مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سال 21-2018ع

چونڊ ڪاميٽي:
ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ (چيئرمين)

چونڊون:
”سگا“ شاخ موري جون سال 21-2018ع جون چونڊون جولاءِ 2018ع تي چونڊ ڪاميٽيءَ جي زيرنگراني، ”سگا“ آفيس ۾ ٿي گذريون جنھن ۾ هيٺيان عھديدار بنا مقابلي چونڊجي آيا.
صدر: محمد اسلم عباسي
نائب صدر: ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ
جنرل سيڪريٽري: وزير فرهاد سولنگي
جوائنٽ سيڪريٽري: پروفيسر شمشاد احمد سومرو
خزانچي: زاهدحسين ڏيپر
پريس سيڪريٽري: مخدوم اظھار احمد

ڪاروباري ڪاميٽي:
ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، اسد ﷲ سولنگي، پروفيسر محمد سليمان سيال، زاهد حسين سيال، قاضي شفيع محمد قريشي، نظر حسين ميمڻ، حفيظ الرحمان شيخ، راشد مسعود عباسي، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو.

”سگا“ موري جي سال 21-2018ع جي نون چونڊيل عھديدارن جي حلف برداري تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ جي نئين چونڊجي آيل باڊي براءِ سال 2018ع کان 2021ع تائين جي عھديدارن ۽ ميمبرس ڪاروباري ڪاميٽيءَ کي قسم کڻائڻ واري تقريب 26 سيپٽمبر 2018ع بروز اربع شام 5 وڳي ”سگا“ آفيس مورو ۾ ٿي گذري. جنھن جي صدارت نامياري سماج سڌارڪ ۽ ”سگا“ موري جي سينيئر ساٿي نثار احمد ميمڻ ڪئي. جڏهن تہ مھمان خاص اليڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ هئا. ڪارروائي هلائيندي جنرل سيڪريٽري ”سگا“ برانچ مورو وزير فرهاد سولنگي آيل مھمانن کي ڀليڪار چئي ۽ قاضي شفيع محمد کي تلاوت ڪلام پاڪ لاءِ گهرايو. ان بعد ”سگا“ ساٿين کي حلف کڻائڻ لاءِ ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ کي اسٽيج تي سڏايو ويو. جنھن چونڊيل عھديدارن ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي حلف کڻايو. حلف کڻندڙن ۾ ”سگا“ موري جو صدر اسلم عباسي، نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومرو، پريس سيڪريٽري مخدوم اظھار، خزانچي زاهد حسين ڏيپر، جڏهن تہ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ قاضي شفيع محمد، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، راشد مسعود عباسي، پروفيسر زاهد حسين سيال، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو شامل هئا. ان بعد ”سگا“ مورو صدر اسلم عباسي کي سڏايو ويو، جنھن آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو تہ ”سگا“ شاخ موري جي تاريخ 42 سال پراڻي آهي، جنھن ۾ اسان جي بزرگن، سماج سڌارڪ ۽ استادن سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي ۽ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪندي هن تنظيم جا بنياد وڌا. ان کان پوءِ پروفيسر شمشاد احمد سومري ڳالھائيندي چيو تہ اڄوڪي تقريب انتھائي اهم آهي، جنھن ۾ ڪافي تجربيڪار دوستن جو سٿ شامل آهي. مون کي اميد آهي تہ ”سگا“ ساٿي پنھنجي ڀرپور صلاحيتن سان موري واسين ۽ پسگردائيءَ جي عوام جي خدمت ڪندا. ان کان پوءِ گسٽا اڳواڻ ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي راشد مسعود عباسيءَ پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو تہ اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي تہ هن معتبر سماجي پليٽ فارم تان اسان کي اهو موقعو ڏنو ويو آهي تہ جيئن اسان سماجي خدمتن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهون.
تقريب کي خطاب ڪندي نوجوان سماج سڌارڪ ۽ ناليواري اديب ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي چيو تہ اسان جي سماج کي هن وقت ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ۽ نوجوانن کي شعوري سجاڳي ڏيڻ واسطي ڪيترائي قدم کڻڻا پوندا ۽ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ان لاءِ صحت، تعليم ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. ”سگا“ موري جي نائب صدر ۽ چيئرمين صحت ڪاميٽي ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ چيو تہ گذريل هفتي ”سگا“ موري طرفان ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جو عطيو گڏ ڪرڻ واري ڪئمپ ٿي گذري، جنھن ۾ 221 رت جون بوتلون حاصل ڪيون. ان بعد ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي تقرير ڪندي نئين چونڊجي آيل باڊيءَ کي مبارڪ ڏيندي چيو تہ وقت جي اهم ضرورت آهي تہ اسان پنھنجي سماجي سرگرمين ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪريون. ان لاءِ وڌيڪ نوجوانن کي هن ”سگا“ سٿ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ کين موقعا ڏنا وڃن تہ جيئن هو پنھنجي عوام جي ڀرپور خدمت ڪن.
آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي نامور سماج سڌارڪ، ”سگا“ جي سينيئر ساٿي ۽ ”سگا“ مورو جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ موري 42 سالن کان صحت، تعليم، ثقافت ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. 1983ع کان پوءِ ”سگا“ مورو ۾ اسان آياسين جنھن ۾ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڄام انيس الرحمان وارو دؤر مورو شاخ جو سونھري دؤر ليکيو وڃي ٿو، ان وقت ٻوڏ متاثرين جي مالي مدد، چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪئمپ، جمع ڪلينڪ، هفتي وار مفت سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون ويون. ”سگا“ مورو شاخ سڄي سنڌ ۾ سڀ کان اول شاگردن لاءِ روشن تارا اسڪول قائم ڪيو. نثار احمد ميمڻ وڌيڪ چيو تہ اسان نئين آيل عھديدارن کي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ اميد آهي تہ اهي بھتر سماجي خدمتون سرانجام ڏئي پنھنجو فرض پورو ڪندا. هن پروقار تقريب ۾ موري شھر جي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن جي اڳواڻن کان علاوہ صحافين، شاگردن، شاعرن، اديبن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ٿيلسيميا بابت سيمينار ۽ رت جو عطيو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪئمپ:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو پاران عام ماڻھن ۽ شاگردن ۾ ٿيليسيميا بيماري واسطي سماجي جاڳرتا “Social Awareness” پروگرام، تاريخ 11 سيپٽمبر 2018ع، اڱاري جي ڏينھن ماروي گرلس ڪاليج مورو ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي نواب شاھہ جي سھڪار سان انچارج معشوق علي ڪوريجو شاگردياڻين ۽ فيميل ٽيچرس کي گلن جھڙن ٻارڙن ۾ رت واري بيماري ۽ کوٽ سبب ٿيليسيميا بابت آگاهي ڏني. آخر ۾ پرنسپال ميڊم مسرت شيخ، پروفيسر حق نواز ميمڻ، پروفيسر افتخار احمد ٻگهيو ”سگا“ شاخ مورو جا ٿورا مڃيا. ان بعد 11 وڳي مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ ٿيليسيميا بابت هڪ ٻيو ليڪچر پروگرام ٿي گذريو. پروفيسر بخش علي چانڊيو آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ ليڪچر ڏيڻ واسطي ”سگا“ موري جي نائب صدر ۽ چيئرمين هيلٿ ڪاميٽي ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ معشوق ڪوريجو کي اسٽيج تي سڏايو. جن ٿيلسيميا بيماري بابت آگاهي ڏني ۽ پروجيڪٽر وسيلي نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪيو ۽ اپيل ڪئي تہ 5 محرم/ 16 سيپٽمبر 2018ع، آچر ڏينھن رت جو عطيو گڏ ڪرڻ لاءِ ٿيليسيميا بلڊ ڊونيشن ڪئمپ مھراڻ سٽيزن ڪلب جي احاطي ۾ لڳائي وئي آهي. اوهان سڀني کي رت ڏيڻ لاءِ اپيل ٿا ڪيون. ان بعد پروفيسر مير نواز سيال، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، صحافي علي شير ڏيپر، محمد حيات جويو پڻ ان متعلق پنھنجا ويچار ونڊيا. ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ ٿيليسيميا بيماري بابت پنھنجا ويچار ونڊيا ۽ مھراڻ ڪاليج جي پرنسپال، استادن، سپلا اڳواڻن، ”سگا“ ساٿين، عام ماڻھن ۽ شاگردن جا ٿورا مڃيا.
16 سيپٽمبر 2018ع آچر جي ڏينھن ’مھراڻ سٽيزن ڪلب‘ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان ٿيلسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي سان مڪمل سھڪار ڪيو ويو. هن موقعي تي ”سگا“ جي مرڪزي سيڪريٽري صحت محترم رفيق احمد سرهيو ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ شاخ مورو جي دوستن کي جس آهي جن اڄوڪي هي رت جي عطئي گڏ ڪرڻ واري بلڊ ڪئمپ منعقد ڪئي آهي. ”سگا“ مورو جي ساٿين ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، اسد ﷲ سولنگي، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، زاهد ڏيپر، زاهد حسين سيال، عظيم سنڌي، مخدوم اظھار، قاضي شفيع محمد، مظفر گلاباڻي، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، پروفيسر محمد سليمان سيال، پروفيسر بخش علي چانڊيو، ”سگا“ شاخ موري جي جنرل سيڪريٽري وزير فرهاد ۽ صدر اسلم عباسي پڻ ڪئمپ ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن تہ ٿيلسيميا سينٽر نواب شاھہ جي نگران ڊاڪٽر محمد صادق سيال، انچارج ڪئمپ معشوق علي ڪوريجو، محمد حيات جويو سگا موري جي ساٿين ۽ ميڊيڪل عملي جي خدمتن کي ساراهيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد صادق سيال ڳالھائيندي چيو تہ اسان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو جا ٿورائتا آهيون، جن ٿيليسيميا ۾ مبتلا معصوم زندگين کي بچائڻ لاءِ اڄوڪي ڪئمپ منعقد ڪئي آهي ۽ اسان سان مڪمل سھڪار ڪيو آهي. اميد آهي تہ آئيندہ بہ ”سگا“ شاخ مورو اسان سان ساٿ نڀائيندي رهندي.

استادن جي عالمي ڏينھن تي تقريبون:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي 5 آڪٽوبر 2018ع جمعي جي ڏينھن صبح جو 8 وڳي راشد مورائي هاءِ اسڪول ٽائون مورو ۾ اهم تقريب ٿي گذري، جنھن ۾ استادن جي عظمت ۽ ڪردار کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ کين خراج تحسين پيش ڪيو ويو. هن تقريب ۾ ”سگا“ موري جي صدر محمد اسلم عباسي، نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگي، خزاچي زاهد حسين ڏيپر، ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، قاضي شفيع محمد، راشد مسعود عباسي، ”سگا“ سينيئر ساٿي ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ۽ ٻين ”سگا“ ساٿين شرڪت ڪئي. جڏهن تہ هاءِ اسڪول مورو ٽائون ۾ اسيمبلي جي دوران معزز استادن سيد ٻڍل شاھہ، هيڊ ماستر منير احمد سيال، گسٽا اڳواڻ راشد مسعود عباسي، مشتاق احمد سولنگي، رياض احمد ميمڻ، مختيار علي شاھہ، اقبال عباسي، امان ﷲ شيخ، غلام شبير ملاح، محمد يعقوب ڍلو، حاجي محمد حسين ابڙو، سيد عبدالڪريم شاھہ، حافظ غلام اڪبر ڀٽو، احمد علي ڪنيال، حبيب ﷲ کوسو، بشير احمد حب، آفاق احمد ميمڻ، نديم پٺاڻ، جھانگير ٻرڙو، عبدالجبار ڀنگر ۽ ٻين استادن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. هن موقعي تي ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، هيڊ ماستر منير احمد سيال کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. جڏهن تہ ”سگا“ ساٿين استادن کي گُلن جا هار پارايا. ان موقعي تي گسٽا اڳواڻ راشد مسعود عباسي آجياڻي تقرير ڪندي چيو تہ ”سگا“ شاخ موري کي جس آهي، جنھن اڄ ’استادن جي عالمي ڏهاڙي‘ جي موقعي تي هاءِ اسڪول مورو ٽائون ۾ اچي استادن جي عزت ۽ همٿ افزائي ڪئي آهي ۽ استادن جي عظمت کي سندن مان مٿانھون ڪرڻ لاءِ سلام پيش ڪيو آهي. سچ پچ تہ ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ تہ معاشري ۾ تنقيد کان علاوہ تعميري ڪم ڪوبہ نٿو ٿئي پر اڄ بہ مورو هاءِ اسڪول ٽائون ضلعي نوشھري فيروز جو اول نمبر اسڪول آهي، جنھن ۾ شاگردن جي داخلا تمام جهجهي تعداد ۾ آهي. اسان هڙان وڙان ڪوششون ڪري هن اسڪول جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڏينھن رات جدوجھد ڪئي آهي ۽ اميد آهي تہ موري شھر واسي، سول سوسائٽي ۽ ”سگا“ ساٿي پڻ هن تعليم جي نيڪ ڪم ۽ هن اداري جي بھتري ۽ ڀلائي لاءِ اسان سان سھڪار ڪندا. آخر ۾ هن ”سگا“ جي ساٿين کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي استادن جي عظمتن کي ساراهيندي چيو تہ هن وقت گُهٽ ۽ ٻُوسٽ جي ماحول ۾ جيڪي استاد انتھائي ايمانداريءَ سان تعليمي ميدان ۾ بيباڪ ٿي پنھنجون خدمتون ڏئي رهيا آهن، اسان انھن جي عظمتن کي سلام پيش ڪريون ٿا، آخر ۾ مھمانن جي خاطر توازع ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح هي تقريب پڄاڻي تي پھتي.
ان کان پوءِ 9 وڳي ڌاري گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ پڻ ”سگا“ موري شاخ طرفان هڪ ٻي تقريب ٿي گذري، جنھن ۾ ڪاليج جي پرنسپال محمد سليمان سيال، پروفيسر بخش علي چانڊيو، زاهد حسين سيال، اسد ﷲ ميمڻ، محمد يوسف شيخ، عبدالغفار ڪيريو، مير نواز سيال، مظھر علي گانڍاهي ۽ ٻين استادن کي گُلن جا هار پارائي استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کين لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. آجياڻي تقرير ڪندي مھراڻ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال محمد سليمان سيال چيو تہ ”سگا“ موري شاخ جي سٿ جا ٿورائتا آهيون، جن هن موقعي تي هن اداري ۾ اچي استادن جي عزت افزائي ڪئي آهي. هن موقعي تي ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ ۽ ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي ويچار ونڊيندي چيو تہ هر دؤر ۾ استاد جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ هن سماج جا اڏيندڙ استاد آهن. جن اسان جي معاشري ۾ شعور ۽ بيداري سان گڏ پنھنجون صلاحيتون سماج جي تعمير لاءِ ارپيون آهن. مھراڻ ڊگري ڪاليج جي قيام لاءِ اسان جي بزرگن پنھنجو رت ۽ ست نچوڙيي هن اداري جا مضبوط بنياد رکيا، جنھن سبب هن اداري مان ڪيترائي ذهين شاگرد پيدا ٿيا جن ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر، جج، وڪيل، استاد، عالم اڄ بہ سنڌ ۽ ان کان ٻاهر پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان سڀني کي گڏجي استادن جي عظمت کي بلند ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ گهرجي. جڏهن تہ تقريب ۾ شاگردن، استادن ۽ ”سگا“ ساٿين وزير فرهاد سولنگي، زاهد حسين ڏيپر، قاضي شفيع محمد، مختيار علي ٻگهيو کان علاوہ سياسي سماجي، علمي، ادبي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ان بعد هاءِ اسڪول موري ۾ وڃي هيڊ ماستر محمد اشرف گلاباڻي ۽ ذاڪر حسين ميمڻ کي پڻ اجرڪ جا تحفا ”سگا“ موري طرفان پيش ڪيا ويا. جڏهن تہ نامياري استاد مظھر الدين ميمڻ طرفان ”سگا“ ساٿين کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو.
ان سان گڏوگڏ ان موقعي تي نياڻين جي تعليمي اداري گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول موري جي هيڊ مسٽريس ۽ فيميل ٽيچرس کي پڻ اجرڪ ۽ گُلن جا تحفا پيش ڪيا ويا. اهڙي طرح سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري طرفان استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي موري شھر جي مختلف تعليمي ادارن ۾ استادن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون ٿي گذريون. ٻئي طرف مورو شھر جي تعليمي ماهرن، علمي ادبي تنظيمن، صحافين ۽ ٻين ادارن ”سگا“ موري جي اهڙي عمل جي واکاڻ ڪئي ۽ ان عمل کي ساراهيو.

هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي ياد ۾ تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان 14 آڪٽوبر 2018ع آچر ڏينھن صبح جو 10 وڳي ”سگا“ آفيس مورو ۾ سنڌ ادبي سنگت جي سھڪار سان سنڌ جي ناليواري سياستدان، هاري اڳواڻ، اديب، وڪيل ۽ فن موسيقيءَ جي ڄاڻو نامور شخصيت مرحوم قاضي فيض محمد جي 36هين ورسي تقريب ملھائي وئي. پروگرام جي صدارت پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ سڪندر ڪورائي ڪئي، جڏهن تہ مھمان خاص پروفيسر افتخار احمد ٻگهيو هو. ساڻن گڏ ”سگا“ صدر مورو اسلم عباسي ۽ ساس ضلع رابطا سيڪريٽري اظفر سعيد ميمڻ کي اسٽيج تي ويھاريو ويو. آجياڻي تقرير ڪندي ساس مورو جي سيڪريٽري ۽ سگا موري جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر اسد سولنگيءَ چيو تہ اڄ اسان سنڌ جي ناليواري مھان شخصيت قاضي فيض محمد جي 36هين ورسي ملھائي رهيا آهيون، جيڪو برصغير جو تمام وڏو مھان ماڻھو ٿي گذريو آهي. قاضي فيض محمد سنڌ جو سچو همدرد، هڏڏوکي ۽ پورهيتن جو دوست، وطن پرست انسان هو، جنھن پنھنجي عملي زندگي گذاري ۽ ڪردار ادا ڪيو. اڄ بہ سنڌ کيس عزت جي نگاھہ سان ڏسي ٿي.
ان بعد ايڊووڪيٽ مصطفيٰ ڇڄڙي چيو تہ قاضي فيض محمد کي مون ننڍپڻ ۾ موري جي وڪيل جان محمد سرهئي وٽ ايندي ڏٺو هو ۽ هو هڪ اديب ڏاهو انسان هو. ”سگا“ موري جي جنرل سيڪريٽري وزير فرهاد ڳالھائيندي چيو تہ قاضي صاحب اصول پرست سنڌ دوست رهيو. هن سياست ۾ هميشہ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو ۽ پاڻ شيخ مجيب رحمان سان پڻ گڏ رهيو. هن چيو تہ هن وقت بہ سنڌ کي اهڙن ڪردارن جي سخت ضرورت آهي. پاڻ وڏو قانوندان، موسيقيءَ جو ڄاڻو هو. راڳ ۾ سندس استاد خان صاحب ﷲ ڏنو خان نوناري هو. تقريب جي مھمان خاص اسلم عباسيءَ قاضي صاحب جي زندگي تي ڳالھائيندي چيو تہ سندس جنم 23 نومبر 1908ع تي هالاڻي جي ڳوٺ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم هالاڻي ۾ ئي ورتائين ان بعد خيرپور ميرس ۽ نوشھرو فيروز جي هاءِ اسڪول مان تعليم پرايائين. 1929ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1935ع ۾ بي ايس پاس ڪئي. سن 1940ع ۾ علي ڳڙھہ يونيورسٽي مان ايل ايل بي پاس ڪري نواب شاھہ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ ’ٻاويھه سو ٻاويھه‘ شاهڪار ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. پاڻ ڪيترائي چڪر قومي ڪم ڪندي جيل ۾ پڻ رهيو. آخرڪار 74 سالن جي ڀرپور ڪامياب زندگي گذارڻ بعد 13 آڪٽوبر 1982ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاھہ سندن اباڻي شھر هالاڻي ۾ آهي.
اديب اظفر سعيد ميمڻ، قاضي صاحب جي زندگي تي ڳالھائيندي چيو تہ پاڻ هڪ عظيم سياستدان، هاري اڳواڻ، اديب ٿي گذريو آهي. اڄ جي دؤر ۾ اهڙن شخصيتن جي زندگي نوجوان نسل کي اُتساھہ جو رستو ڏيکاري ٿي. ان کان پوءِ مھمان خاص پروفيسر افتخار احمد ٻگهيي ڳالھائيندي چيو تہ قاضي فيض محمد هڪ بھترين وڪيل هو. ڪيترن ئي غريب، مسڪين، پورهيتن ۽ هارين جي مدد ڪندو هو. هو بھترين انسان هو. اڄ ”سگا“ مورو کيس ياد ڪري سٺي روايت قائم ڪئي آهي. آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي ڪامريڊ سڪندر ڪورائيءَ چيو تہ ”سگا“ موري جي ساٿين کي جس آهي جنھن اڄوڪو هي پروگرام منعقد ڪري ماضيءَ جي شاندار شخصيت بابت نوجوانن کي ڄاڻ ڏني آهي. قاضي صاحب پنھنجي زندگي مظلوم ۽ بي پھچ طبقي لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري. اسان کي گهرجي تہ هن وقت سماج ۾ اهڙن عظيم انسانن جي ڏنل گس تي هلي سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪيون.

ٽي ڏهار ڪتابي ميلو ـــ 2018ع ۽ علمي ادبي پروگرام:
قومن جي ترقي ۽ تقدير، تعليم ۽ ڪردار سان ٺھندي آهي ــ تقريري مقابلو
نوجوانن لاءِ جاڳرتا ليڪچر پروگرام
نوجوان شاعر رضا ايوب جي ڪتاب ”مان دراوڙ ديس جو“ جي مھورت
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ پاران هر سال جيان هن سال بہ 7 ڊسمبر کان 9 ڊسمبر 2018ع تائين ”ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد“ جي سھڪار سان ٽن ڏينھن وارو علمي ادبي سماجي ۽ ثقافتي تقريبن وارو ڪتابي ميلو، ميونسپل هال موري ۾ لڳايو ويو. ڪتابي ميلي ۾ ڪتابن جي اسٽالن سان گڏوگڏ هاءِ اسڪول موري جي بھترين استادن ذاڪر حسين ميمڻ جي محنت سان ڪاٺ واري ڪم مان ٺاهيل سائنسي، ثقافتي ماڊل جا اسٽال پڻ لڳل هئا.

افتتاحي تقريب:
7 ڊسمبر 2018ع جمعي ڏينھن، چئين وڳي ڪتابي ميلي جي افتتاحي تقريب ٿي. سڀ کان پھريان ”سگا“ جي مرڪزي اڳواڻن ولي محمد ”روشن“، رفيق احمد سرهيو، منظور احمد اڄڻ، نامياري اديب رکيل مورائيءَ گڏجي پٽي ڪٽي. ان بعد مھمانن ۽ شريڪ ٿيندڙ علمي ادبي سماجي ساٿين ۽ شھرين گڏجي ڪتابن جا اسٽال ڏٺا. جنھن بعد افتتاحي تقريب جي شروعات ڪندي، صدارت مرڪزي سيڪريٽري جنرل ”سگا“ محترم منظور اڄڻ جي حوالي ڪئي وئي. ساڻس گڏ مھمان خاص طور اڳوڻي چيئرمين ”سگا“ محترم ولي محمد روشن ۽ سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهئي کي وهاريو ويو. ان سان گڏ مھمان طور نامور ليکڪ رکيل مورائي ۽ ڪويتا پبليڪيشن جي موهن مدہوش کي پڻ اسٽيج تي ويھاريو ويو. ”سگا“ شاخ موري پاران اسٽيج تي ويٺل معزز مھمانن ۽ هيٺ ويٺل ”سگا“ جي اڳواڻن پيرل خان کوسي، پروفيسر شمس سارئي، نور محمد سيال، پروفيسر خالد حسين چنا، پروفيسر سريش واڌواڻي، جاويد انڙ، عبداللطيف ڪرٽيو، غلام مجتبيٰ دايي، عبدالمجيد بلو، عبدالرسول سومري، حاڪم علي اوٺي، پروفيسر بخش علي چانڊئي کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ پارايا ويا. جڏهن تہ محفل ۾ موجود سڀني مھمانن کي گيڙوءَ جون الفيون پڻ پارايون ويون. ان کان پوءِ مھمانن کي آجياڻو موري شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري پيش ڪيو. هن مھمانن کي ڀليڪار ڪندي سندن ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ”سگا“ موري شاخ جي صدر اسلم عباسيءَ جي ڇپيل ڪتاب ”’سگا‘ موري جي مختصر تاريخ“ جي مھورت ڪئي وئي.
مھمان خاص، ناليواري اديب، شاعر ۽ ليکڪ محترم رکيل مورائيءَ، ”سگا“ موري جي ساٿين کي ڪتابي ميلو منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو تہ ”سگا“ هميشہ سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون آهن، اڄوڪو ڪتابي ميلو ان جو شاندار مثال آهي. ان بعد رفيق احمد سرهئي ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ مورو، سنڌ جي هڪ مثالي شاخ آهي، موري جي ”سگا“ ساٿين ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ جو جذبو اُتم آهي، موري جي ”سگا“ شاخ جون خدمتون ساراھہ جوڳيون آهن. هيءَ شاخ ”سگا“ جو تڙپندڙ بيچين روح آهي. اهڙي شاندار ڪتابي ميلي ۽ مھورتي تقريب منعقد ڪرڻ تي موري شاخ جي ساٿين کي جس ڏجي ٿو. محترم ولي محمد روشن، ڳالھائيندي چيو تہ اڄوڪو شاندار ڪتابي ميلو سماج لاءِ صحتمند سرگرمي ۽ هڪ مثالي ڪم آهي، ڪتابن پڙهڻ واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ”سگا“ مورو شاخ چئن سالن کان شاندار ڪتابي ميلا لڳرائيندي رهي آهي. موري شاخ بابت آيل ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز آهي، جيڪو سڄي سنڌ جي شاخن لاءِ هڪ مثالي آهي.
صدارتي تقرير ڪندي منظور اڄڻ، ”سگا“ موري جي ساٿين کي جس ڏنو جنھن اهڙو بھترين ڪتابي ميلو لڳرايو آهي. هن چيو تہ مورو شاخ هڪ متحرڪ شاخ آهي، جيڪا هر وقت تحرڪ ۾ هوندي آهي. هن ”سگا“ بابت ڇپرايل ڪتاب کي واکاڻيندي چيو تہ هي موري شاخ جو ڊاڪيومينٽ آهي، جيڪو سنڌ جي شاخن لاءِ مثال آهي تہ اهي بہ پنھنجي پنھنجي شاخن جي تاريخ کي قلمبند ڪن. آخر ۾ ”سگا“ موري جي صدر محمد اسلم عباسيءَ سڀني ساٿين، ”سگا“ جي مرڪزي قيادت ۽ شريڪ سڀني معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا. هن مھورتي تقريب ۾ مرڪزي عھديدارن سان گڏ، ”سگا“ جي CEC جا ميمبر صاحبان، ”سگا“ جي مختلف شاخن ڪراچي، حيدرآباد، ڄام شورو، سيوهڻ، دادو، خدا آباد، خيرپور ناٿن شاھہ، پاٽ، ميھڙ، نئون ديرو، لاڙڪاڻو، قاضي احمد، دريا خان مري، نوشھرو، سيٺارجا، ڪنب، خيرپور، پنو عاقل، گهوٽڪي ۽ ٻين شاخن جي ساٿين شرڪت ڪئي. ان سان گڏوگڏ موري جي اديبن، شاعرن، وڪيلن، صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. ڪارروائي وزير فرهاد سولنگي (جنرل سيڪريٽري سگا) هلائي. آخر ۾ مھمانن کي رات جي ماني کارائي وئي، جيڪا موري ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ڪائونسلر محترم سعد ﷲ ڪلھوڙي پاران ”سگا“ موري کي ڏني وئي هئي.
ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينھن 8 ڊسمبر، ڇنڇر ڏينھن صبح نائين وڳي تقريري مقابلو ”قوم جي ترقي ۽ تقدير، تعليم ۽ ڪردار سان ٺھندي آهي.“ جي عنوان سان ٿيو جنھن ۾ موري شھر جي مختلف اسڪولن گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو، راشد مورائي هاءِ اسڪول، ويزن پبلڪ هاءِ اسڪول، انٽيلجينشيا پبلڪ اسڪول، يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول، روشن تارا هاءِ اسڪول ۽ ٻين اسڪولن جي ٻارڙن حصو ورتو ۽ انھن مٿين عنوان تي پنھنجون تقريرون ڪيون.
هن تقريري مقابلي ۾ پھرين پوزيشن کڻندڙ ٻارڙن ۾ ايوارڊ/ انعام ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ پاران ڏنا ويا. جڏهن تہ سڀني ٻارڙن جن بہ هن تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو، تن کي ڪتابي انعام چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو محترم نذير احمد ميمڻ طرفان ڏنا ويا. انھيءَ پروگرام ۾ روشن تارا اسڪول جي ٻارڙن اصلاحي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. ”سگا“ موري شاخ جي صدر اسلم عباسي سڀني آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا. پروگرام جي ڪارروائي مخدوم اظھار هلائي. آخر ۾ پروگرام ۾ شامل معزز مھمانن ۽ استادن پروفيسر شمشاد احمد سومري (چيئرمين تعليمي ڪاميٽي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ”سگا“ شاخ مورو) ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ذاڪر حسين ميمڻ، نصرﷲ ميمڻ، قاضي شفيع محمد، نياز حسين ڪورائي، عبدالھادي ڪلھوڙي، محمد اسلم ڪوريجي، مشتاق احمد سولنگي ۽ ٻين پنھنجا ويچار ونڊيا ۽ ”سگا“ موري جي ساٿين کي تقريري مقابلو ڪرائڻ تي جس ڏنو. هنن چيو تہ اچو تہ گڏجي پنھنجي تعليم کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ ذهين نوجوانن ۽ قابل شاگردن کي موقعا فراهم ڪري اڳتي وڌڻ ۾ سندن اعتماد بحال ڪريون.
ساڳئي ڏينھن، منجهند ٽين وڳي، ”سگا“ موري پاران ”ايپٽڪ ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ“ جي سھڪار سان ان سينٽر دادو روڊ موري ۾ ”نوجوانن لاءِ جاڳرتا ليڪچر“ پروگرام ٿيو. هن پروگرام جي صدارت نوجوان ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي ڪئي. جڏهن تہ مھمان خاص محترم نذير احمد ميمڻ (چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو) هو. ڪارروائي نوجوان اديب خالد ساحل ڪيرئي هلائي. مھمانن جي آجيان اسلم عباسي ڪندي سڀني سڄڻن جا ٿورا مڃيا. هن ايپٽڪ ڪمپيوٽر سينٽر جي محترم جاويد ملاح جا بہ ٿورا مڃيا جنھن ”سگا“ موري سان سھڪار ڪندي اڄوڪو جاڳرتا ليڪچر پروگرام پاڻ وٽ رکرايو.
ان کان پوءِ آءِ. ٽي. ماهر استاد جاويد علي ملاح نوجوانن کي انفرميشن ٽيڪنالوجي متعلق فني ڄاڻ ڏني. ”انگريزي ٻولي سکڻ ۽ ان ۾ مھارت حاصل ڪرڻ جي اهميت“ تي استاد عاشق حسين سيھڙ ليڪچر ڏنو. پروگرام جي مھمان خاص نذير احمد ميمڻ ڳالھائيندي چيو تہ مان ”سگا“ موري کي جس ڏيان ٿو جن ٽن ڏينھن جو ڪتابي ميلو ۽ هي پروگرام منعقد ڪري نوجوانن کي بھترين تفريحي ۽ علمي ماحول مھيا ڪيو آهي. اسان جو ”سگا“ سان مڪمل سھڪار رهندو. آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي چيو تہ ”سگا“ مورو ۽ ايپٽڪ جي جاويد ملاح کي مبارڪ ٿو ڏيان جن نوجوانن لاءِ اڄوڪو بھترين پروگرام ارينج ڪيو آهي. هن چيو تہ هن جديد دؤر ۾ معياري ڪمپيوٽر واري تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ انگريزي ٻولي سکڻ ۽ مھارت حاصل ڪرڻ پڻ وقت جي اهم گهرج آهي. آخر ۾ محترم جاويد ملاح پاران معزز مھمانن، ”سگا“ ساٿين ۽ صحافين کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا.
ڪتابي ميلي جي ٽئين ڏينھن 9 ڊسمبر، آچر تي سنڌي ادبي سنگت موري جي سھڪار سان خوبصورت شاعر رضا ايوب لانگاھہ جي شاعريءَ جي مجموعي ”مان دراوڙ ديس جو“ جي مھورتي تقريب ميونسپل هال ۾ مشھور شاعر، ليکڪ پروفيسر اصغر ڀريائيءَ جي صدارت هيٺ ٿي گذري. مھورتي تقريب جي ڪارروائي شاعر محبتي ملاح هلائي. صاحبِ ڪتاب رضا ايوب جو تعارف، ”سگا“ موري جي جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمشاد سومري ڪرايو. جنھن کان پوءِ ٻاهر کان آيل معزز مھمانن ڊاڪٽر لياقت مگسي، گدا خاصخيلي، تابش بخاري، سيد منظور شاھہ، وسيم آڪاش، منصور سيتائي، عاشق دادوي، خليل عارف سومرو، شبيرڻ پاٽائي، معشوق ڌاريجو، مارو جمالي، ماڻڪ ملاح، حنيف سومرو ۽ ٻين شاعرن، اديبن گڏجي ڪتاب جي مھورت ڪئي. جنھن کان پوءِ مٿين مھمانن کان علاوہ اسد سولنگي، اظفر سعيد، ڊاڪٽر برڪت ملڪ، نجم سرهئي، زاهد سھارڻ، سوز جتوئيءَ ڪتاب ۽ صاحبِ ڪتاب جي زندگيءَ تي تمام گهڻو خوبصورت ڳالھايو. پروگرام جي آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت موري جي سيڪريٽري اسد سولنگيءَ طرفان سڀني آيل مھمانن کي منجهند جي ماني کارائي وئي. ٽئي ڏينھن ڪتابي ميلي تي ڪتاب وٺندڙن جي رش رهي.

