مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

ڄام انيس الرحمان

ڄام انيس الرحمان ڪوريجو، 3 اپريل 1964ع تي ڄام امام بخش ڪوريجي جي گهر ۾ ڳوٺ ’پورڻ‘ ۾ جنم ورتو. سندن وڏا موري جي اولھه ۾ درياءَ جي ڪچي اندر ”چنيجا“ ڳوٺ جا ويٺل هئا. چنيجا ان وقت وسندڙ ڳوٺ نہ پر شھر هو، ڇاڪاڻ جو هي دريائي پتڻ هو. جنھن دؤر ۾ روڊ رستا نہ هئا، تہ واپار ٻيڙن ذريعي ٿيندو هو. هيءُ وڻج واپار جو مرڪز هو. چنيجن ۾ علمي مرڪز هئا، چنيجا پراڻي وقت ۾ پرڳڻو بہ رهيو آهي، مون کي تحقيق دوران چنيجن جي هڪ جيد عالم ”قاضي محمد حسين علوي“ جي هڪ ڪتاب تي سندس مھر ”محمد حسين“ لڳل ملي هئي جنھن ۾ 1176 هجري سن لکيل هو ۽ ان مھر هيٺان فارسيءَ ۾ عبارت لکيل هئي، جنھن جي آخر ۾ ”در شھر چنيجا، در پرگنہ چنيجا“ لکيل هو.
ڄام انيس الرحمان جو ڏاڏو ڄام وڏل دين ڪوريجو، چنيجن مان لڏي اچي پورڻ ۾ رهيو. هن پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول موري مان حاصل ڪري، مئٽرڪ 1980ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شھدادپور مان ڏنائين. انٽر سائنس پري انجنيئرنگ ــ مھراڻ ڊگري ڪاليج موري مان 1982ع ۾ پاس ڪيائين. ان بعد مھراڻ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ پڙهڻ ويو، جتان 1989ع ۾ مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ B.E جي ڊگري ورتائين. پاڻ 1994ع ۾ ٽريني انجنيئر طور سُئي سدرن گئس ڪمپني موري ۾ جوائن ڪيائين، موري ۾ سب زون مئنيجر رهيو، جتان 2 اپريل 2024ع تي رٽائر ڪيائين.
ڄام انيس الرحمان 1988ع ۾ ”سگا“ جو ميمبر بڻيو، جنھن بعد موري شاخ جو 91-1990ع ۾ صدر رهيو. ڄام انيس، ”سگا“ جو متحرڪ صدر هو، سندن سان گڏ جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ هو. سندن دؤر ۾ ”سگا“ پاران موري شھر کان علاوہ موري جي آس پاس جي مختلف ڳوٺن ۾ طبي ڪئمپون، موري ۾ چمڙي جي بيمارين جي ڪئمپ، ڳوٺ مناهيءَ ۾ ”جمعا ڪلينڪ“، ثقافتي تعليمي ميڙاڪا پڻ منعقد ٿيا. سندس دؤر ۾ فني/ هنري تعليمي سيمينار، بئڊمنٽن ٽورنامينٽون، بلڊ ڊونيشن ڪئمپون پڻ لڳيون.
ڄام انيس الرحمان، 91-1990ع ۾ ”سگا“ جو مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. سندس ڪوشش سان ”سگا“ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس 19 جولاءِ 1991ع تي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي صدارت هيٺ، مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ ٿيو هو. ڄام انيس الرحمان کي ”سگا“ ۾ خدمتن عيوض 1991ع ۾ ”سگا نشان“ ايوارڊ ڏنو ويو.