قانون دان، علمي، سماجي شخصيت ۽ موري جو مثالي چيئرمين جان محمد سرهيو ايڊووڪيٽ
حاجي جان محمد پرائمري تعليم، مين پرائمري اسڪول موري مان پرائي. سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ خواجہ هاءِ اسڪول نواب شاھہ ۾ داخلا ورتائين مگر ڪجهہ وقت کان پوءِ نوشھري مدرسہ هاءِ اسڪول ۾ اچي پڙهيو، جتان 1945ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. پاڻ وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي آيو، جتي انٽر جو امتحان پاس ڪيائين ۽ بي اي (آنرس) جي ڊگري 1949ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. (ياد رهي تہ ان وقت سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي ۾ هئي) 1951ع ۾ ايل ايل بي جو امتحان پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. حاجي جان محمد ڪجهہ وقت تعليمي شعبي سان پڻ وابسطہ رهيو ۽ ”سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج“ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجهہ سالن کان پوءِ موري اچي وڪالت شروع ڪيائين. جنھن بعد ڪجهہ وقت نواب شاھہ ۾ پرئڪٽس پڻ ڪيائين. ان کان پوءِ ڪجهہ ٽائيم ”سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد“ ۾ ليڪچرار رهيو، جتان بعد ۾ موري واپس اچي وڪالت شروع ڪيائين.
ايوب جي دؤر 1958ع ۾، موري کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو ڏنو ويو تہ 1959ع وارين ’بي ڊي جي چونڊن‘ ۾ محترم جان محمد صاحب ٽائون ڪاميٽي موري جو ميمبر چونڊيو ويو، جنھن بعد سرهئي صاحب چيئرمين جي سيٽ تي فارم ڀرايو، سندس مد مقابل عوامي اتحاد جو اميدوار محمد رمضان غوري هو، جيڪو جتوئي گروپ جو اميدوار هو پر محترم جان محمد سرهئي صاحب ان کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. اها سرهئي صاحب جن جي پنھنجي شخصيت ۽ سندن ڪردار هو.
جان محمد سرهئي صاحب، چيئرمين چونڊجڻ کان پوءِ شھر جي خوبصورتي، صاف سٿرائي ۽ ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو. موري جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ بھترين ڪم ڪيو. هن ٽائون ڪاميٽيءَ جي اندر تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا، واٽر سپلاءِ جو نظام جاري ڪيو، ٽائون ڪاميٽيءَ جي خوبصورت بلڊنگ تعمير ڪرائي، آفيسون ۽ هال تعمير ڪرايا. موري شھر جي چوڌاري ناڪا قائم ڪري، ناڪي منشي مقرر ڪري، شھر جي ٽائون ڪاميٽيءَ جي آمدني ۾ واڌارو ڪيائين. حاجي جان محمد عطار، موري جي ٽائون ڪاميٽي ۽ ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ٻہ دفعا چيئرمين رهيو. هڪ دفعو 1960ع کان 1965ع تائين ۽ ٻيو دفعو 1979ع کان
84-1983ع تائين. هن ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ لائبريريءَ جي خوبصورت بلڊنگ ٺھرائي، ان ۾ لائبريري قائم ڪئي. هن ٽائون ڪاميٽي موري جي گول بلڊنگ اندر وڏي سائيز جي ٽيليويزن هڻائي هُئي، جتي هر روز شام جو شھر جا ماڻھو اچي TV ڏسندا هئا.
حاجي جان محمد سرهئي، وڪالت کي ٿورو ٽائيم ڏنو مگر نوٽري پبلڪ جو گهڻو ڪم ڪيو. پاڻ ”سگا“ موري جي بنيادي ميمبرن مان هڪ هو، تحقيق دوران سندن ”سگا“ جو ميمبرشپ فارم ڏسڻ جو موقعو مليو، جنھن ۾ سندس ميمبر شپ نمبر يارهون ۽ سال 1976ع آهي. پاڻ ”سگا“ موري شاخ جو 1979ع ۾ ڪارباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. سرهيو صاحب ”سگا“ جو ايڪٽو ميمبر رهيو آهي ۽ سماجي ڪمن ۾ پڻ سرگرم هوندو هو. 1983ع ۾ جڏهن سائين قاضي نذير احمد صاحب جن ”سگا“ موري جي آفيس ۽ لائبريريءَ جي لاءِ ٽائون ڪاميٽي موري جي چيئرمين کي ٻہ ڪمرا ڏيڻ جي گذارش ڪئي تہ حاجي جان محمد نہ رڳو ”سگا“ موري کي ڪمرن ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ جي لائبريريءَ جا جيڪي ڪتاب هئا اهي سڀ ”سگا“ جي ’لطيف لائبريري‘ لاءِ ڊونيٽ ڪيا. حاجي جان محمد سرهئي صاحب کي اولاد ۾ هڪ پٽ حاجي غلام سرور سرهيو ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پاڻ 11 جون 2001ع تي وفات ڪيائين ۽ موري جي امام بارگاھہ جي ڀر ۾ سائين يار شاھہ جي مقام ۾ مدفن آهي.