قاضي خدا بخش مورائيءَ جي ورسي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان، 20 فيبروري 2019ع، اربع ڏينھن، مھراڻ ڊگري ڪاليج موري ۾ برصغير جي اھم شخصيت، ساھتي علائقي سان تعلق رکندڙ، مورو جي قاضي خاندان جي فرد، ڪراچيءَ جي پھرين مسلمان ميئر، نامور قانوندان قاضي خدا بخش مورائيءَ جي، 65ھين ورسي تقريب ملھائي وئي. ھن موقعي تي سندس زندگي، فلاحي ڪمن ۽ ڪيل خدمتن بابت پروفيسر شمشاد احمد سومري ليڪچر ڏنو. ڪاروائي ”سگا“ شاخ موري جي جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد سولنگيءَ ھلائي، جڏھن تہ صدارت پروفيسر محمد خان ڏاھريءَ ڪئي. اعزازي مھمانن ۾ عظيم سنڌي، ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، ”سگا“ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پروفيسر بخش علي چانڊيو شامل ھئا. جڏھن تہ ليڪچرڪار پروفيسر شمشاد احمد سومري ۽ اسلم عباسي کي پڻ اسٽيج تي معزز مھمانن سان گڏ ويھاريو ويو. ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ آجياڻي تقرير ڪئي ۽ شريڪ سڀني مھمانن جا ٿورا مڃيا. ان بعد پروفيسر شمشاد احمد سومري، قاضي خدا بخش مورائيءَ جي زندگيءَ بابت تحقيقي ۽ تاريخي مقالو پيش ڪيو، جيڪو تمام گهڻو ساراھيو ويو. ھن قاضي صاحب جي زندگيءَ متعلق ڳالھائيندي چيو تہ قاضي خدا بخش ھڪ ناميارو قانوندان، بھترين صحافي، بھترين ايڊمنسٽريٽر، بھترين ڊبيٽر، اصول پرست سياستدان ھو. ھن پنھنجي تعليم سنڌ مدرسة السلام ڪراچيءَ ۽ عليڳڙھہ مان حاصل ڪري، الھه آباد يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري ورتي. قاضي صاحب ”الوحيد“ اخبار جو ”ايڊيٽر“ ۽ ”سنڌ جو پبلڪ پراسيڪيوٽر“ پڻ هو. قاضي خدابخش، ڪراچيءَ جي مشھور شخصيت حاتم علويءَ کي شڪست ڏئي ڪراچي جو پھريون مسلمان ميئر چونڊجي ويو. ھن ميئر شپ دوران ڪراچي جي ھيٺائينءَ وارن ۽ پوئتي پيل علائقن، خاص ڪري لياريءَ تي توجھہ ڏنو، اتي ترقياتي ڪم، روڊ، رستا ۽ پلون ٺھرايون. اسڪولن جو ڄار وڇايو ۽ غريب مسڪين ماڻھن کي روزگار سان لڳايو. قاضي خدابخش صاحب ھوشيار شاگردن کي اسڪالرشپون ڏئي اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ موقعا فراھم ڪيا. آخر ۾ سڀني مھمانن پڻ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي ورسي تقريب کي خطاب ڪيو ۽ ”سگا“ موري جي سماجي ڪمن ڪارين کي تمام گهڻو ساراھيو. ھن علمي ۽ تاريخي تقريب ۾ ”سگا“ ساٿين، معزز شھرين، استادن، شاگردن پريس ميڊيا سان تعلق رکندڙ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن تي تقريب:
”سگا“ موري شاخ پاران، 21 فيبروري 2019ع تي خميس ڏينھن، ”سگا“ آفيس موري ۾ ”مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن“، اديب ۽ شاعر اسد سولنگيءَ جي صدارت ھيٺ ملھايو ويو جنھن ۾ مھمان طور ”سگا“ ساٿي حاجي نثار احمد ميمڻ، اديب ۽ محقق پروفيسر شمشاد احمد سومرو ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت مورو رضا ايوب لانگاھہ شامل ھئا. ان موقعي تي ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ ڳالھائيندي چيو تہ اڄ سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھائجي رھيو آھي، اسان ۽ اوھان جي مادري زبان سنڌي آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا سنڌيءَ ٻوليءَ کي جيستائين سرڪاري طور قومي ٻولي تسليم نہ ڪرائيندا، ايستائين سنڌي ٻولي ترقي نہ ڪري سگهندي. ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي اسد سولنگيءَ چيو تہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ان سان ملڪ مضبوط ٿيندو. ھن چيو تہ سنڌي ٻولي ھزارين سالن کان وجود رکندڙ آھي. انگريزن جي دؤر ۾ سرڪاري طور لکت ۾ آڻي ۽ قانون پاس ڪيو ويو تہ ھر سرڪاري ملازم کي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻولي، لکڻ پڙھڻ ۽ ڄاڻڻ ضروري آھي. اسان پڙھيل لکيل ماڻھن تي فرض ٿو عائد ٿئي تہ پنھنجي اولاد کي سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏياريون ۽ ان جي مالڪي ڪريون.
پروفيسر شمشاد احمد سومري، ھن موقعي تي ڳالھائيندي چيو تہ دنيا جا دانشور ان ڳالھ تي متفق آھن تہ مادري ٻوليءَ ۾ سکيا ڏيڻ سان ذھن کلي ٿو. اھا ھڪ حقيقت آھي تہ مادري ٻوليءَ ۾ ئي ماڻھو بھتر اظھار ڪري سگهي ٿو ۽ ٻين ٻولين ۾ مھارت حاصل نہ ھئڻ سبب ھو پنھنجو اظھار کلي طور نہ ڪري سگهندو آھي. ھن چيو تہ مادري ٻولين کي حق ڏيڻ سان ملڪ وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندو. حاجي نثار احمد ميمڻ چيو تہ سنڌي زبان ھن خطي جي قديم زبان آھي، ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ سميت سمورن علائقائي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ۽ مادري ٻولين جي ترقي ۽ ترويج لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن. ”سگا“ موري جي جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد ڳالھائيندي چيو تہ دنيا ۾ مڃيل اصول آھي تہ ٻار کي بنيادي تعليم سندس مادري زبان ۾ ملڻ گهرجي. اسان وٽ انگريزي اسڪولن ۽ پرائيويٽ ادارن جو ڄار وڇايو ويو آھي پر انھن ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ بنيادي تعليم نہ ٿي ڏني وڃي، جيڪا سراسر ٻار سان زيادتي ۽ عالمي اصولن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آھي. پروفيسر افتخار احمد ٻگهئي، سڪندر ڪورائي، اشرف سولنگي، استاد اسلم راجپوت پڻ مادري زبان جي اھميت ۽ افاديت بابت ڳالھايو.آخر ۾ ٺھراءُ پاس ڪري سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو تہ ٻولي ايڪٽ 1972ع تحت سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي پڙھائي وڃي ۽ يارھين درجي ۾ رکيل آسان سنڌي مضمون لازمي پڙھايو وڃي. سنڌي مضمون نہ پڙھائيندڙ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي رجسٽريشن رد ڪئي وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. ھن تقريب ۾ زاھد حسين ڏيپر، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، قاضي شفيع محمد، رياض ميمڻ، فقير دين محمد ڪلھوڙي (صحافي) ۽ ٻين ”سگا“ ساٿين، اديبن، شاعرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو جي ڪتابن جي مھورتي تقريب:
”سگا“ موري پاران ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي جي ٻن ڪتابن ”روحاني ڪاميابيءَ جا ست اصول“ ۽ “Mind Science” جي مھورتي تقريب، ”ايپٽڪ ڪمپيوٽر سينٽر“ موري ۾، 14 فيبروري 2019ع، خميس ڏينھن ٿي گذري. جنھن جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر مشتاق باگاڻيءَ ڪئي. جڏھن تہ مھمان خاص ”سگا“ جو مرڪزي C.E.C جو ميمبر، بھترين شاعر، محقق پروفيسر بخش علي چانڊيو ھئو ۽ مھمانن ۾ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، اسلم عباسي، مختيار علي شاھہ، پروفيسر شمشاد احمد سومرو شامل ھئا. ڪتابن جي مھورت کان پوءِ ڪتابن تي پروفيسر شمشاد احمد سومري، مختيار علي شاھہ، خالد ساحل ڪيرئي، پروفيسر بخش علي ”بيوس“ چانڊيي، رضا ايوب لانگاھہ، اسد سولنگي، اسلم عباسي، مشتاق باگاڻي، رسول بخش گچيرائي، عظيم سنڌي، وزير فرھاد سولنگي ڳالھايو. مقررين ڪتابن تي ۽ صاحبِ ڪتاب تي ڳالھائيندي چيو تہ ڊاڪٽر غلام سرور صاحب سماج سڌارڪ ۽ علم و ادب دوست رھيو آھي. پاڻ ڪافي عرصي کان سماج ۾ ھڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو رھندو اچي ٿو، خاص طرح ڳوٺن، شھرن، سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ڪاليجن ۾ شاگردن ۽ نوجوانن کي اھم ۽ مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏئي ڄاڻ ڏيندو رھي ٿو. اميد آھي تہ سندس ھي ٻئي ڪتاب نوجوانن ۽ وڏي عمر وارن کي نوان دڳ ۽ لاڙا ڏيندا ۽ سندن ذھني اوسر ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي صدر اسلم عباسيءَ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ ڪتابن تي رايا پيش ڪندڙ عالمن، اديبن، معزز شھرين ۽ ”سگا“ ساٿين جا ٿورا مڃيا ۽ ايپٽڪ ڪمپيوٽر سينٽر جي سربراھہ جاويد ملاح جي خاص تعاون ڪرڻ تي سندس پڻ ٿورا مڃيا.

ناصر مورائيءَ جي 18ھين ورسي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري پاران، سنڌي ٻوليءَ جي ڪھاڻيڪار، ناٽڪ نويس، اديب ۽ صحافي سائين ناصر علي شاھہ، ناصر مورائيءَ جي 18ھين ورسي تقريب، 29 مارچ 2019ع تي ڪامريڊ يونس راھو جي صدارت ھيٺ ٿي گذري. تقريب ۾ پروفيسر شمشاد احمد سومرو، اسلم عباسي، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، پروفيسر محمد سليمان سيال ۽ فقير غلام رسول ميمڻ مھمان خاص طور شامل ھئا.
ان موقعي تي پروفيسر شمشاد احمد سومري، سيد ناصر علي شاھہ ”ناصر مورائي“ جي زندگيءَ تي مقالو پڙھندي چيو تہ: مورو شھر ساھتي پرڳڻي جو تاريخي خوبصورت شھر رھيو آھي، جنھن ڪيترن ئي محنتي، انقلابي ۽ قابل شخصيتن کي جنم ڏنو آھي جن مان سيد ناصر علي شاھہ ”ناصر مورائي“ پڻ ھڪ آھي. سيد ناصر علي شاھہ ”ناصر مورائي“، موري جي تعليمدان سيد جعفر علي شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ نھايت محنتي، بيباڪ ۽ نڊر شخصيت جا مالڪ ھئا. ننڍي ھوندي کان ئي انقلابي سوچ ۽ ڪجهہ ڪرڻ جي جستجو سان گڏ ھر چئلنج کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت رکندو ھو. سندس سماجي، ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي خدمتن جو سفر تمام ڊگهو آھي، پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ڪھاڻيڪار، ناٽڪ نويس، صحافي ۽ ھڪ ترقي پسند اديب ھو.
”ناصر مورائي“، ھڪ محنتي، بيباڪ، سچو، کرو، اصول پرست ۽ پنھنجي ڪم سان ڪمينٽيڊ انسان ھو، جنھن کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي فن ۽ فڪر تي پڻ دسترس حاصل ھئي. ناصر مورائي جڏھن پنجين درجي انگريزيءَ ۾ پڙھڻ ويو تہ کيس ڪھاڻي لکڻ جو شوق جاڳيو، ٻارڙن جي رسالي ”گلستان“ ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. سنڌي فائينل جي امتحان ۾ هن مضمون لکيو، جنھن کي استادن پھريون نمبر قرار ڏنو، ان بعد انھيءَ مضمون کي فائنل ۾ هر ايندڙ شاگرد کي اهو مضمون سونھين طور پڙھايو ويندو ھو. انھيءَ اعزاز سندس ۾ وڌيڪ اعتماد پيدا ڪيو ۽ کيس لکڻ تي آمادھہ ڪيو. 1956ع ۾ ناصر مورائي، مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1957ع ۾ ھن ھڪ ناوليٽ ”راتيون جاڳن“ جي عنوان سان لکيو، جيڪو پوءِ شايع ٿيو. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ”روح رھاڻ“، ”سھڻي“، ”نئين زندگي“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيل آھن. ناصر، 29 مارچ 2001ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ 30 مارچ تي سندس مڪليءَ جي قبرستان ۾ تدفين ٿي.
ان بعد مھمانن ڳالھائيندي چيو تہ سيد ناصر علي شاھہ ”ناصر مورائيءَ“ جي عملي جدوجھد جا ڪيترائي مثال ملن ٿا جن ۾ سرفھرست ”سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي“ بنائڻ لاءِ صحيحون وٺڻ جي مھم آھي، جنھن ۾ سندس ڪردار وسارڻ جوڳو ناھي.
سائين ناصر مورائي، خوددار ۽ دلير ليبر آفيسر طور اسٽيل مل ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون، جتي ھن مزدورن جي حقن لاءِ پڻ جدوجھد ڪئي جيڪا ڳالھ ان وقت جي انتظاميہ کي نہ وڻي ۽ نيٺ ھن کي نوڪريءَ تان ھٿ کڻڻو پيو. سائين ناصر، اسٽيل مل ۾ نوڪريءَ دوران سنڌي آفيسرن جي حقن لاءِ بہ لڙيو، انھن جي ايسوسيئيشن ٺھرائي، انھن ۾ ھمٿ ۽ جذبو پيدا ڪرايو ڇاڪاڻ تہ ان وقت اتي فاشسٽ تنظيم جي دھشتگردن جو ھولڊ ھو.
سائين ”ناصر مورائيءَ“، 1970ع جي ڏھاڪي دوران ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليم جي مسئلن واري جدوجھد ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ھن سنڌي ٻوليءَ تي بندش ۽ ون يونٽ خلاف وڏي جاکوڙ ڪئي، سندس ”اينٽي ون يونٽ تحريڪ“ ۾ ادا ڪيل ڪردار ڪڏھن بہ فراموش نہ ٿو ڪري سگهجي. ايوبي آمريت ۾ ون يونٽ خلاف سنڌي اديبن جي مزاحمتي جدوجھد ۾ ناصر مورائيءَ جو ڪردار پڻ ڀرپور رھيو ۽ ساراھہ جوڳو آھي.
مقررين وڌيڪ چيو تہ سيد ناصر علي شاھہ ”ناصر مورائي“، سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ سچو عاشق ھو. جنھن زماني جي گهڻن مشڪلن کي منھن ڏئي پنھنجي زندگيءَ ۾ مقام ٺاھيو. جنھن ڪري اڄ بہ سنڌ واسي کيس دل سان ياد ڪن ٿا. ان بعد ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، پروفيسر محمد سليمان سيال ۽ فقير غلام رسول ميمڻ، وزير فرھاد، سڪندر ڪورائي، اسد سولنگي، ڪامريڊ يونس راھو جن ناصر مورائيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ صحافتي زندگيءَ تي روشني وڌي.
ھن تقريب ۾ موري جي علمي ادبي، سماجي ۽ صحافت سان لاڳاپيل دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ اسد سولنگي، وزير فرھاد سولنگي، مخدوم اظھار، قاضي شفيع محمد، سڪندر ڪورائي، زاھد ڏيپر، ظفر الحق پنھور، جاني جماڻي، سنڌي الطاف سومرو، رائو عزيز راجپوت، وحيد مستوئي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن تقريب جي شروعات ۾ ”سگا“ موري جي صدر محمد اسلم عباسيءَ جي والد صاحب جي وفات تي ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ قل پڙھي دعا گهري وئي.

صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي جي سالگرھہ تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران موري شھر جي سماج سڌارڪ، صحافي، اديب، حڪيم صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي جي 70ھين سالگرتقريب، 8 اپريل 2019ع، سومر ڏينھن ”سگا“ آفيس موري ۾ ملھائي وئي. پروگرام جي صدارت ڳوٺ سڌار سنگت جي اڳواڻ ۽ ”سگا“ ساٿي رسول بخش گچيرائيءَ ڪئي. جنرل سيڪريٽري ”سگا“ شاخ مورو، وزير فرھاد سولنگيءَ پروگرام جي ڪاروائي ھلائيندي چيو تہ صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو ھڪ فقير ۽ صوفي منش انسان آھي. پاڻ ھڪ علمي ادبي، سماجي ۽ صحافتي خدمتون ڏيندڙ شخصيت آھي. ”سگا“ جي صدر اسلم عباسيءَ، صوفي صاحب جي زندگي ۽ خدمتن بابت ڳالھائيندي چيو تہ پاڻ خانداني طرح طب ۽ حڪمت سان لاڳاپيل آھي، سندس والد فقير صوفي لعل بخش ڪانڌڙو ھن علائقي جا تمام وڏا ڄاڻو حڪيم ۽ مھمان نواز ٿي گذريا آھن، سندس ڪيتريون ئي سماجي خدمتون آھن.
پروفيسر شمشاد احمد سومري، صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي جي شخصيت تي تحقيقي مقالو پيش ڪيو ۽ سندس علمي، ادبي، طبي، سماجي ۽ صحافتي خدمتن تي روشني وجهندي چيو تہ موري شھر ۾ ”طبيھ ڪاليج“ قائم ڪرائڻ ۾ صوفي صاحب جو اھم ڪردار آھي. صوفي صاحب کي حڪمت خانداني طور ورثي ۾ ملي آھي، سندن ڏاڏو، پڙ ڏاڏو ۽ والد صاحب بھترين ۽ ناميارا حڪيم ٿي گذريا آھن. صوفي غلام مصطفيٰ صاحب جو والد صاحب ھڪ صوفي فقير، خدا ترس بزرگ ۽ نالي وارو حڪيم ھو سندس مطب تي مريضن جا ميڙا متل ھوندا ھئا. جن کي مطب ڀرسان رھائش ۽ ننگر حڪيم صاحب جي طرفان ملندو ھو. پاڻ، صوفي بزرگ نصير فقير جلالاڻيءَ وارن جو طالب ھو. نامياري اديب ۽ ”سگا“ ساٿي اسد سولنگيءَ چيو تہ دنيا مان ڪو سفير اچي پڇي تہ سنڌ جو صوفي ڪيئن ھوندو آھي تہ کيس ھن عظيم شخصيت سان ملائجي تہ کيس خبر پئجي ويندي. ھن موقعي تي نثار احمد ميمڻ پڻ صوفي غلام مصطفيٰ متعلق پنھنجا ويچار ونڊيا. آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي رسول بخش گچيرائيءَ چيو تہ صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو سڄي سنڌ ۾ اھم ۽ منفرد حيثيت رکندڙ موري جي مھان شخصيت آهي. آئون جس ٿو ڏيان ”سگا“ موري جي ساٿين کي جن اڄ صوفي صاحب جي سالگرھہ تقريب ڪوٺائي آهي. آخر ۾ صوفي صاحب جي سالگرھہ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. صوفي صاحب کي ”سگا“ ساٿين، معزز شھرين صحافين ۽ سندس چاھيندڙن پاران ھار ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا.

