ايڊووڪيٽ غلام ﷲ ميمڻ
وڪالت جي ڊگري وٺڻ بعد غلام ﷲ ميمڻ، نواب شاھہ جي مشھور وڪيل قاضي عزيز ﷲ وٽ جونيئر جي حيثيت سان پرئڪٽس ڪئي. هن 1990ع ۾ وڪيل جي حيثيت سان پاڻ کي سنڌ بار ڪائونسل وٽ انرولڊ ڪرايو. اڳتي هلي 1995ع ۾ ايڊووڪيٽ آف هاءِ ڪورٽ طور پاڻ کي پڻ رجسٽرڊ ڪرايو. غلام ﷲ ميمڻ جو ضلعي نوشھري فيروز جي ذهين وڪيلن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ تعلقہ بار ايسوسيئيشن موري ۽ بار ايسوسيئيشن نوشھرو فيروز جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
غلام ﷲ ميمڻ، ”سگا“ موري شاخ جو 1984ع ۾ ميمبر ٿيو، 87-1986ع ۾ شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر، 89 ـــ 1988ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري، 93-1992ع، 06-2004ع ۾ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر رهيو آهي. ان کان علاوہ 09-2008ع، 12-2009ع ۽ 15-2012ع ۾ ٽي ٽينوئر موري شاخ جو صدر رهيو آهي. سندس صدارت واري دؤر 2009ع ۾ ”سگا“ جو ٽيٽيھون مرڪزي ڪنوينشن، ٽي ڏينھن 14 نومبر کان 16 نومبر تائين Bypass ٽائون موري ۾ ٿيو جنھن ۾ سنڌ جي اڪثر شاخن جي نمائندن شرڪت ڪئي. مھمانن جي رهائش يونائيٽيڊ اسڪول جي بلڊنگ ۾ رکي وئي جڏهن تہ ٽائون ۾ ٻہ ٽي بنگلا حاصل ڪيا ويا. جنھن ۾ ڪنوينشن لاءِ آيل عورتن ۽ ”سگا“ جي مرڪزي مھمانن کي رهايو ويو. اسڪول جي بلڊنگ سامھون خالي پلاٽ ۾ وڏو پنڊال ٺاهي ڪنوينشن جا سيشنس اتي هلايا ويا. مرڪز پاران بھترين ڪنويشن ڪرائڻ تي موري شاخ کي، ”ڪنوينشن ايوارڊ 2009ع“ ۾ ڏنو ويو ۽ غلام ﷲ ميمڻ کي 2009ع ۾ گريجوئيٽس شيلڊ پڻ ڏني وئي. غلام ﷲ ميمڻ، پنھنجي ساٿين سان گڏ انھيءَ ٽينوئرن ۾ ’چمڙيءَ جون ڪئمپون‘ ۽ ’مفت طبي ڪئمپن‘، ’هيپاٽائٽس جي چڪاس ۽ ان جي بچاءُ لاءِ وئڪسين‘ جون ڪئمپون هڻايون 2010ع ۾ آيل مھا ٻوڏ دوران غلام ﷲ ”سگا“ ساٿين سان گڏجي محترم انور قائم خانيءَ جي ”سماجي تنظيم“ سان گڏ ٻوڏ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي. غلام ﷲ ميمڻ، پاڻ ’مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن موري‘ جو 1987ع ۾ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
غلام ﷲ ميمڻ، 20 جولاءِ 1990ع ۾ شادي ڪئي، کيس اولاد ۾ ٻہ ڌيئر ڊاڪٽر ۽ ٻہ پٽ هڪ B.E مھراڻ يونيورسٽي مان ڪئي آهي ۽ ٻيو وڪيل آهي. سندس موري جي انتھائي قابل ۽ ذهين وڪيلن ۾ شمار ٿئي ٿو.
