوشش:
15 مارچ 1982ع تي، ”سگا“ موري جو وفد پروفيسر نذير احمد قاضي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ عظيم سنڌي تي مشتمل ڳوٺ ماڙيءَ پھتو جتي هنن ضلعي ڪائونسل نواب شاھہ جي ميمبر ۽ وڪيل محترم رسول بخش ٻگهيو سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڳوٺ سڌار سنگت قائم ڪرڻ تي آمادہ ڪيو موصوف اهڙو واعدو سنگت جي ميمبرن سان ڪيو.

دادو مورو ڳانڍاپو پروگرام/ ادبي گڏجاڻي:
”سگا“ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ، 5 نومبر 1982ع واري گڏجاڻيءَ ۾ ڪيل فيصلي تحت، 9 نومبر بروز اڱاري تي دادو مورو پل ٺھڻ جي خوشيءَ ۾ ”دادو مورو ڳانڍاپو“ جي نالي سان پروگرام تشڪيل ڏنو. جنھن ۾ ”سگا“ دادو جي عھديدارن، ميمبرن ۽ اديبن کي موري اچڻ جي دعوت ڏني وئي هئي. دادو مان ”سگا“ دادو شاخ جو صدر عطا الرحمان ميمڻ ايڊووڪيٽ، عبدالستار کيڙو (نائب صدر)، عبدالمجيد جمالي (جنرل سيڪريٽري)، عظمت ﷲ قريشي (مالي سيڪريٽري)، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا ميمبر محترم اطھر منگي، نازن کيڙو، ”استاد بخاري“ احمد شاھہ بخاري، الھداد ميراڻي ۽ عبدالجليل آخوند، گڏجي دادو مورو پل تي پھتا، جتي ”سگا“ شاخ موري جا دوست پروفيسر واحد بخش شيخ، سيد علي بخش شاھہ، پروفيسر نذير احمد قاضي، عظيم سنڌي، صلاح الدين پنھور، منظور قريشي، محمد صديق دلبر ميمڻ سميت موري جي ”سگا“ شاخ جي عھديدارن، ميمبرن ۽ اديبن سندن والھانہ استقبال ڪيو. ٻنھي شاخن جي ساٿين پاران وچ درياءُ مٿان پل تي بيھي، سنڌو درياءَ تي ڳاڙهن گلن جي ورکا ڪئي. ان بعد سڀ ساٿي ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي قافلي ۾ گڏجي ”روشن تارا اسڪول“ موري پھتا، جتي استاد بخاريءَ جي صدارت هيٺ ادبي ويھڪ، گڏجاڻي ۽ مشاعرو ٿيو. آخر ۾ سڀني آيل مھمانن کي ماني کارائي وئي. ان گڏجاڻي ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي جن ۾ مقامي فنڪارن پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

مفت طبي ڪئمپون:
22 ڊسمبر 1982ع تي موري جي اولھه ۾ بچاءُ بند ڀرسان ”ڳوٺ محمد علي سولنگيءَ“ ۾ ”سگا“ موري شاخ طرفان مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي. جنھن ۾ مريضن کي مفت چڪاسيو ويو ۽ دوائون پڻ ڏنيون ويون. جڏهن تہ 10 دسمبر 1982ع تي جمعي جي ڏينھن، موري شھر جي ڪچي اندر ”ڳوٺ لغاري بجراڻي“ ۾ پڻ هڪ ٻي مفت ميڊيڪل ڪئمپ جو انعقاد ڪيو ويو جنھن ۾ مريضن کي چڪاسي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون.

شاگردن جا تقريري ۽ تحريري مقابلا:
نومبر 1982ع جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ هن مھيني جي، ٻئي هفتي ۾ پرائمري اسڪولن جي سطح تي مباحثو، ٽئين هفتي ۾ ڪاليج ۾ مضمون نويسيءَ جو مقابلو ۽ چوٿين هفتي ۾ هاءِ اسڪول جي سطح تي چٽا ڀيٽي سوالن جوابن تي مشتمل مقابلو ڪرايو ويندو. ان سلسلي ۾ محترم سائين شفيع محمد ميمڻ، محترم سائين ’اختر‘ مورائي ۽ محترم رب پرتو انصاري تي مشتمل هڪ سب ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي.


تقريري مقابلو:
موري شھر جي سڀني پرائمري اسڪولن جي شاگردن جو تقريري مقابلو ”مار ٻار جي سنوار آهي“ عنوان تحت 15 نومبر 1982ع تي پرائمري اسڪول موري مين ۾ ٿيو جنھن جي صدارت محترم واحد بخش شيخ، صدر ”سگا“ شاخ مورو ڪئي. فيصلي لاءِ ٽن ڄڻن جي ججن جي ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي جنھن ۾ محترم واحد بخش شيخ، محترم شفيع محمد ميمڻ ۽ محترم قاضي محمد علي ”اختر“ مورائي هيڊ ماستر مورو مين اسڪول شامل هئا. تقريرن بعد ججن جي فيصلي مطابق هيٺين ٽن شاگردن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.
* ممتاز علي ملاح، شاگرد سڪندريہ اسڪول، پھريون نمبر.
* غلام اڪبر پنھور، شاگرد مين اسڪول مورو، ٻيو نمبر.
* عبدالحميد سومرو شاگرد، شادي خان ڍلو اسڪول ٽيون نمبر.
هنن شاگردن کي بروقت محترم غلام سرور پنھور، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر واٽر مين پاور، ويھه روپيہ روڪڙ انعام ڏنا ۽ ”سگا“ شاخ طرفان پڻ انھن ڪامياب شاگردن کي انعام ڏنا ويا.


مضمون نويسيءَ جا مقابلا:
21 نومبر 1982ع تي ”مھراڻ ڪاليج موري“ ۾، ساڍي يارهين بجي سنڌي مضمون نويسي جو مقابلو ”قومن جو عروج، ڪردار جي تعمير سان آهي“، جي موضوع تي مھراڻ ڪاليج موري جي ليڪچر هال ۾ ٿيو. جنھن ۾ ڪاليج جي شاگردن حصو ورتو. نومبر مھيني جي چوٿين هفتي ۾ هاءِ اسڪول جي سطح تي چٽا ڀيٽي جو مقابلو ڪرايو ويو.