موسيقيءَ جي عالمي ڏھاڙي تي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان، ”موسيقيءَ جي عالمي ڏھاڙي“ جي مناسبت سان، 21 جون 2019ع بروز جمعي تي، ٻانڌي روڊ تي واقع فقير نياز حسين سمون عرف ”گڏو فقير مڱڻھار“ جي آستاني تي محفل موسيقي جو ڏھاڙو ملھايو ويو. جنھن جي صدارت ”سگا“ موري شاخ جي صدر محمد اسلم عباسي ڪئي، جڏھن تہ مھمان خاص ”سگا“ موري شاخ جو جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد سولنگي ھيو. ھن پروگرام ۾ ”آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن ضلعي نوشھرو فيروز“ جو خاص تعاون حاصل رھيو، جنھن ڪري ضلعي نوشھروفيروز جي مختلف علائقن جي گلوڪارن، موسيقارن، سازندن، اداڪارن ۽ صوفي فقيرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جنھن ۾ دادو کان شھمير فقير سولنگي ۽ فقير محمد سولنگي پڻ شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي سُنگ سميت فن جو مظاھرو ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ جي نامياري صوفي راڳي ۽ آل سنڌ سنگيتڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳوڻ فقير غلام رباني چانڊيو پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو. ھن سنگيت جي محفل ۾ مشھور راڳي رئوف مگسي، گدا حسين سولنگي ۽ فقير خادم حسين ڪلھوڙي سُنگ سميت صوفي ويراڳ ٻڌايو. جڏھن تہ موسيقارن ۾ ”حق موجود اسٽوڊيو“ جو اڳواڻ بشير احمد سولنگي ۽ سازندن ۾ حب علي سمون، گل حسن سمون ڍولڪ نواز، محفل وڄائي خوب داد حاصل ڪيو. نيو جتوئيءَ کان ڪھي آيل نوجوان راڳي علي داد خاصخيلي پڻ محفل کي جهومايو. ان کان علاوہ سڄي محفل جي ڦوٽوگرافي احسان علي سولنگيءَ ڪئي. آخر ۾ مھمان خاص وزير فرھاد سولنگيءَ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ موسيقيءَ جي تاريخ تمام پراڻي آھي جيتري انسان حيات قديم آھي. موسيقيءَ جي ذريعي ذھني ۽ نفسياتي بيمارن جو پڻ علاج ٿئي ٿو. تقريب جي صدارت ڪندڙ محترم اسلم عباسيءَ چيو تہ موسيقي روح جي غذا آھي ۽ موجودہ دؤر ۾ موسيقي صنعت جو درجو حاصل ڪري چڪي آھي ۽ اڄوڪي تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀ ساٿي جس لھن.

ڊاڪٽر خان محمد پنھور جي 20هين ورسي:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ پاران سنڌ جي نامياري سماج سڌارڪ صحافتي شعبي جي استاد، محقق، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر خان محمد پنھور جي 20ھين ورسي تقريب، 7 جون 2019ع تي ”راشد مورائي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪئمپس“ ۾ نالي واري سماجي ۽ قومي ورڪر محترم سڪندر زمان ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿي گذري، جنھن ۾ اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين، سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، شھرين ۽ ”سگا“ جي ساٿين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سڪندر زمان ميمڻ، امداد علي بلوچ، علي گل ڪلھوڙي، رسول بخش ٻگهيو گيچرائي، ادريس جتوئي، صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو، عظيم سنڌي، ڪامريڊ ھاشم کوسي، اسلم عباسي، وزير فرھاد سولنگي، محمد رفيق سرھيو، پروفيسر بخش علي چانڊئي، پروفيسر شمشاد سومري، يونس راهو، حاڪم علي اوٺي ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ مھان شخصيتن سان ڀري پئي آھي جن پنھنجي زندگي ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ بھتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو انھن ۾ خان محمد پنھور پڻ شامل آھي. ڊاڪٽر خان محمد پنھور ھڪ شخص نہ پر ادارو ھو جنھن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي جهر جهنگ وڃي خدمت جو تاريخي مثال قائم ڪيو. ھن ماڻھن جي زندگين کي سنوارڻ لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي ھئي. ھنن چيو تہ خان محمد پنھور سنڌ جي ترقي، تعمير، سونھن، سڌاري، بھتري ۽ تعليم لاءِ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون، جيڪي تاريخ جو ھڪ حصو بڻيل آھن. ھن سنڌ جي ٻھراڙين، جهر جهنگ، جبلن ۽ ڏوراھن علائقن ۾ وڃي تعليمي ادارا قائم ڪرايا ۽ غريبن مسڪينن، مزدورن، ھارين ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان نوازڻ لاءِ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن علم ذريعي اونداھي کي ختم ڪرايو جو اڄ غريبن مسڪينن جا ٻار اعليٰ مقام ۽ اعليٰ عھدن تي فائز آھن.
مقررين وڌيڪ چيو تہ خان محمد پنھور علم ادب ۽ سماج جي سڌاري لاءِ پڻ لازوال جدوجھد ڪئي، ادبي دنيا ۾ پڻ سائين پنھور صاحب جون ڪيتريون ئي خدمتون آھن جن کي ڪڏھن بہ وساري نٿو سگهجي. ھن ٻارڙن لاءِ ادبي تنظيمون ٺاھيون جن ذريعي ٻارڙن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻھن کي متحد ڪرڻ، جوڙڻ، انھن جي ھر طرح جي مدد ڪرڻ، انھن کي آباد ڪرڻ ۾ ھن جون خدمتون سر فھرست آھن. ھن مھان انسان پيرين پنڌ ھلي سنڌ جي غريب ماڻھن جي وڏي خدمت ڪئي ۽ کين اعليٰ عھدن تائين پھچائڻ ۾ ڪابہ ڪثر نہ ڇڏي. ھو اُتساھہ ڏيندڙ شخص ھو. سنڌ ۽ موري لاءِ ھن جون وڏيون خدمتون ۽ قربانيون آھن. زندگيءَ جو ڳچ حصو خان محمد جو موري ۾ گذريو ۽ موري جي ادب علم ۾ نواڻ آندي ۽ اڄ بہ خان محمد پنھور ماڻھن جي دلين ۾ زندھہ آھي. ھن جھڙيون شخصيتون ڪڏھن بہ ناھن مرڻيون ۽ اھي ھميشه زندھہ آھن ۽ رھنديون. پنھور صاحب غريب طبقي مان اڀري پنھنجي محنت، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان زندگي گذاري، اھم عھدن تي پھتو. ھن سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪندي سڄي زندگي جدوجھد ڪندي، گذاري ڇڏي.
مقررن وڌيڪ چيو ته، ڊاڪٽر خان محمد پنھور، صحافت جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو ھو جنھن صحافت جي دنيا ۾ حق سچ لکي پنھنجو نالو روشن ڪيو. صحافت جي دنيا ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوانن کي راغب ڪرايو ۽ مظلوم بي پھچ ماڻھن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي پنھنجي قلم جي نوڪ سان آواز بلند ڪيو. ھن جي اڄ 20ھين ورسي آھي، ان موقعي تي اڄ اسين کيس ”سگا“ جي پليٽ فارم تان خراج تحسين پيش ڪيو ٿا ۽ سندس ڪيل خدمتن تي کين سلام پيش ڪيون ٿا. ھن تقريب ۾ مورو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اختر لغاري، مشتاق باگاڻي، راڻو اياز علي ميمڻ، مخدوم اظھار، حاجي نثار احمد ميمڻ، خالد ساحل ڪيريو، قربان علي کوسو، پروفيسر حق نواز ميمڻ، محمد عرس خاصخيلي، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، حسين بخش ميمڻ، فھد رضا ميمڻ، غلام حيدر ”مھجور“ سولنگي، دين محمد ڪلھوڙو، ظفر الحق پنھور، اياز علي سولنگي، شاھنواز ڀٽي، غلام نبي بھراڻي، زاھد ڏيپر، رضوان ٻگهيو، سرفراز ٻگهيو، صوفي ھادي بخش چانڊيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن تہ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض وزير فرھاد سولنگي سر انجام ڏنا.

استادن جي مان ۾ مڃتا تقريب:
”سگا“ موري شاخ پاران پنجاھہ سالن کان تعليمي خدمتون ڏيندڙ اداري ”گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مورو“ جي، استادن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ”منھنجو اسڪول“ جي عنوان ھيٺ تعليمي تقريب، 27 جولاءِ 2019ع تي موري ھاءِ اسڪول جي ڊرائنگ ھال ۾ ڪوٺائي وئي. جنھن جي صدارت پروفيسر محمد سليمان سيال ڪئي جڏھن تہ تقريب ۾ پروفيسر بخش علي چانڊيو، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، اسلم عباسي، غلام مصطفيٰ سولنگي (ھيڊ ماستر) حاجي نثار احمد ميمڻ، نصر ﷲ ميمڻ (گسٽا اڳواڻ) ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، وزير فرھاد سولنگي ۽ رسول بخش گچيرائي مھمان طور شامل ھئا. تقريب ۾ ”سگا“ جي اڳواڻن، استادن، ڊاڪٽرن، شاگردن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقررن چيو تہ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول موري جي ھن عمارت جو سنگ بنياد 1964ع ڌاري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نواب شاھہ طرفان رکيو ويو ۽ 1967ع ۾ جڙي راس ٿي ۽ افتتاح بعد ھتي تدرسي عمل شروع ڪيو ويو. ياد رھي تہ ھن کان اڳ ھاءِ اسڪول، پراڻي بلڊنگ نزد سرھيه محله ۾ ھلندو ھو. ھن اسڪول مان سون جي تعداد ۾ غريب، مسڪين، ھارين، پورھيتن، استادن ۽ سرنديءَ وارن جو اولاد تعليم پرائي ۽ محنت ڪري اعليٰ منزل ماڻي، ڊاڪٽر، انجنيئر، سي ايس ايس آفيسرس، آرمي، نيوي، ايئر فورس، جج، وڪيل، استاد، پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالر بڻيا آھن. ھنن وڌيڪ چيو تہ اسان جا سرڪاري ادارا بي يارو مددگار بڻيل آھي جنھن جي ڪابہ پرگهور نہ ٿي لڌي وڃي پر اھڙي صورتحال ۾ بہ ھن اسڪول ۾ بھترين استاد موجود آھن جن جي محنتن سان اڄ مقابلي واري دؤر ۾ شاگردن پنھنجي قابليت تحت پھرين پوزيشن حاصل ڪئي آھي. اسان اسڪول جي استادن ۽ سھڪار ڪندڙ ساٿين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ”سگا“ پاران استادن جي تعليمي خدمتن عيوض کين خراج تحسين پيش ڪندي مڃتا طور سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ اوڍايا ويا ۽ گلن جا ھار پڻ پارايا ويا. ھن يادگار تقريب ۾ T.E.O پرائمري محمد ياسين جيسر سان گڏوگڏ موري ھاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ، ”سگا“ موري جي ساٿين ۽ صحافي دوستن وحيد رزاق مستوئي ۽ جاني مورائي پڻ شرڪت ڪئي.

عظيم سنڌيءَ سان روح رھاڻ:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ پاران ”ھيومن ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن سنڌ“ جي سھڪار سان گذريل رات موري شھر جي علمي، ادبي، سماجي شخصيت، ”سگا“ مورو جي اڳواڻي جنرل سيڪريٽري عظيم سنڌيءَ سان ”قلندري پيٽرول پمپ“ مورو تي ھڪ علمي ادبي رھاڻ، 2 آڪٽوبر 2019ع تي رچائي وئي، جنھن جي صدارت نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ڪئي، جڏھن تہ مھمان خاص عظيم سنڌي سان گڏ، ”سگا“ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر حاڪم علي اوٺي، ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي، نظر حسين ميمڻ، ڊاڪٽرمشتاق باگاڻي، نوجوان اديب، سيد مختيار علي شاھه کي اسٽيج تي ويھاريو ويو. ”سگا“ موري جي جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪيو. ان بعد مختيار احمد ٻگهئي تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت حاصل ڪئي. نوجوان اديب، استاد، محقق خالد ساحل ڪيريي، عظيم سنڌيءَ جي زندگي متعلق تحقيقي مقالو پڙھيو، ان بعد ڪامريڊ سڪندر ڪورائي ۽ فقير غلام رسول ميمڻ پنھنجا ويچار ونڊيا. نوجوان اديب، محقق ۽ نقاد، خليق ٻگهئي زبردست انداز سان عظيم سنڌي جي علمي، ادبي خدمتن کي ساراھيندي. چيو تہ پاڻ نوجوانن لاءِ مشعلِ راھہ آھي. جنھن بعد ”سگا“ ساٿي نثار احمد ميمڻ ”سگا“ مورو ۾ ڪيل سندس خدمتن تي روشني وڌي. ھن چيو تہ ”سگا“ مورو شاخ 1976ع ۾ قائم ٿي ۽ عظيم ”سگا“ قائم ٿيڻ کان اڄ ڏينھن تائين ”سگا“ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي. نوجوان اديب، ڀٽائي جي پارکو اسد سولنگيءَ ڳالھائيندي چيو تہ چاچي عظيم سنڌيءَ جون علمي، ادبي، سياسي سماجي خدمتون تمام گهڻيون ۽ قابل تعريف آھن، کيس پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ گهرجي. ان بعد پروفيسر محمد يوسف شيخ سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس تمام گهڻو ساراھيو.
”سگا“ موري جي جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري، عظيم سنڌيءَ تي ڳالھائيندي چيو تہ شاگرد تحريڪ ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ مورو مرڪز رھيو آھي ۽ عظيم سنڌيءَ جو پڻ ان ۾ ڪردار رھيو آھي. عظيم سنڌيءَ جون ادبي، علمي ۽ سماجي خدمتون پڻ تمام گهڻيون ۽ ساراھہ جوڳيون آھن. نوجوان استاد غلام مرتضيٰ، ”جي ايم ڀان“ تقرير ڪندي چيو تہ ”سگا“ مورو ۽ ھيومن ڊيوليپمينٽ آرگنائيزيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو کي جس ھجي جنھن اڄوڪي رھاڻ ’عظيم سنڌيءَ‘ سان رچائي آھي. ان بعد ”سگا“ موري جي نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ پڻ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. ھن چيو تہ ”سگا“ موري لاءِ عظيم سنڌيءَ جون تمام گهڻيون خدمتون آھن. روشن تارا اسڪول مورو جوڙائڻ ۾ عظيم سنڌي جو پڻ ڪردار آھي. جنھن بعد سيد مختيار علي شاھہ، عظيم سنڌيءَ جي ڪيل علمي ادبي پورھئي تي روشني وڌي. ”سگا“ مورو جي صدر اسلم عباسيءَ تقريب ۾ ويٺل سڀني معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ عظيم سنڌي اسان جو ھڪ اثاثو آھي، تاريخ ۾ سندس قدر ضرور ٿيندو.
ان بعد مشتاق باگاڻيءَ ڳالھائينديءَ چيو تہ عظيم پيارو دوست آھي، ھرڪنھن جي ڏک سک ۾ ڪم ايندڙ سماجي خدمتگذار آھي. جيئن مورو سڄي سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ ائين مورو پڻ عظيم سان سڃاتو وڃي ٿو. ”سگا“ جي مرڪزي اڳواڻ حاڪم علي اوٺي تقرير ڪندي چيو تہ سگا، سنڌ اندر جيڪي سماجي خدمتون ڪيون آھن انھن ۾ ”سگا“ موري شاخ جو اھم ڪردار رھيو آھي ۽ عظيم سنڌي هڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ ’سگا‘ ساٿي آهي، اسان کيس خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. ان بعد صاحبِ رهاڻ عظيم سنڌيءَ ڳالھائيندي پنڊال ۾ ويٺل سڀني دوستن جا ٿورا مڃيا. صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي چيو تہ عظيم سنڌي ھڪ مھان ماڻھو آھي، اڄوڪي رھاڻ جو مقصد سندس قدر شناسي ڪرڻ آھي. تقريب جي آخر ۾ نوجوان راڳي عابد سولنگيءَ سر وکيريا ۽ محفل مان خوب داد حاصل ڪيو. ھن محفل ۾ موري شھر جي علمي ادبي سماجي اڳواڻن، شھر جي معززين، اديبن، شاعرن، صحافين، استادن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ رات دير تائين ھي رھاڻ جاري رھي.

