مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

محمد اسلم عباسي

تاريخ ھڪ اھڙو عمل آھي جنھن سان قومون توڙي سماج ۾ رھندڙ فرد پنھنجي ماضيءَ جي سماجي، معاشي، تھذيبي، تاريخي حالتن ۽ واقعن کان واقف ٿي مستقبل لاءِ نوان رستا دريافت ڪندا آهن. موري شھر جي انھن نوجوان سماجي ۽ علمي ادبي خدمتگارن مان اسلم عباسي پڻ هڪ اھڙو ڪردار آھي، جنھن سماجي خدمتن کان علاوہ سنڌي ادب جي دامن کي وسعت بخشي قابلِ تعريف ڪم فڪري تحقيق ۽ تاريخ تي مرتب ڪيل اھڙا ڪتاب ڏنا آھن، جيڪي ھر دؤر ۾ محققن کي بنيادي ۽ سٺو مواد پيش ڪن ٿا.
سماج سڌارڪ اسلم عباسي حاجي الھداد خان ڪلھوڙي جي گهر ۾ ڳوٺ علي بخش ڪلھوڙي ۾ 25 نومبر سال 1968ع تي جنم ورتو. بنيادي تعليم احمد شاھہ اسڪول مان سال 1978ع، مئٽرڪ ھاءِ اسڪول موري مان سال 1983ع، انٽر مھراڻ ڊگري ڪاليج موري مان سال 1986ع جڏھن تہ ايم. اي. اقتصاديات ۾ سال 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان حاصل ڪيائين. پاڻ لکڻ جي شروعات سال 1985ع کان شعري ادب سان ڪئي. سندس پھرين لکڻي ”مھراڻ“ اخبار ۾ سال 1986ع ۾ شايع ٿي. آزاد نظم ۽ ڪجهہ ٽيڙو لکڻ سان گڏ اسلم عباسيءَ نثر جي حوالي سان تاريخي ۽ تحقيقي مضمون پڻ لکيا آهن.
مھراڻ ڪاليج موري ۾ پڙھڻ دوران اسلم عباسيءَ جي پروفيسر قاضي نذير احمد سان علمي ادبي شناسائي کان پوءِ سال 1985ع ۾ غلام مرتضيٰ ميمڻ پاران جوڙيل سماجي تنظيم شاھہ عنايت سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو. پاڻ ھن پليٽ فارم تان ڪيترائي علمي ادبي سماجي ميڙاڪا ۽ رھاڻين جا پروگرام روشن تارا اسڪول ۾ ڪرايا. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جو ميمبر ۽ سال 1990ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري جو ميمبر رھڻ سان گڏ موجودہ وقت ’سگا‘ شاخ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آھي. اسلم عباسي مختلف شعبن ۾ نھايت ئي خلوص ۽ جذبي سان پاڻ ملھايو آهي. گذريل وڏي عرصي کان سنڌي ادبي سنگت شاخ موري ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري، سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي، مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۽ ٻين تنظيمن جي پليٽ فارم تان علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ڪمن ۾ سرگرم ۽ نھايت ئي اڳڀرو رهيو آهي. ’سگا‘ شاخ موري پاران علمي ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪن، محفلن، سيمينارن، ليڪچر پروگرامن، ڪتابي ۽ ثقافتي ميلن، نوجوانن جي شعوري آبياري ڪرڻ، سماجي علمي ادبي شخصيتن سان رهاڻيون، ورسيون، تعزيتي ميڙاڪن وغيرہ جهڙين سرگرمين کان علاوہ سماجي ڪمن جن ۾ چمڙي جي بيماريءَ، رت جي عطيي، اکين جي ڪئمپ، ھيپاٽائيٽس جي ڪئمپ، ٻوڏ دوران ستايل ماڻھن جي مدد ڪرڻ جھڙا ڪم شامل آهن. اِھو ئي سبب آهي جو کيس سماجي خدمتن عيوض ’سگا‘ پاران شاھہ لطيف ايوارڊ، محسن خدا آباد ايوارڊ، سنڌ رويو ڪراچي پاران سماجي ورڪر ايوارڊ ۽ سندس مثالي ڪارڪردگيءَ عيوض ’سگا‘ مرڪز پاران کيس گولڊ ميڊل ايوارڊ سان گڏ ٻيا بہ ڪيترائي مختلف ايوارڊ، شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.