استادن جي عالمي ڏينھن تي تقريب:
”استادن جي عالمي ڏينھن“ 5 آڪٽوبر 2019ع تي ”راشد مورائي ھاءِ اسڪول موري“ ۾، استادن جي عظمت کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ ”سگا“ موري پاران ھڪ تقريب ڪوٺائي وئي. جنھن ۾ ”سگا“ موري شاخ جو صدر اسلم عباسي، جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد سولنگي، پروفيسر شمشاد احمد سومرو (جوائنٽ سيڪريٽري) ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، بشير احمد لغاري، اسڪول ھيڊ ماستر محترم منير احمد سيال ۽ ٻين اسڪول جي استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ”سگا“ ساٿين پاران استادن کي گلن جا ھار ۽ اجرڪ پارا ويا ۽ کين سلام پيش ڪيو ويو. انھيءَ موقعي تي استادن پاران سائين راشد مسعود عباسيءَ، ”سگا“ جي دوستن جو شڪريو بجا آندو ۽ کين پڻ هار پارايا.
ٿيليسيميا جي مريضين لاءِ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ - 2019ع:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ ۽ ”ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي“ نواب شاھہ جي سھڪار سان، تاريخ 21 نومبر 2019ع، خميس ڏينھن، صبح 9 وڳي کان شام 4 تائين، ”مھراڻ سٽيزن ڪلب“ موري ۾ ھڪ ڏينھن لاءِ ٿيليسيميا بيماري ۾ مبتلا معصوم ٻارڙن جي زندگي بچائڻ لاءِ ”بلڊ ڊونيشن ڪئمپ“ هنئي وئي. ھن ڪئمپ ۾ ”سگا“ موري جي عھديدارن صدر اسلم عباسي، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ (چيئرمين ھيلٿ ڪاميٽي سگا) وزير فرھاد سولنگي، پروفيسر شمشاد احمد سومري، زاھد حسين ڏيپر، ميمبرس ڪاروباري ڪاميٽي پروفيسر محمد سليمان سيال، اسد ﷲ سولنگي، قاضي شفيع محمد، نثار احمد ميمڻ، پروفيسر مير نواز سيال ۽ ٻين ميمبرس ڀرپور حصو ورتو، جڏھن تہ ”ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي“ نواب شاھہ جي سربراھہ ڊاڪٽر محمد صادق سيال، محترم غلام نبي چنا ۽ پروگرام انچارج معشوق علي ڪوريجو ۽ ٿيليسميا سينٽر جي عملي پڻ ڪئمپ ۾ پھچي رت جو عطيو وٺڻ لاءِ ميڊيڪل گهرجون ۽ انتظامات مڪمل ڪيا.
صبح جو 9 وڳي موري شھر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان ڪيترائي نوجوان پنھنجي رت جو عطيو ڏيڻ واسطي ڪئمپ ۾ پھتا. سڀ کان اول رت جو عطيو ڏيندڙن کان رت جا جزا وٺي ان جو بلڊ گروپ ٽيسٽ ڪري، آئي ايڇ او، ھيپاٽائٽس بي ۽ سي چيڪ ڪري ۽ سڀ ٽيسٽون درست ۽ صحتمند رت ھجڻ جي تصديق ڪرڻ بعد رت ڏيندڙ جو نالو، ايڊريس ۽ رابطي وارو نمبر نوٽ ڪري پوءِ کائنس رت ورتو ويو.
ھن ڪئمپ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرھيو ۽ ميمبر سي.اي.سي پروفيسر بخش علي چانڊيو خصوصي شرڪت ڪئي ۽ ”سگا“ موري طرفان منعقد ٿيندڙ ڪئمپ جو دورو ڪيو. ھنن اڳواڻن پريس ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ موري کي جس ھجي جنھن ”ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي نواب شاھہ“ سان گڏجي ڪئمپ لڳائي آھي. ھي وڏو خير جو ڪم آھي. ضلعي نوشھري فيروز جي S.P طرفان پوليس عملي کي ھن خيراتي ڪم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ خاص ھدايتون ڏنيون ويون ھيون ان حڪم کان پوءِ پوليس عملي ڪئمپ ۾ پھچي رت ڏيڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
ھن ڪئمپ ۾ موري شھر جي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندڙن الامين گروپ جي حاجي محمد اسلم آرائين، صحافي علي شير ڏيپر، سماجي اڳواڻ ۽ استاد محمد حيات جويو، صحافي رائو تيمور خاص تعاون ڪيو ۽ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
جڏھن تہ ڪئمپ جو موري شھر جي علمي ادبي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، پريس، ميڊيا سان تعلق رکندڙ دوستن ۽ سماج سڌارڪ ساٿين پڻ دورو ڪيو ۽ ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي نواب شاھہ ۽ ”سگا“ موري جي سماجي ڪمن کي ساراھيو. اڳوڻي ڊي. ايڇ. او صحت نوشھروفيروز ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙي، ڪائونسلر لالا غلام مجتبي ڪلھوڙي، ڪامريڊ اسلم ڪوريجي، ڪامريڊ ھاشم کوسي، گسٽا اڳواڻ استاد نصرﷲ ميمڻ، پروفيسر محمد يوسف شيخ، اسڪائوٽ گروپ جي مظفر حسين گلاباڻي ۽ ٻين معزز شھرين ڪئمپ جو دورو ڪيو.
ھن موقعي تي پريس ڪلب مورو جا اڳواڻ ۽ صحافي سومر سولنگي، بخشل جماڻي، اختر لغاري، نواب اصغر ڪورائي، وحيد مستوئي، جاني جماڻي، ظفر پنھور، جاني مورائي، اياز سولنگي، جمن سولنگي، فقيردين محمد ڪلھوڙو، رياض عالماڻي، سومرو الطاف سنڌي ۽ ٻين ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ پريس ميڊيا جي ڪوريج ڏني. اھڙي طرح ھي ڪئمپ صبح کان شام تائين جاري رھي، ڪئمپ ۾ نوجوانن مردن سان گڏوگڏ نياڻين ۽ عورتن پڻ ٿيليسيميا بيماري ۾ مبتلا معصوم ٻارڙن جي لاءِ رت جو عطيو ڏنو. ھن ڪئمپ مان 160 رت جون بوتلون ڊونيٽ ٿيون.

پروفيسر مظھر الدين ميمڻ جي ياد ۾ چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪئمپ ــ 2020ع:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري پاران، 8 مارچ، 2020ع آچر ڏينھن، راشد مورائي ھاءِ اسڪول ڪئمپس مورو ۾، ”سگا“ ساٿي پروفيسر مظھر الدين ميمڻ جي ياد ۾ ھڪ ڏينھن واري مفت چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪئمپ لڳائي وئي. جيڪا صبح 8 وڳي شروع ٿي ۽ 2 وڳي تائين جاري رھي. ھن ڪئمپ ۾ ڪراچي کان ڪھي آيل چمڙيءَ جي بيمارين جا ماھر ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر رفيع ﷲ، ڊاڪٽر خالد، ڊاڪٽر عامر، ڊاڪٽر شاھہ نواز مريضن کي مفت تپاسي ۽ مفت دوائون ڏنيون. ھن ڪئمپ ۾ موري شھر ۽ آس پاس جي علائقن، ڳوٺن مان سوين ماڻھن چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا عورتن مردن ٻارڙن فائدو حاصل ڪيو جن کي چيڪ اپ ڪري انھن کي مفت دوائون، لوشن ۽ ڪريم ڏنا ويا.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي سيڪريٽري صحت محترم رفيق احمد سرھيو، مرڪزي ميمبر سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي پروفيسر بخش علي چانڊيو، ”سگا“ پاٽ شاخ جي صدر محمد اعظم ميمڻ، ”سگا“ مناھي شاخ جي صدر مرتضيٰ ڀنڀرو، جنرل سيڪريٽري عبدالحڪيم ملاح، ”سگا“ دولتپور شاخ جي جنرل سيڪريٽري سليم رضا سولنگيءَ ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ ”سگا“ موري جي ساٿين جي سماجي خدمتن کي ساراھيو ۽ کين جس ڏنو.
ٻئي طرف موري شھر جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن، اديبن، شاعرن، سماج سڌارڪن پڻ وڏي انگ ۾ ڪئمپ جو دورو ڪيو. معزز شھرين نظير احمد ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، راڻو محمد اياز ميمڻ، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، پروفيسر محمد سليمان سيال، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، شير علي سومرو، نظر حسين ميمڻ، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، پريس ڪلب مورو جي صحافين صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي، فقير دين محمد ڪلھوڙي، سومر سولنگي، محمد اسحاق ڪورائي، اياز سولنگي، جاني مورائي، الطاف سومرو سنڌي، اختر لغاري، محمد صالح کوسي ۽ ٻين ڪئمپ وزٽ ڪئي. ان کان علاوہ مورو بار ڪائونسل جي نوجوان ۽ محتني جاکوڙي صدر ائڊووڪيٽ امين الدين خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري ائڊووڪيٽ قادر ڪورائي، ائڊووڪيٽ ساجد احمد مستوئي، ائڊووڪيٽ قاضي شفيع محمد پڻ ھن ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ ”سگا“ موري جي ڪيل خدمتن کي ساراھيو.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي عھديدارن صدر اسلم عباسي، جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد سولنگي، نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، خزانچي زاھد ڏيپر، جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري، ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي پروفيسر زاھد حسين سيال ڪئمپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ خدمت ڏيندڙ ڊاڪٽرن، ٻئي عملي سان گڏ والينٽيئر اسڪائوٽس گروپ ۽ ”سگا“ ساٿين جا ٿورا مڃيا.
اسڪائوٽ گروپ جي رائو اسلم، محمد عظيم، مظفر حسين گلاباڻي، ڊاڪٽر عدنان اسلم عباسي، اعتزاز اسلم عباسي، عبدالرشيد ميمڻ، اعجاز احمد ميمڻ بولاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوانن ڪئمپ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان موقعي تي ڪئمپ ۾ شرڪت ۽ دورو ڪندڙن معززين چيو تہ ”سگا“ موري جي محنتي ۽ جاکوڙي دوستن کي جس ھجي جيڪي موري شھر ۾ مختلف ڪئمپون منعقد ڪري عوام جي خدمت ڪن ٿا. ”سگا“ جون ڪيل ڪاوشون قابل تعريف آھن، اڄ بہ چمڙيءَ جي ھن ڪئمپ ۾ مورو جي آس پاس جي ڪيترن ئي مسڪين سوين ماڻھن جو مفت ۾ چيڪ اپ ڪري انھن کي مفت دوائون ڏنيون ويون آھن ھي ھڪ فلاحي ۽ ثواب جو ڪم آھي اسان انھن سڀني دوستن جي ھمت جوش، جذبي ۽ محنتن کي سلام پيش ڪريون ٿا.
اندازي موجب ڪئمپ ۾ 2000 ھزار ماڻھن کي تپاسي مفت دوائون ڏنيون ويون.

ڪرونا بابت جاڳرتا مھم ۽ غريب خاندانن ۾ راشن جي ورھاست:
مئي 2020ع ڌاري، ڪرونا سبب دنيا ۾ آيل ڏڪار ۽ لاڪ ڊائون سبب ”سگا“ شاخ موري جي ”سگا“ ساٿين، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، نظرحسين ميمڻ ۽ شاخ جي عھديدارن جي گڏيل ڪوشش سان تقريبن اڍائي لک جو راشن ماڻھن تائين پھچايو ويو. ڪرونا بيماري جي بچاءُ لاءِ ”مھراڻ سٽيزن ڪلب“ ۾ ”اويرنيس پروگرام“ (جاڳرتا مھم) منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ماسڪ، صابڻ ۽ سينيٽائزر پڻ ورھايا ويا. ھن وبا جي ڪري شھر مڪمل طرح ڏينھن رات بند رھيا، جنھن ڪري پورھيت ۽ غريب طبقو سخت متاثر ٿيو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان متاثرين ۾ کاڌ خوراڪ ۽ راشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. ”سگا“ مورو شاخ جي صدر اسلم عباسي، جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، نظر حسين ميمڻ، زاھد ڏيپر، اياز محمد ميمڻ ۽ پروفيسر شمشاد سومري چندو ڪري اڍائي لک روپين تائين غريبن ۾ راشن ورھايو. ھن خير جي ڪم ۾ ڪراچي کان ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ روح روان پروفيسر مظھر ميمڻ فائونڊيشن پڻ ”سگا“ سان مالي سھڪار ڪيو.

پروفيسر شمشاد احمد سومري جي سالگرھہ تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران سنڌ جي نامياري محقق، اديب، ليکڪ، تاريخدان، سماج سڌارڪ پروفيسر شمشاد احمد سومري جي 57ھين سالگرھہ جي تقريب، محقق، ليکڪ، اديب رسول بخش ٻگهيو گچيرائيءَ جي صدارت هيٺ ”سگا“ آفيس ۾ 6 سيپٽمبر 2020ع تي منعقد ڪئي وئي. جنھن ۾ اديبن، شاعرن، ليکڪن، سياسي، سماجي، علمي، ادبي، تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شھرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رسول بخش ٻگهيو گچيرائي، استاد بھاول خان لغاري، اسلم عباسي، سيد مختيار علي شاھہ، خالد ساحل ڪيريو، خادم بالادي، پروفيسر افتخار احمد ٻگهيو، اظھار مخدوم ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ پروفيسر شمشاد احمد سومرو سنڌ جي علم ادب، تھذيب، ثقافت ڪلچر ۽ تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آھي، ھن جون خدمتون تاريخ جو ھڪ حصو بڻيل آھن، ھن جي زندگي جو محور انسانيت جي خدمت علم ادب ۽ پوري دنيا آڏو سنڌ سان لاڳاپيل تاريخ کي اجاگر ڪري نروار ڪرڻ آھي. مورو ۽ ساھتيءَ جي تاريخ کي سھيڙڻ ۾ پڻ ھن اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ھن موري جي مھان شخصيتن، مانائتن اديبن، شاعرن، سماج سڌارڪن صحافين، عالمن کي سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاھر روشناس ڪرائي مڃتا ڏياري آھي. مقررن، پروفيسر صاحب جي ڪيل تحقيقي پورھئي تي پڻ تفصيل سان ڳالھايو ۽ سندس علمي ادبي خاص ڪري ڪيل تحقيقي ڪمن کي ساراھيو ۽ اميد ظاھر ڪئي تہ اڃا بہ پاڻ جهجهو تحقيقي ڪم ڪري موري جو نانءُ روشن ڪندو.
ھنن چيو تہ پروفيسر شمشاد احمد سومرو اها شخصيت آھي جنھن علم ادب جي ذريعي ماڻھن کي سجاڳ ڪيو آھي. ھن جي لکڻي ۾ سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ سمايل آھي. ھو ھر ڪنھن کي حق ۽ سچ چئي ڏيندڙ شخصيت آھي، ھنن چيو تہ اھڙي نامياري شخصيت جي سالگرھہ ملھائي خوش محسوس ڪري رھيا آھيون، جڏھن تہ تقريب ۾ پروفيسر شمشاد احمد سومري ڳالھائيندي چيو تہ منھنجي قلم سنڌ جي تاريخ، علم ادب ۽ انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي اُجاگر ڪرڻ، تاريخي ڪردار ادا ڪندڙن شخصيتن جون ڪيل خدمتون لکيون آھن، جيڪا خدمت اڃا جاري آھي. ھن چيو تہ ھتي جن دوستن مون تي ڳالھايو آھي ۽ سالگرھہ تقريب ملھائي مانُ مرتبو ڏنو آھي، مان انھن سڀني جو شڪر گذار آھيان. ان موقعي تي پروفيسر شمشاد احمد سومري جي سالگرھہ جو تاڙين جي گونج ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، مبارڪون ڏئي کيس تحفا ڏنا ويا ۽ اجرڪ ھار پارايا ويا. سالگرھہ جي تقريب ۾ صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو، بشير احمد لغاري، صوفي ھادي بخش چانڊيو، زاھد ڏيپر، رضوان ٻگهيو، اياز بھاول لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏھن تہ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض اظھار مخدوم سرانجام ڏنا.

اسان جو شاھہ ـــ مذاڪرو:
(شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي حوالي سان مذاڪرو)
”سگا“ موري شاخ پاران، حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سالياني عرس جي موقعي تي ھڪ مذاڪرو ”اسان جو شاھہ“ جي عنوان سان، 2 آڪٽوبر 2020ع تي، ”سگا“ آفيس ۾ ٿي گذريو. جنھن جي صدارت ڊاڪٽر مشتاق باگاڻيءَ ڪئي. جڏھن تہ مھمانن ۾ ڪامريڊ ھاشم کوسو، رسول بخش گچيرائي ۽ خادم بالادي شامل ھئا. ”سگا“ موري شاخ جي صدر اسلم عباسي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا. ھن مذاڪري ۾ پروفيسر شمشاد احمد سومري، خالد ساحل ڪيرئي، ڪامريڊ يونس راھو، اظھار مخدوم، پروفيسر افتخار احمد ٻگهيي ۽ حاجي نثار احمد ميمڻ، شاھہ سائين جي آفاقي ڪلام ۽ فڪر تي ڳالھايو ۽ ڀٽائي جي شاعري ذريعي ڏسيل سھپ، رواداري، درگذر، وطن پرستي، پنھنجن ماڳن مڪانن سان پيار ۽ لازوال محبت بابت تفصيلي روشني وڌي. مقررن، پنھنجي تقريرن ۾ ان ڳالھ تي پڻ زور ڏنو تہ لطيف شناسيءَ کي عام ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي لطيف جي شاعري پڙھائي وڃي تہ جيئن سنڌ جو نوجوان نسل نہ رڳو شاھہ سائين جي فلسفي کان واقف ٿئي پر ڀٽائي سرڪار جي فلسفي جي حقيقي روح موجب سھپ، رواداري، نياز ۽ نوڙت، خودشناسي، پاڻ کي وساري ٻين لاءِ ڪم اچڻ وارين خوبين کان واقف ٿئي ۽ ان تي عمل ڪري. ھنن ڀلاري ڀٽائيءَ جي حوالي سان چيو تہ شاھہ سائينءَ جو ڪلام اسڪولن، ڪاليجن ۾ لازمي پڙھايو وڃي، لطيف سائينءَ جي سُرن ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي ليڪچر ڪرايا وڃن. شاھہ سائينءَ جي ڪلام کي عام ڪرڻ لاءِ اسڪول اندر نوجوانن ۾ بيت بازي ۽ تقريري چٽا ڀيٽي جا مقابلا ڪرايا وڃن تہ جئين شاھہ ڀٽائيءَ جو ڪلام عام ٿئي.
مقررن وڌيڪ چيو تہ شاھہ سائينءَ جو پيغام، امن سلامتي ڀائيچاري ۽ پوري عالم انسانيت لاءِ خوشحالي آڻڻ وارو آھي، جنھن کي سمجهڻ ۽ ھنڊائڻ سان نہ رڳو ماڻھوءَ جي سوچ پنھنجو پاڻ کان مٿڀري ٿي، انسانيت بلڪ عالمگيريت جو درس ڏئي ٿي.
آخر ۾ اسلم عباسي، مذاڪري ۾ آيل سڀني مھمانن جا ٿورا مڃيندي چيو تہ سنڌ جي عوام جي مڙني دردن جو درمان ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ آھي، اچو تہ نوجوان نسل کي لطيف سائينءَ سان روشناس ڪرايون. پروگرام جي ڪاروائي، وزير فرھاد سولنگي ھلائي.

علمي ادبي سماجي شخصيت مخدوم اظھار ساڻ رھاڻ:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان، 16 آڪٽوبر 2020ع، جمعي ڏينھن 4 وڳي، ”3D اسٽار ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ موري“ جي گڏيل تعاون سان موري شھر جي علمي، ادبي، تعليمي شخصيت ۽ ”سگا“ ساٿي مخدوم اظھار جي خدمتن عيوض کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ رھاڻ رچائي وئي، جنھن ۾ موري شھر جي علمي ادبي سماجي ۽ تعليمي ماھرن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ساڃاھہ وندن ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي، پروفيسر شمشاد احمد سومري، بھاول خان لغاري، استاد الھه بچايو لغاري، خليق ٻگهيو، نور سولنگي، سرفراز ٻگهيو، ”سگا“ ساٿي زاھد ڏيپر، نثار احمد ميمڻ، قاضي شفيع محمد، سڪندر جروار، سميت ٻين ڪيترن ئي نالي وارين شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ھن پروگرام جي صدارت سماج سڌارڪ ۽ ”سگا“ ساٿي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي ڪئي.
آجياڻي تقرير ڪندي ”سگا“ موري جي جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد سڀني آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا، ھن چيو تہ مخدوم صاحب ھڪ اصول پرست ۽ سچو، باڪردار انسان ۽ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل رھيو آھي، هي ھڪ نظرياتي، انسان دوست، پورھيت ۽ ”سگا“ موري شاخ جو ھن وقت اطلاعات سيڪريٽري پڻ آھي. ان بعد 3D اسٽار جي روح روان جاويد ملاح پڻ مخدوم اظھار جي خدمتن کي ڀيٽا ڏني. جڏھن تہ نظام الدين ڏاھري النور شگر مل ۽ پورھيت ٽريڊ يونين ۾ مخدوم صاحب جي ڪيل پورھيت جدوجھد تي روشني وڌي. سندس علمي، ادبي ڪردار تي خالد ساحل ڪيرئي بھترين مقالو پيش ڪيو. ان بعد مقررين اسد سولنگي، خادم بالادي، ائڊووڪيٽ امداد سولنگي ائڊووڪيٽ فائزه سولنگي، مخدوم نظير احمد قريشي، رسول بخش گچيرائي، پروفيسر محمد خان ڏاھري، اظفر سعيد مميڻ، غلام اصغر چانڊيو، حسن شاھہ صوفاڻي، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، جي.ايم.ڀان ۽ ٻين مخدوم اظھار جي ڪيل علمي، ادبي پورھئي تي ڳالھائيندي چيو تہ ھي ھڪ بھترين انسان، شعور رکندڙ، نظرياتي، واعدي اقرار جو سچو، پورھيت دوست آھي جنھن سڄي زندگي جدوجھد ڪئي آھي، کيس سلام پيش ٿا ڪريون تہ پاڻ ثابت قدم رھيو آھي.
”سگا“ جي صدر اسلم عباسيءَ ڳالھائيندي چيو تہ سماج ۾ سٺن ڪردارن جي شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ گهرجي جيئن سندن جيئري قدرشناسي رھي، معاشري ۾ ڏينھون ڏينھن رول ماڊل ڪردارن جي کوٽ ٿي رھي آھي، اچو تہ معاشري ۾ سٺن ڪردار جي ماڻھن جو قدر ڪريون.
صاحبِ رھاڻ مخدوم اظھار ڳالھائيندي سڀني دوستن، خصوصاً ”سگا“ موري وارن جا ٿورا مڃيا جن اڄوڪو ھي محبتي ميڙ ڪوٺائي مون کي عزت ۽ محبت ڏني آھي. ھن چيو تہ زندگي جدوجھد ڪرڻ جو نالو آھي، ان موقعي تي ھن ليبر يونين اڳواڻ مخدوم رشيد کي پڻ سلام پيش ڪيو جنھن کيس ھي دڳ ڏيکاريو.
صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيئي چيو تہ ”سگا“ مورو اڄ هي رهاڻ رچائي سڀني سنڌ واسين کي ھڪ دفعو وري سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو آھي تہ سنڌ جي ڳوٺن، واھڻن، وستين، شھرن ۾ باڪردار ماڻھن جو قدر ڪريون ۽ تعليم پرائڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو پيدا ڪريون. ايندڙ دؤر ۾ اھائي قوم زندھہ رھي سگهندي جيڪا تعليم جي ميدان ۾ ترقي جي راھہ ۾ اڳڀري ھوندي.
آخر ۾ ”سگا“ شاخ موري جي ساٿين، اديبن، شاعرن، استادن ۽ ساڃاھہ وندن مخدوم اظھار کي اجرڪ اوڍايا، تحفا پيش ڪيا ۽ گلن جا ھار پڻ پارايا. گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مورو جي بھترين استاد آرٽسٽ سائين ذاڪر حسين ميمڻ طرفان ڪاٺ جي بھترين نقش تي سنڌ جو نقشو کيس تحفي طور پيش ڪيو.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان، تاريخ 20 ڊسمبر 2020ع، آچر ڏينھن، ”سگا“ آفيس ۾ سنڌ جي ناليواري ليکڪ، ٻوليءَ جي ماھر، استاد، لوڪ ادب جي ڄاڻو، اسڪالر ۽ ”سگا“ شاخ ڪراچيءَ جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اوچتي وڇوڙي تي سندس ياد ۾ ھڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. پروگرام جي صدارت لاءِ نامياري ليکڪ، اديب ۽ تعليمي ماھر محمد ادريس جتوئيءَ کي سڏايو ويو جڏھن تہ مھمانن ۾ ”سگا“ موري جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري محترم عظيم سنڌي، نوجوان استاد، محقق اسد چنا ۽ پروفيسر بخش علي چانڊيو، (”سگا“ مرڪزي ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي) ھئا جڏھن تہ ساڻن گڏ اسلم عباسي کي پڻ ويھاريو ويو.
پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنھن جي سعادت زاھد حسين ڏيپر حاصل ڪئي. ان بعد ”سگا“ شاخ موري جي جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد سولنگي آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو وڇوڙو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ھڪ وڏو نقصان آھي. ھن چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ريڊيو تي ڪيترن ئي فنڪارن، اديبن، شاعرن ۽ فنون لطيفہ سان تعلق رکندڙن شخصيتن کي متعارف ڪرايو. ان بعد نوجوان اديب خالد ساحل ڪيريي، ڄامڙي صاحب متعلق خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اوچتي وڇوڙي سان اسان سڀني کي تمام گهڻو ڏک ۽ تڪليف پھتي آھي پر اسان سڀ بيوس آھيون، ھوھڪ عملي انسان ھو ۽ ھن پنھنجي قلم ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ لاءِ ڪم ڪيو. ھن 48 سالن جي ڄمار ۾ 52 ڪتاب لکيا، جيڪا سنڌي ادب جي تمام وڏي خدمت آھي. بعد ۾ نوجوان ليکڪ ۽ شاعر خادم بالادي ڳالھائيندي چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ھڪ اداري جو نالو ھو، ھو ھميشه مون ڏي ڪتاب، رسالا ۽ تحقيقي جنرل موڪليندو ھو، فون رستي ساڻس محبت، پيار ۽ ڳانڍاپي جو سلسلو ھو. سندس وڇوڙي اسان تي تمام گهڻا گهرا اثر ڇڏيا آھن. نوجوان ليکڪ ۽ شاعر حسن شاھہ صوفاڻي تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو تہ مون کي ريڊيو ۽ ميڊيا جي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ھو.
”سگا“ ساٿي ۽ محقق، اديب پروفيسر شمشاد احمد سومري ھن تعزيتي ميڙ ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو تمام گهڻين خوبين جو مالڪ ھو. ھو کاھوڙي عالم اديب، جاکوڙي ليکڪ ۽ بھترين محقق ۽ استاد ھو. ھن سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو. ٻولي ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو، ھن ڪيترن شاگردن کي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائڻ ۾ بھترين ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جون لوڪ ادب لاءِ وڏيون خدمتون آھن پاڻ متحرڪ سماج سڌارڪ ھئو ۽ ”سگا“ ڪراچي شاخ جو صدر پڻ رھيو.
”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ چيو تہ منھنجي ڊاڪٽر صاحب سان گهڻي گھرائپ ۽ ميل ميلاپ ”سگا“ سٿ ۾ ٿيو. سندس ڪتاب ”’سگا‘ ڪراچيءَ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي“ شاندار ڪاوش آھي. ھن چيو تہ ”سگا“ سٿ ۾ ننڍي ڄمار ۾ ٻن شخصيتن تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون جن م ھڪ خان محمد پنھور ۽ ٻيو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ھئو، جنھن پنھنجي علمي ۽ سماجي خدمتن ۾ مڃتا ماڻي.
”سگا“ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر پروفيسر بخش علي چانڊئي ڳالھائيندي ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين کي جس ڏنو، جن ھي اڄوڪو تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي خدمتن جو اعتراف ڪيو آھي. ھن چيو تہ لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ فن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان پوءِ ڊاڪٽر ڪمال ٻيون شخص آھي جنھن جون تمام گهڻيون خدمتون آھن، پاڻ اسان جو ”سگا“ ساٿي ھو، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سندس اڻ ڳڻيون خدمتون آھن. ڪراچيءَ کان ڪھي آيل مھمان اسد چنا چيو تہ مون کي فخر آھي تہ مان سندس شاگردن مان ھڪ آھيان، ڊاڪٽر صاحب وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌي شعبي اندر ڪيترائي نوجوان تيار ڪيا جن کي پاڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي.
مھمان خاص محترم عظيم سنڌيءَ ڳالھائيندي چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي زندگي جو حقيقي مقصد سمجهي ورتو ھو ۽ ھن پنھنجو وقت لکڻ پڙھڻ ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ گذاريو. ھن چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو تاريخ ۾ ھميشه زندھہ رھندو. صدارتي تقرير ڪندي ادريس جتوئي ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين کي جس ڏيندي چيو تہ اڄ ھنن ڊاڪٽر ڄامڙي متعلق ھي ميڙاڪو ڪوٺائي نوجوانن کي ڪمال ڄامڙي جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ سماجي ڪمن کان روشناس ڪرايو آھي. ھن چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان منھنجو گهرو تعلق رھيو آھي. ساڻس سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان تعلق رھندو ھو. هو انتھائي قابل، ذھين، مستقل مزاج، پنھنجي ڪم سان سچائي ۽ لڳاءُ ھوندو ھئس، سنڌي ادب کي هن 52 ڪتاب لکت ۾ ڏنا ۽ تازو سندس آخري ڪتاب ڪامريڊ محمد ھاشم گهانگهري جي زندگيءَ متعلق ڇپيو آھي، ان سلسلي ۾ پڻ ڪافي رابطو رھيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ھڪ نيڪ انسان ۽ سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار ٿي رھيو. ھن تعزيتي ميڙاڪي ۾ موري شھر جي اديبن، ليکڪن، استادن، صحافين ۽ ”سگا“ ساٿين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جي نون عھديدارن جي مان ۾ آجياڻو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان، 10 جنوري 2021ع آچر ڏينھن، ”سگا“ آفيس موري ۾ سنڌي ادبي سنگت موري جي نئين چونڊجي آيل اديب، شاعر، ليکڪ نوجوان وڪيل امداد سولنگي، اديب ۽ شاعر محترم خادم بالادي، جوائنٽ سيڪريٽري ھاشم سولنگي، آڊيٽر تعليمي ماھر اديب خالد ساحل ڪيريو ۽ ٻين ساس موري جي عھديدارن ۽ ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.
پروگرام جي ڪاروائي ”سگا“ موري جي پريس سيڪريٽري اظھار مخدوم ھلائي. صدارت لاءِ ”سگا“ ساٿي نثار احمد ميمڻ کي اسٽيج تي ويھاريو ويو. آجياڻي تقريب جي شروعات ﷲ پاڪ جي ڪلام سان ڪئي وئي جنھن جي سعادت حفيظ الرحمان شيخ حاصل ڪئي. ان بعد آجياڻي تقرير ڪندي ”سگا“ مورو جي جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد آيل سڀني دوستن جا ٿورا مڃيا.
ان بعد ڪراچي کان ڪھي آيل اديب، ڪالم نگار سجاد ظھير سولنگي ھن تقريب ۾ ڳالھائيندي ’سگا‘ موري وارن جي هن قدم کي ساراهيو. جڏھن تہ اظفر سعيد ميمڻ تقرير ڪندي ”سگا“ موري شاخ جي دوستن کي جس ڏنو. ”سگا“ ساٿي ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ (چيئرمين ھيلٿ ڪاميٽي ”سگا“ مورو) سنڌي ادبي سنگت موري جي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري امداد سولنگي ۽ ٻين دوستن کي مبارڪون ڏنيون ۽ اميد ظاھر ڪئي تہ علم و ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ لاءِ ڪم ڪندا. ان بعد ڪامريڊ سڪندر ڪورائي ۽ پروفيسر شمشاد سومري پڻ پنھنجا ويچار ونڊيا.
”سگا“ جي صدر اسلم عباسي ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ ۽ سنڌي ادبي سنگت ٻہ اھم ادارا آھن جن جو پاڻ ۾ ايڪو، اتحاد، سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ وارا ڪم سندن اولين ترجيح آھي. امداد ۽ خادم مان اميد آھي تہ ھي نوجوان پنھنجوڀرپور ڪردار ادا ڪندا. بابر علي ”مقدر“ ميمڻ پڻ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. ان بعد نامياري اديب ۽ تعليمي ماھر خالد ”ساحل“ ڪيريي، سنڌي ادبي سنگت ۽ ”سگا“ موري جي تاريخ تي روشني وجهندي ڀرپور ڳالھايو. جنھن بعد ساس مورو جي ڪائونسلر خادم بالادي ڳالھائيندي ”سگا“ موري طرفان مليل محبت تي سندن ٿورا مڃيا.
ساس موري جي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري امداد سولنگيءَ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ ھر ماڻھو کي معاشري اندر پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ صلاحيتن مطابق پنھنجون سماجي، علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏيڻ گهرجن.
آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي ”سگا“ ساٿي نثار احمد ميمڻ چيو تہ امداد سولنگي نوجوان آھي ۽ ھن سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ پنھنجو مقام حاصل ڪيو آھي، ’ساس‘ موري جي سيڪريٽري ٿيڻ تي کيس مبارڪون پيش ڪجن ٿيون ۽ اميد آھي تہ سنڌي ادبي سنگت جا دوست پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

مورو ايڪسيلنس ايوارڊ تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو، ”ويزن ايجوڪيشنل سسٽم“ ۽ ”مورو ايجوڪيشنل اينڊ ڪلچرل سوسائٽيءَ“ طرفان ”مورو ايڪسيلنس ايوارڊ تقريب“ ۽ ڪتاب جي مھورت مھراڻ ڊگري ڪاليج موري ۾ 11 فيبروري 2021ع تي ٿي گذري. جنھن جي صدارت پ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار ڪئي جڏھن تہ مھمانن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا، ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز رائو بلال شاھد، پ پ پ ضلعي نوشھروفيروز جو صدر فيروز احمد جمالي، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شھيد بينظير آباد پروفيسر شاھدہ پروين ابڙو، ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولس شھيد بينظير آباد غلام مجتبيٰ دايو، اسسٽنٽ ڪمشنر احسان ﷲ يوسفزئي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو شيراز احمد لغاري ھئا.
تقريب ۾ انٽرميڊيئٽ سائنس پاس ڪري اعليٰ تعليم واسطي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ داخل ٿيندڙ شاگردن ۽ پي.ايڇ.ڊي ھولڊرس پروفيسرس کي ھن موقعي تي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا ۽ گڏوگڏ موري تعلقي جي تاريخ بابت ڊاڪٽر مشتاق احمد باگاڻي جي لکيل ڪتاب ”مورو“ جي مھورت پڻ ٿي گذري.
ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار خطاب ڪندي چيو تہ مورو تعليم جو مرڪز آھي، مورو مان تعليم پرائي شاگرد وڏي منزل تي پھتا آھن، موري جو شعور ڪيترن ئي شھرن کان تيز آھي ايڪسيلينس ايوارڊ حاصل ڪندڙ شاگرد قوم ۽ ملڪ جا معمار آھن. هن وڌيڪ چيو تہ قلم جي طاقت ھر طاقت سان مھاڏو اٽڪائي سگهي ٿي. ھاڻي ڪاپي ڪلچر کي روڪڻو پوندو، ڪاپي کي روڪڻ لاءِ والدين ۽ استادن کي وڏو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪاپي قومن جي تقدير کي اونداھي ڏانھن کڻي وڃي ٿي. ھن وڌيڪ چيو تہ مورو شھر ۾ لکن جي لاڳت سان ڊجيٽل لائبريري جو ڪم جاري آھي ۽ موري ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ نواب شاھہ يونيورسٽيءَ جو ڪئمپس ضرور قائم ڪرايو ويندو.
ان بعد سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ تعليم اسان جو واحد ھٿيار آھي جنھن سان نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو، ھن چيو تہ ”سگا“ سڄي سنڌ اندر ”روشن تارا اسڪول“ ھلائي رھي آھي جنھن مان ھن وقت تائين ھزارين شاگرد پڙھي اعليٰ منزل تي پھتا آھن. ان سان گڏوگڏ سڄي سنڌ ۾ ”سگا“ جون لڳ ڀڳ ھڪ سئو شاخون سرگرم عمل آھن جن مان ”سگا“ مورو پڻ ھڪ آھي جيڪا بھترين سماجي خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي.
ان بعد ”سگا“ پنو عاقل شاخ جي اڳوڻي عھديدار ۽ ھن وقت ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪول شھيد بينظير آباد ڊويزن پروفيسر غلام مجتبي دايي ڳالھائيندي چيو تہ معاشري کي بھتر ڪرڻ لاءِ تعليم سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت حاصل ڪرڻ جي سخت ضروت آھي. اسان ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ آفيسر پيدا ڪيا پر اھي گهڻي ڀاڱي سماج ۾ ڪو اھم ڪردار ادا نہ ڪري سگهيا آھن ان ڪري سٺن انسانن پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. ھن موقعي تي موري جي نوجوانن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ”مورو ايجوڪيشنل اينڊ ڪلچرل سوسائٽيءَ“ جي صدر، ”سگا“ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر ۽ پرنسپال مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو پروفيسر محمد سليمان سيال آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو ۽ سپاس نامون پيش ڪيو. جنھن بعد سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي صدر اسلم عباسي ۽ ويزن ايجوڪيشنل سسٽم ۽ ”سگا“ موري جي متحرڪ ميمبر سيد محسن علي شاھہ چيو تہ موجودہ دؤر ۾ سنڌ جي نوجوانن کي مقابلي وارن امتحانن ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. ان موقعي تي نذير احمد ميمڻ، ياسين جيسر، سيد نذير علي شاھہ، ٽي اي او سيڪنڊري مظھر علي ميمڻ، صدر گسٽا مورو محمد يعقوب ڍلو، پروفيسر محمد خان ڏاھري، دوست علي سولنگي، فقير غلام رسول ميمڻ، خليفو شڪيل ميمڻ، محمد اسماعيل ڪورائي، خان ڏاھري، ايڊووڪيٽ جي ايم ڪورائي، شھاب الدين ملاح، اسلم قريشي، ايڊووڪيٽ سجاد علي مستوئي، سيد محسن علي شاھہ، عبدﷲ لاکير، ڊاڪٽر عبداڪريم ڏاھري، ڊاڪٽر اسدﷲ ڪلھوڙو، اسلم عباسي، فرزانہ سليمان سيال، پروفيسر افشان بانو ڪانڌڙو، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، افتخار ٻگهيو، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، رسول بخش گيچرائي، عبدالرزاق شيخ، وزير فرھاد، اياز راڻو ميمڻ، انورالدين قائمخاني، پروفيسر نور محمد سومرو، غلام اصغر چانڊيو، خالد ساحل ڪيريو، فقير نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ايڊووڪيٽ امين الدين خاصخيلي، خان محمد اعواڻ، عمران ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، علي گل خاصخيلي، غضنفر راڄپر، حاڪم علي جسڪاڻي، ايڊووڪيٽ اڪرم ميمڻ، اظفر سعيد ميمڻ، پروفيسر، بخش علي چانڊيو، محمد علي ڪورائي، ابرار ڪورائي، لالا غلام مجتبيٰ، اعجاز ڪورائي، فيروز گل ميمڻ، مير نواز سيال، راڻا مصطفيٰ، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، رياض ميمڻ، اصغر انور ڪورائي، پروفيسر عبدالغفار ڪيريو، حافظ سجاد علي، خادم حسين شيخ، ايڊووڪيٽ قادر ڪورائي، اسد سولنگي، بشير احمد لغاري، جماڻي بخشل احمد، اختر لغاري، خدا بخش ميمڻ، مشتاق سولنگي، وحيد رزاق مستوئي، لطف ﷲ عباسي، غلام اصغر چانڊيو، جاني جماڻي، ظفر الحق پنھور، اياز سولنگي، منظور لغاري، علي اصغر ڪورائي، ڪاشف لغاري، اويس راجپوت سميت وڏي تعداد ۾ شھري ۽ شاگرد موجود ھئا. ان کان اڳ آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ھوشيار شاگرد ۽ شاگردياڻين ۽ موري جي Ph.D پروفيسرن کي ايڪسيلينس ايوارڊ ۽ شيلڊس ڏنيون ويون.