اسلم عباسي سال 1993ع کان 1996ع تائين ماهوار ”پيپلز ٽائيمز“ ۽ 1997ع کان ڪافي عرصي تائين ”سنڌ رويو“ رسالي جو ايڊيٽر رھڻ سان گڏ ماھوار رسالي ”پيپلز ٽائيمز“ ڪراچي پاران يادگار سووينيئر پڻ ڇپايو. پاڻ تاريخ ۽ علم ادب سان لڳاءُ سبب ڪافي عرصي کان علمي ادبي ۽ تاريخي نوعيت جا سيمينار ڪرائڻ سان گڏ تاريخ ۽ ثقافت تي تحقيقي ڪتاب مرتب ڪيا آھن، جن ۾ ”ميان غلام شاھہ ڪلھوڙو سنڌ جو شاھہ جهان“ (سال 2002ع)، ”تخت گاھہ خداآباد“ (سال 2004ع)، ”ڪلھوڙا دؤر ـــ ھڪ مطالعو“ (سال 2006ع)، ”ضلعو نوشھرو فيروز: تاريخ جي آئيني ۾“ (سال 2007ع)، ”مورو: تاريخ ثقافت“ (سال 2011ع) شامل آهن. ان کان علاوہ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي Ph.D ٿيسز وارو ڪتاب ”ڪلھوڙا دؤر“ پڻ شايع ڪرايائين.
محمد اسلم عباسي ”سگا“ موري شاخ جو 1990ع ڌاري ميمبر ٿيو. پاڻ 92-1993ع، 94-1995ع، 96-1997ع، 98-1999ع، 04-2006ع، 09-2012ع ۽ 15-2012ع تائين ’سگا‘ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رھيو آھي. ان کان علاوہ اسلم عباسي ’سگا‘ موري شاخ جو ٽي ٽينيوير 15-2018ع، 18-2021ع ۽ 21-2024ع تائين ايڪٽو صدر رھيو آھي، جنھن ۾ ’سگا‘ مورو شاخ سنڌ جي سڀني شاخن ۾ متحرڪ شاخ رھي آھي. ھن پيرڊ ۾ موري شاخ اندر تمام گهڻا علمي، ادبي ۽ تاريخي پروگرام، ھرسال ٽي ڏھارا ڪتابي ميلو، ھرسال چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت اِسڪن ڪئمپ، سيمينار، تاريخ ساز شخصيتن جا ڏھاڙا وغيرہ ملھايا آھن. ان کان علاوہ موري شاخ ٻوڏ ۽ برساتن ۾ متاثرين جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪئي آھي. اھي طبي ڪئمپون ھجن يا متاثرين ۾ راشن ـــ مطلب تہ اسلم عباسي صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ ’سگا‘ موري شاخ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي ۽ سنڌ ۾ ناماچاري ماڻي آھي.
اسلم عباسي صاحب جو ’سگا‘ موري جي تاريخ تي ھڪ شاندار ڊاڪيومينٽ ”سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي مختصر تاريخ“ آھي، جيڪو ڪتاب 2018ع ۾ ’سگا‘ موري پاران شايع ٿي چڪو آھي. اسلم عباسي صاحب جي ’سگا‘ ۾ ڪيل شاندار خدمتن عيوض ’سگا ‘مرڪز پاران کين گولڊ ميڊل ايوارڊ 2020ع ۾ ڏنو ويو آھي. اسلم عباسي ھن وقت بہ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آھي ۽ شاخ ۾ متحرڪ رول ادا ڪري رھيو آھي.