پروفيسر نذير احمد قاضي سان روح رھاڻ:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ پاران سنڌ جي ناليواري علمي، ادبي، سماجي شخصيت، تعليمي ماھر ۽ موري جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ پروفيسر نذير احمد قاضيءَ سان پھرين مارچ 2021ع تي روح رھاڻ ”روشن تارا اسڪول“ ۾ رچائي وئي. ھن روح رھاڻ ۾ موري شھر جي ”سگا“ ساٿين، شاعرن، ليکڪن، محققن، سياسي، سماجي، علمي، ادبي حلقي سان واسطو رکندڙ، سول سوسائٽيءَ جي نمائيندن شھرين ۽ صحافين شرڪت ڪئي.
”سگا“ موري شاخ جي صدر اسلم عباسيءَ سڀ کان اول پروگرام ۾ شريڪ سڀني معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا جيڪي وڏي تعداد ۾ ھن روح رھاڻ ۾ شريڪ ٿيا آھن. ھن چيو تہ سنڌ ۾ ”سگا“ جو بنياد 1972ع ڌاري ”سگا“ سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ وڌو ۽جن پنجن ساٿين ”سگا“ جو بنياد رکيو انھن ۾ ٻيو نمبر ھڪ گمنام شخص سائين بخش عباسي ھو، جيڪو موري سان تعلق رکندڙ آھي. 1976ع ڌاري خان محمد پنھور موري شھر ۾ ”سگا“ برانچ کولڻ جي صلاح موري جي علمي، ادبي، سماجي شخصيتن سان ڪئي جن ۾ قاضي نذير احمد پڻ سرفھرست آھي.
قاضي نذير احمد جو جنم موري شھر جي معزز علمي ادبي قاضي خاندان ۾، 09 فيبروري 1940ع ڌاري ٿيو. پاڻ ايم.اي انگلش لٽريچر ۾ ڪئي اٿن ۽سنڌي ادب ۾ پڻ وڏو نالو ڪمايو آھي، تعليمي ماھر سيد علي بخش شاھہ سان گڏجي موري ۾ علمي ادبي ۽ تعليمي انقلاب آندو ۽ ڪيترائي ادارا جوڙيا. مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جو بنياد وڌو ۽ موري شھر ۾ نياڻين جي تعليم واسطي گرلس اسڪول، ڪاليج، ھنري سکيا جا ادارا، روشن تارا اسڪول ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا ٺاھيا. پاڻ ھڪ رول ماڊل انسان ۽ استاد آھن، سندس ھزارين شاگرد اعليٰ منزل ۽ مقام تي پھتل آھن.
ان بعد صاحبِ روح رھاڻ پروفيسر نذير احمد قاضيءَ ڳالھائيندي چيو تہ منھنجي پوري زندگي علم، ادب، سماجي خدمتن ۽ تاريخ سان گذري آھي، جنھن دوران پنھنجي جنم ڀومي شھر مورو ۾ غريب، مسڪين، پورھيت ۽ مزدور طبقي سان واسطو رکندڙن جي اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ادارا جوڙايا جتان تعليم حاصل ڪري اڄ اھي ڊاڪٽر، انجنيئر، جج،وڪيل،پروفيسر،استاد، آفيسر، اديب، شاعر، لکيڪ، سميت ٻين عھدن تي پھچي خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آھن.
پروفيسر نذير احمد قاضيءَ وڌيڪ چيو تہ مورو شھر سنڌ جو عظيم ۽ قديم تاريخي شھر رھيو آھي، ھن ترقي يافتہ دؤر کان پھريان مورو شھر جا روڊ رستا ڪچا، بجلي جو نظام نہ ھجڻ باوجود مورو شھر ھڪ خوبصورت شھر جو ڏيک ڏيندو ھو، پر ھن ترقي يافتہ دؤر ۾ روڊ ۽ رستا پڪا، بجلي نظام بھتر ڪميونيڪيشن ھجڻ باوجود شھر ترقي ناھي ڪري سگهيو، اڳ جي دؤر ۾ انسانيت ھجڻ سان گڏ احساس ھوندو ھو، پاڙي اوڙي جو خيال رکيو ويندو ھو، شرم حيا ھوندو ھو، چورن، ڦورن، ڌاڙيلن ۾ بہ شناس ھوندي ھئي، ھڪٻئي جو خيال رکيو ويندو ھو، دلي محبت ھوندي ھئي پر ھن وقت نفرت کي اوج ملي چڪو آھي. ماڻھن جا اخلاقي ۽ سماجي قدر گهٽجي رھيا آھن جيڪا ھڪ ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي. ھن چيو تہ اوائلي دؤر ۾ مورو شھر ننڍو ھو، صلاحيتن جو قدر ڪيو ويندو ھو، سماجي ڪمن، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ ۾ سڀ کان اول جذبو ھو، پئسو ٻئي نمبر تي گهربل ھو. ھن وقت پئسي ۽ پاور جي ڊوڙ ۾ ھر ماڻھو شامل ٿي ويو آھي، نتيجا بھتر ان ڪري نہ ٿا ملن جو جذبو شامل نہ آھي. ڏيکاءُ گهڻو ۽ عمل ڪوبہ نہ آھي، ان ڪري سنڌي سماج پوئتي ڌڪجي رھيو آھي. اڳ ۾ ماڻھو لکي پڙھي پنھنجي ڳوٺائين ۽ شھرين جو حق ادا ڪندا ھئا، کين رستي ۽ دڳ لائيندا ھئا، ھڪٻئي جي مدد ڪندا ھئا. ھن وقت بہ ان جذبي جي سخت ضرورت آھي. ”سگا“ مورو ۽ اوھان موري واسين جي علمي، ادبي، ڪاوشن ۽ ڪوششن کي ساراھجي ٿو ڇاڪاڻ تہ اوھان پنھنجي، سچائي، ايمانداري ۽ جذبي سان خدمت ڪندا رھو ٿا.
پروفيسر نذير احمد قاضيءَ چيو تہ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري وڌيڪ نقصان پھچايو آھي ۽ سنڌ جي ثقافت اوطاقن کي ختم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو جنھن سبب اڄ اسان جي سنڌ ۾ اوطاقون، ڪچھريون، ھڪٻئي سان ميل ملاقاتون ختم ٿي رھيون آھن. سنڌ سان محبت جو ثبوت ھڪ اھو آھي تہ اسان سنڌي آھيون جو پاڻ ٻڌي سان رھون ٿا ۽ سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي قوم جي پيار، محبت، امن، ٻڌي ۽ رحمدليءَ جو پيغام پوري دنيا ۾ وڃي ٿو.
پروفيسر نذير احمد قاضيءَ وڌيڪ چيو تہ نااتفاقي جي ڪري سنڌ جا وسيلا ھٿن مان نڪرندا پيا وڃن اسان کي پنھنجي ۽ پرائي، سڄڻ ۽ دشمن جي پرک رکڻ گهرجي، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ڌرتي جو وجود بچائڻ لاءِ اڳتي اچي ھڪ ٿيڻو پوندو. مورو جو وڏو ڪردار سياست، ادب، سماج، علم، بزرگي ۽ ولايت ۾ پڻ رھيو جنھن کي ڪڏھن بہ وساري نہ ٿو سگهجي ۽ مان خوشنصيب ھجڻ سان گڏ فخر محسوس ٿو ڪريان تہ مون محبوب شھر جي مٽيءَ مان جنم ورتو آھي. پروفيسر نذير احمد قاضيءَ آخر ۾ مورو سان محبت جو اظھار ڪندي پنھنجي موري متعلق شاعري ٻڌائي.
جڏھن تہ ھن روح رھاڻ ۾ عظيم سنڌي، قاضي منير احمد، صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي، اسلم عباسي، انجنيئر مقصود احمد ميمڻ، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، اسد سولنگي، نثار احمد ميمڻ، رسول بخش ٻگهيو گچيرائي، وزير فرھاد سولنگي، امداد سولنگي، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، فقير غلام رسول ميمڻ، مشتاق احمد جويو، اختر لغاري، وحيد رزاق مستوئي، سردار ٻرڙو، صفدر علي نول، زاھد حسين سيال، حافظ سجاد ابڙو، لطيف سيال، عبدالرشيد ميمڻ، صوفي ھادي بخش چانڊيو، مخدوم اظھار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
جڏھن تہ روح رھاڻ تقريب ۾ پروفيسر نذير احمد قاضي جن کي سندس سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ تاريخي خدمتن عيوض خراج تحسين پيش ڪندي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ جي صدر اسلم عباسيءَ، ”سگا“ موري پاران قاضي صاحب جي علمي، ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن جي مڃتا طور کين شيلڊ پيش ڪئي. موري جي اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ شھرين پروفيسر شمشاد احمد سومرو، امداد سولنگي، نظرحسين ميمڻ پڻ پروفيسر قاضي نذير احمد کي گلن، ھارن ۽ اجرڪن سميت ٻيا تحفا پيش ڪيا. آخر ۾ وزير فرھاد سولنگيءَ ۽ خادم حسين شيخ ترنم ۾ گيت ڳائي تقريب کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو.

پروفيسر مظھر الدين ميمڻ جي ياد ۾ چمڙي جي بيمارين جي مفت ڪئمپ ــ 2021ع:
”سگا“ موري شاخ پاران، 14 مارچ 2021ع، تي راشد مورائي ھاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪئمپس ۾ چمڙي جي بيمارين جي مفت ڪئمپ لڳائي وئي. ھيءَ ڪئمپ ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، پروفيسر مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن جي تعاون سان منعقد ٿي جنھن ۾ ڪراچيءَ کان ڪھي آيل ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر نويد احمد، ڊاڪٽر رفيع ﷲ قريشي، ڊاڪٽر عبدالخالق، ڊاڪٽر خواجہ صاحب پيرا ميڊيڪل ورڪرس ۽ ٻين پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
ھن ڪيمپ ۾ شھر موري سان گڏوگڏ ٻھراڙي ۽ آس پاس جي ڳوٺن، شاھپور جهانيان، گچيرو، چوٽيھه ھزار موري، سونھري فارم، سڌوجا، نوان جتوئي، مناھي، ڏيپارجا، لليا، ديھه ڪلھوڙا، دادو مورو پل ۽ ٻين آبادين کان چمڙيءَ جي بيمارين ۾ مبتلا مردن، عورتن، ٻارڙن جي وڏي انگ ڪئمپ ۾ پھچي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ۽ مفت دوائون پڻ حاصل ڪيون. ھن ڪئمپ جا انتظام ”سگا“ موري جي ساٿين ھرھڪ راشد مورائي ھاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪيمپس جي ھيڊ ماستر، راشد مسعود عباسي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)، ”سگا“ ساٿي نظر حسين ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي) ۽ سندس ٽيم، آئيڊيل پبلڪ اسڪول موري جي پرنسپال قاضي شفيع محمد (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)، ”سگا“ موري جي خزانچي زاھد حسين ڏيپر، پروفيسر شمشاد سومري ۽ اسڪائوٽ گروپ جي مظفر گلاباڻي، سائين رائو اسلم ٽيپو پنھنجي اسڪائوٽس ۽ سوشل ورڪرن جي ٽيم سميت سنڀاليا.
ھن موقعي تي ”سگا“ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل، پرفيسر خالد حسين چنا، مرڪزي فنانس سيڪريٽري نور محمد سيال، مرڪزي ميمبر سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي پروفيسر بخش علي چانديي، ھيڊ ماستر راشد مورائي ھاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪيمپس راشد مسعود عباسي، حاجي محمد اسلم آرائين، شھاب الدين شاھاڻي، ديوان ڪارومل (ڀان سيد آباد شاخ) محمد خالد ميمڻ، رياض احمد چانڊيو، غلام مرتضيٰ ڦل (ڦل شاخ) ھلندڙ ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ ”سگا“ موري طرفان لڳل ھن ڪيمپ ۾ نظم ضبط ۽ انساني خدمت واري جذبي کي ساراھيو.
”سگا“ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين ڪئمپ وزٽ دوران چيو تہ ”سگا“ موري شاخ سماجي خدمتن ۾ گذريل 45 سالن کان پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي ۽ خاص طرح صحت جي شعبي ۾ پڻ ھن پنھنجو پاڻ ملھايو آھي جن ۾ مفت اکين جي ڪيمپ، جنرل ميڊيڪل ڪيمپ، بلڊ ڊونيشن ٿيليسيميا ڪيمپ ۽ چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪيمپ جيڪا مسلسل ھر سال لڳاتار 30 سالن کان لڳندڙ آھي، جنھن لاءِ ”سگا“ موري جي جاکوڙي ٽيم ۽ صدر اسلم عباسي، کي ھن ڪيمپ منعقد ڪرائڻ تي جس ھجي، گڏوگڏ ”سگا“ ساٿي مظھرميمڻ فائونڊيشن جي سرواڻ ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ کي پڻ جس ھجي جيڪو پنھنجي والد محترم جي ڏنل سماجي خدمت واري جذبي کي زندھہ رکندو اچي ٿو.
ھن ڪيمپ ۾ ”سگا“ ساٿين، معزز شھرين، سماج سڌارڪ شخصيتن ھرھڪ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، پروفيسر محمد سليمان سيال، محمد خان ميمڻ، ”سگا“ مناھي شاخ جي صدر غلام مرتضيٰ ڀنڀرو، جنرل سيڪريٽري عبدالحڪيم ملاح، نثار احمد ميمڻ، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، محمد حيات جويو، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، قاضي شفيع محمد، زاھد ڏيپر، سائين مظھر الدين ميمڻ، رائو تيمور احمد، سنڌي الطاف سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اھڙي طرح ھي ڪيمپ صبح کان منجهند تائين جاري رھي ۽ 843 مريضن کي چڪاسي کين مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون.
ياد رھي تہ ڪيمپ ۾ شريڪ ڪراچيءَ کان ڪھي آيل ڊاڪٽرس ٽيم جي رھائش، رات جي ماني، صبح جي نيرن حاجي محمد اسلم آرائين ۽ منجهند جي ماني ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو جي طرفان ڪئي وئي جنھن لاءِ ”سگا“ موري پاران سندن ٿورا مڃيا ويا.

پروفيسر خالد حسين چنا جي ڪتابن جي مھورت ۽ مڃتا تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ، طرفان 9 اپريل 2021ع، جمعي ڏينھن، گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ ”سگا“ جي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا جي تحقيقي، علمي، خدمتن، ”سگا“ جي 50 سالا تاريخ کي سھيڙي ترتيب ڏئي ۽ مرتب ڪيل ٽن ڪتابن ”سگا اتھاس“، ”سگا الماس“ ۽ “Volunteerism Above self”جي مھورت ۽ کيس علمي ۽ تحقيقي ڪاوشن عيوض مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي شاندار تقريب ٿي گذري. جنھن جي صدارت رفيق احمد جعفري، چيئرمين ”سگا“ سنڌ ڪئي. جڏھن تہ مھمانن ۾ پيرل خان کوسو (وائيس چيئرمين) صاحب رھاڻ پروفيسر خالد حسين چنا مرڪزي سيڪريٽري جنرل سگا، تعليمي ماهر محمد ادريس جتوئي، نامياري اديب، شاعر ”سگا“ ساٿي عظيم سنڌي، پرنسپال مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو محمد سليمان سيال، ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ سينٽر پروفيسر بخش علي چانڊيو شامل ھئا. تقريب جي ڪاروائي ”سگا“ موري شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ھلائي، جنھن پروفيسر خالد حسين چنا جي شخصيت ۽ زندگيءَ تي ڳالھايو ۽ سندس تعارف پيش ڪيو. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جنھن جي سعادت پروفيسر محمد يوسف شيخ حاصل ڪئي.
ان بعد وزير فرھاد سولنگي (جنرل سيڪريٽري ”سگا“ شاخ مورو) آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا. ھن ”سگا“ شاخن ۽ مرڪزي دوستن جا ٿورا مڃيندي چيو تہ ”سگا“ جي سٿ ۾ سڄي سنڌ جا جاکوڙي ڪردار شامل آھن جيڪي پنھنجي ھڙان وڙان ھمٿ ڪري سماجي سفر ۾ گڏ آھن. ”سگا“ موري طرفان اڄوڪي ھي تقريب، پروفيسر خالد حسين چنا مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي ڪيل قلمي پورھئي تي ڪوٺائي وئي آھي. ھن پڻ کيس مبارڪون ڏنيون. جنھن بعد ڪتابن جي رونمائي ڪئي وئي.
سيد محسن علي شاھہ ڳالھائيندي چيو تہ پروفيسر خالد حسين ھڪ پڙھيل لکيل باصلاحيت نوجوان ۽ ايم.فل، انگلش لئنگئيج آھي جيڪو عنقريب پي ايڇ. ڊي ڊگري حاصل ڪندو. ھن چيو تہ خالد صاحب ھڪ بھترين ريسرچ اسڪالر آھي، جنھن ”سگا“ جي تاريخ کي سھيڙڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. سندس انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب والنٽيئرازم بابت آھي، جنھن ۾ ھن بھترين ڄاڻ ڏني آھي. هي ڪتاب ”سگا“ جي قيادت جي پروفائلن بابت آھي ۽ 50 سالا تاريخ آهي، اھڙي تاريخي ڪم ڪرڻ تي کيس جس ھجي.
”سگا“ ساٿي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي چيو تہ پوري دنيا اندر والنٽيرئزم جي تمام گهڻي اھميت آھي ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو وڃي ٿو. ”سگا“ سنڌ اندر سماجي خدمتن ۾ گذريل 50 سالن کان بھترين خدمت ڪري رھي آھي. پروفيسر خالد حسين چنا کي ”سگا“ جي تاريخ مرتب ڪرڻ تي جس ھجي. ھن ”سگا“ شھدادڪوٽ جي تاريخ تي تحقيق ڪري ھڪ بھترين ڪم ڪيو آھي. ان بعد ”سگا“ جي 50 سالن جي تاريخ، شخصيتن جي زندگيءَ بابت احوال ڊاڪيومينٽ ڪيو آھي، آئون کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ چيو تہ ھي ڪتاب ايندڙ وقت ۾ تحقيق لاءِ بنيادي ڄاڻ وارا رھندا، ”سگا“ جي سماجي شعور پيدا ڪرڻ تي پي.ايڇ.ڊي پڻ ٿي سگهي ٿي. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ سينٽر کي وڌيڪ بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ھي سينٽر سال 2002ع ۾ جڙيو جنھن جي طرفان ”سگا“ تاريخ بابت ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آھن، جنھن تي پروفيسر بخش علي چانڊيو کي جس ھجي. ”سگا“ جي ھن ريسرچ سينٽر کي وڌيڪ لاڀائتو ڪرڻ جي ضرورت آھي. 1972ع ۾ ”سگا“ قائم ٿيڻ وقت بنيادي پنجن شخصيتن ۾ ھڪ سائين بخش عباسي موري ٻاھران ڳوٺ دائم ڪلھوڙي جي رھواسي حال حيات آھي. ان بعد ”سگا“ سٿ ۾شامل مظھر الدين ميمڻ، ولي محمد روشن، اسد ﷲ کيڙو، قاضي مشتاق، غلام نبي مورائي پڻ موري شھر سان تعلق رکندڙ آھن جن جو ذڪر ڪتاب ۾ شامل آھي. مورو ھميشه ”سگا“ جي مرڪزي سٿ ۾ شامل رھيو آھي. جنھن تي برانچ جي ساٿين کي فخر آھي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪروڪيولم ڄام شورو، محمد ادريس جتوئي ھن موقعي تي پروفيسر خالد حسين چنا ۽ پروفيسر بخش علي چانڊيو کي ”سگا“ جي تاريخ مرتب ڪرڻ، سھيڙڻ ۽ ڇپرائڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ھن ”سگا“ موري شاخ طرفان مڃتا ۽ ايوارڊ تقريب کي پڻ ساراھيو. ھن چيو تہ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، ولي محمد روشن ۽ ٻين اکين ڏٺن شاھدن کي ھن ”سگا“ جي ڪمن ڪارين، ساروڻين کي پڻ قلمبند ڪرڻ گهرجي ۽ ”سگا“ جي تاريخ تي اڃا وڌيڪ سگهاري تحقيق جي ضرورت آھي. ھن چيو تہ ”سگا“ جا بنيادي تاريخي ڪم، تعليمي ڪانفرنس، ٻالڪ ميلو، سنڌي ٻوليءَ بابت ڪانفرنس، سچل ڪانگريس، شاھہ سچل سامي ڪانفرنس، ڪالا باغ ڊئم خلاف ڪانفرنس، ساليانا ڪنوينشن، رپورٽون، مطالبا، سنڌ جي صحت، تعليم، ثقافت بابت سرڪاري ادارن، سان لکپڙھہ ان سڄي رڪارڊ کي سھيڙڻ، قلمبند ڪري ڇپرائڻ جي ضرورت آھي. ”سگا“ اندر ھڪ تحقيقي بنيادن تي ادارو جوڙائڻ جي ضرورت آھي، ھن وقت ۾ اھي عمر رسيدہ ”سگا“ اڳواڻ ۽ شخصيتون موجودہ آھن جن جي سيني ۾ ”سگا“ ۽ سنڌ جو درد دفن آھي ان کي قلمبند ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي.
ان بعد عظيم سنڌيءَ ڳالھائيندي ”سگا“ جي تاريخ رقم ڪرڻ تي خالد صاحب کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو تہ خالد حسين چنا پڙھيل لکيل نوجوان آھي جنھن ”سگا“ جي تاريخ بابت ڪتاب آڻي بھترين ڪم ڪيو آھي.
مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جي پرنسپال پروفيسر محمد سليمان سيال، ”سگا“ ساٿين جي تاريخي ۽ تحقيقي ڪم کي ساراھيو. جنھن کان پوءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان پروفيسر خالد حسين چنا ۽ پروفيسر بخش علي چانڊيو کي سندن تحقيقي ڪم ۽ خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ، چيئرمين ”سگا“ رفيق احمد جعفري ھٿان ڏياريا ويا. بعد ۾ پروفيسر بخش علي چانڊيو، ”سگا“ جي تحقيقي ڪمن ڪارين بابت ٻڌايو ان بعد ”سگا“ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا، ”سگا“ شاخ مورو جي ساٿين طرفان ايوارڊ ۽ مڃتا تقريب ڪوٺائڻ تي سندن ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ جي اندر 50 سالن ۾ ھڪ سماجي انقلاب آندو آھي، ھنن ڪتابن ذريعي ”سگا“ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙن محققن کي بنيادي ڄاڻ فراھم ٿي سگهندي.
پيرل خان کوسي، ”سگا“ موري شاخ جي ڪوٺايل تقريب کي ساراھيندي چيو تہ موري شاخ جي تاريخ تي ھڪ بھترين ڪتاب ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي جو سھيڙيل آھي، مورو شاخ سڄي سنڌ ۾ متحرڪ ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاخ آھي. اڄ ھن مرڪزي دوستن جي محنتن جو قدر ڪندي ايوارڊ تقريب سڏائي آھي، آئون کين شاندار تقريب ڪوٺائڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
آخر ۾ ”سگا“ جي چيئرمين رفيق احمد جعفري تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ ”سگا“ جي سفر ۾ ڪم ڪندڙ ساٿين تي ڀروسو ۽ اعتماد آھي. ھن ”سگا“ شاخ موري کي شاندار پروگرام منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو تہ پروفيسر خالد حسين چنا ”سگا“ جي تاريخ تي تحقيقي ۽ شاندار ڪم کي ڊاڪيومينٽ ڪيو آھي، خاص طرح انگريزي ٻوليءَ ۾ سندس لکيل ڪتاب ”سگا“ جي سابق چيئرمين، سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين جاکوڙي ڪردار شخصيتن جي زندگيءَ جي خاڪن تي آھي. جن ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، نظر حسين ميمڻ، شمشير الحيدري، فضل ﷲ قريشي، مظھر الدين ميمڻ، ولي محمد روشن، علي حسن بروھي، اسد ﷲ کيڙو ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ سينٽر کي اشاعت ۽ تحقيق ۾ اڃا وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آھي. ”سگا“ جي 50 سالن ۾ ڪيتريون ئي ڪارگذاريون آھن جن ۾ صحت، تعليم، روزگار جي شعبن ۾ تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنل آھن. ان سان گڏوگڏ ثقافتي، علمي، ادبي، تعليمي ميڙاڪا، ڪانفرنسون شامل آھن، جن کي پڻ قلمبند ڪرڻ جي ضرورت آھي. جنھن بعد ھن شاندار تقريب جو اختتام ٿيو ۽ آخر ۾ سنڌ جي نامياري علمي، ادبي شخصيت پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي فرزندن حاڪم علي زرداري ۽ طارق علي زرداري طرفان مھمانن کي منجهند جي ماني کارائي وئي.
تقريب ۾ ضلعي نوشھري فيروز، دادو، شھيد بينظير آباد ۽ ڄامشوري ضلعن جي ”سگا“ شاخن جي ساٿين شرڪت ڪئي جن ۾ خاص ڪري سيڪريٽري ماليات نور محمد سيال، سيڪريٽري ھليٿ رفيق احمد سرھيو، ”سگا“ جي سي. اي. سي ميمبر محترم حاڪم علي اوٺي، ”سگا“ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ شھاب الدين شاھاڻي، ”سگا“ ڦلجي اسٽيشن جو صدر آفتاب احمد پنھور، جنرل سيڪريٽري احمد حسن پنھور، ”سگا“ پاٽ شريف جو صدر محمد اعظم ميمڻ، جنرل سيڪريٽري گلزار احمد ڪلھوڙو، ”سگا“ ڪنڊيارو جو صدر رفيق احمد مھيسر، ”سگا“ دريا خان مري جو محترم عبدالرحمان خاصخيلي، ”سگا“ دولتپور جو صدر محمد زاھد آرائين، ”سگا“ مناھي جو صدر غلام مرتضيٰ ڀنڀرو، ”سگا“ ڦل جي صدر محمد خالد ميمڻ، جنرل سيڪريٽري رياض چانڊيو، ”سگا“ خدا آباد جي صدر نبي بخش، جنرل سيڪريٽري خالد جميل ڀنڊ، ”سگا“ موري جي سينيئر ساٿين نثار احمد ميمڻ، نظر حسين ميمڻ، معزز شھرين، شاعرن، اديبن، سماجي ورڪرن، ”سگا“ ساٿين، مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جي پروفيسرن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

”سنڌ جي سماجي ترقيءَ ۾ ’سگا‘ موري جو ڪردار، مذاڪرو“ ۽ ايوارڊ تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن موري طرفان، 24 جون 2021ع، خميس ڏينھن ’الامين ھوٽل‘ مورو ۾ ”سنڌ جي سماجي ترقيءَ ۾ ”سگا“ موري جو ڪردار“، ھڪ مذاڪرو ۽ بھترين ورڪر ڪارڪردگي ايوارڊ، ”سگا“ موري جي خزانچي زاھد حسين ڏيپر کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ٿي گذريو. ھن پروگرام جي صدارت ”سگا“ جي مرڪزي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسي ڪئي جڏھن تہ مھمانن ۾ ”سگا“ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا، رفيق احمد سرھيو مرڪزي سيڪريٽري ھيلٿ، پروفيسر بخش علي چانڊيو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ سينٽر، موري شاخ جو سينيئر اڳواڻ عظيم سنڌي، ”سگا“ موري جو صدر اسلم عباسي شامل ھئا.
تقريب جي ڪاروائي ”سگا“ شاخ موري جي جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد سولنگي ھلائي. تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت سرفراز ميمڻ حاصل ڪئي. ان بعد مھمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. سڀ کان اول وزير فرھاد سولنگي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا.
ان بعد ”سگا“ موري جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙ نامور اديب ۽ محقق پروفيسر شمشاد احمد سومري جوائنٽ سيڪريٽري مورو شاخ، ”سگا“ موري جي سماجي خدمتن تي ”1976ع کان 2021ع تائين“ تي تفصيلي روشني وڌي ۽ پنھنجو ڀرپور تحقيقي مقالو پيش ڪندي چيو تہ ”سگا“ موري شاخ جو قيام سنڌ جي ناليواري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر خان محمد پنھور جي ڪوششن سان 1976ع ڌاري عمل ۾ آيو ۽ پنجون نمبر شاخ رجسٽرڊ ٿي جنھن جو صدر محترم محمد ايوب وينجهر ۽ جنرل سيڪريٽري محمد خان سومرو ٿيا، ان سان گڏوگڏ موري شھر جون ڪيتريون ئي علمي، ادبي، شخصيتون، تعليمي ماھر، استاد، ليکڪ اديب، شاعر، ساڃاھہ وند ۽ سنڌ دوست ھرھڪ محترم سيد علي بخش شاھہ، محترم قاضي نظير احمد، عظيم سنڌي، ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، سائين محمد نوح ميمڻ، امداد مورائي، رب پرتو انصاري، رحيم بخش ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي پڙھيل لکيل ۽ ديس جو درد رکندڙ ھن قافلي ۾ شامل ٿيا، جيڪو اڄ ڏينھن تائين روان دوان آھي، موري شاخ تعليم، صحت ۽ ثقافتي شعبن ۾ بي لوث خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. ميڊيڪل ڪئمپون لڳرائڻ، اسڪول کولرائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ لاءِ پاڻ پتوڙيو آھي، 14 اپريل 1983ع ڌاري شاندار ”سگا“ جو ستون مرڪزي ڪنوينشن پڻ موري ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف قراداد پيش ڪئي وئي. ان بعد جنرل ضيا جي مارشل لا دؤر حڪومت ۾ ”سگا“ مٿان بندش وڌي وئي ۽ سرڪاري ملازمن کي سماجي ڪم ڪار ڪرڻ ۽ ”سگا“ ۾ رھڻ تي بندش وڌي وئي. پروفيسر شمشاد سومري 1976ع کان وٺي ھن وقت تائين برانچ ۾ رھندڙ ”سگا“ ساٿين جو تذڪرو ڪيو ۽ موجودہ باڊي سال 2018ع کان 2021ع تائين جي ڪارگذاري تي تفصيلي روشني وڌي. جنھن ۾ ”سگا“ موري جي تاريخ تي آيل ڪتاب، ڪتابي ميلا، تعليمي پروگرام، نوجوانن ۾ شعور پيد ڪرڻ لاءِ سجاڳي ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ، صحت جي شعبي ۾ چمڙيءَ جي بيمارين جون ڪيئمپون، جنرل ميڊيڪل ڪئمپ، ٿيليسيميا پيشنٽ لاءِ رت گڏ ڪرڻ جھڙا فلاحي ڪم شاخ جي بھترين ڪارڪردگي ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا. ان بعد ”سگا“ ساٿي نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي، سيد محسن علي شاھہ، ”سگا“ موري جي ڪارگذاري تي ڀرپور ڳالھايو. جنھن بعد ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ عظيم سنڌيءَ پڻ ”سگا“ موري بابت پنھنجا ويچار ونڊيا.
ان کان پوءِ شاخ جو بھترين ورڪر ايوارڊ، زاھد حسين ڏيپر کي ڏنو ويو ان موقعي تي اسڪائوٽ گروپ اڳواڻ مظفر گلاباڻي ۽ رائو محمد عظيم کي پڻ اجرڪ جا تحفا ”سگا“ جي مرڪزي اڳواڻ ھٿان ڏنا ويا.
”سگا“ جي مرڪزي اڳواڻن پروفيسر بخش علي چانڊيو ۽ رفيق احمد سرھيو (مرڪزي سيڪريٽري ھيلٿ)، تقرير ڪندي چيو تہ موري شاخ اڄوڪو پروگرام منعقد ڪري بھترين عمل ڪيو آھي ۽ ھڪ بھترين ورڪر کي ايوارڊ ڏئي رھي آھي. ”سگا“ مورو جي مختلف پروگرامن صحت جي ميڊيڪل ڪئمپن ۽ ٿيليسيميا پيشنٽ جي لاءِ بلڊ ڪئمپ ۾ شرڪت ٿيندي رھي آھي. پروفيسر خالد حسين چنا مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ ھن موقعي تي ”’سگا‘ موري جي تاريخ ۽ ان جي 3 سالا ڪارڪردگيءَ بابت ڳالھايو ۽ برانچ ساٿين کي جس ڏنو. ھن چيو تہ ”سگا“ مورو جي ساٿين ھي ھڪ بھترين ۽ منفرد پروگرام ڪيو آھي. جنھن ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي رضاڪار خدمتون ڏيندڙ ساٿي زاھد حسين ڏيپر کي ايوارڊ ڏنو ويو آھي، جنھن لاءِ برانچ ساٿين کي جس ھجي. ھن چيو تہ مورو شاخ سڄيءَ سنڌ جي شاخن مان ھڪ منفرد حيثيت رکندڙ شاخ آھي ۽ سماجي کيتر ۾ بھترين خدمتون سرانجام ڏئي رهي آھي جنھن لاءِ برانچ ساٿين کي جس ھجي. ھن وڌيڪ چيو تہ ”سگا“ ساٿين جي تاريخ رقم ڪرڻ وارو بنيادي خاڪو پڻ موري شاخ پيش ڪيو جنھن کان پوءِ ڪجهہ برانچن پنھنجي تاريخ قلمبند ڪئي آھي ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ريسرچ سينٽر پاران ”سگا“ جي 50 سالا تاريخ جڙي رھي آھي ۽ ھن وقت تائين 4 عدد ناياب تاريخي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آھن. ڪنھن بہ آرگنائيزيشن جي ڪم ڪندڙ رضاڪارن جو ايڏو وڏو تعداد ڇپجي سامھون نہ آيو آھي. موري شاخ اڄوڪو مذاڪرو ”سنڌ جي سماجي ترقيءَ ۾ موري شاخ جو ڪردار“ عنوان تحت ڪوٺائي پنھنجي سڀني ساٿين کي ياد ڪيو آھي.
صدارتي تقرير ڪندي وائيس چيئرمين ”سگا“ مرڪز، پيرل خان کوسي چيو تہ ”سگا“ موري شاخ جي مڙني عھديدارن ۽ ميمبرن کي شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي جس ھجي، ھتي بھترين ٽيم آھي جيڪا ”سگا“ شاخ موري ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي. تقريب ۾ شامل اسڪائوٽ گروپ جي اڳواڻ مظفر حسين گلاباڻي کي ھن پنھنجو اجرڪ اڍايو ۽ اھڙي عمل تي محفل جي سامعين ”سگا“ جي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسي جي ان عمل کي تمام گهڻو ساراھيو.
آخر ۾ ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي ٻاھران آيل مرڪزي اڳواڻن، ”سگا“ شاخ پاٽ جي صدر اعظم ميمڻ، ”سگا“ شاخ مناھي جي صدر مرتضيٰ ڀنڀري، جنرل سيڪريٽري عبدالحڪيم ملاح جا پڻ خاص ٿورا مڃيا ۽ ان سان گڏوگڏ ”سگا“ موري شاخ جي ميمبرن، ھمدردن، معزز مھمانن، استادن، پريس ميڊيا ساٿين جو ٿورو مڃيو جن، جُون جي گرم مھيني ۾ تتل ڏينھن دوران پروگرام ۾ شامل ٿي ”سگا“ سان محبت جو ثبوت ڏنو آھي. اھڙي طرح هي شاندار پروگرام شام 5 وڳي پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو.